مون ڪٿي پڙهيو آهي ته ونڊو 7 الٽميٽ / 2007 جيڪا مون وٽ به لڳل آهي تنهن کي جينوئن ڪري سگھجي ٿو ـ سو سنڌ سلامت جا دوست، سدائين وانگيان گائيڊ ڪن ته انهيءَ لاءِ ڪهڙو ڪارائتو سافٽ ويئرلڳائڻو پوندو ۽ ائين ڪرڻ سان ڪيترو فائدو ٿيندو؟ سائين اهو به ٻڌايو ته ڪيئن چيڪ ڪجي ته اسان جي هاڻوڪي ونڊو جينوئن يعني اصلي آهي يا نه ـ مهرباني ـ
محترم امرفياض لکي ٿو ته : ”مان چوريءَ جو پسٽول کڻي ڊي سي آفيس وڃان ۽ انهن کي چوان ته هن جو لائسنز ٺاهي ڌيو؟ (پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هڪ نه پر سوين ٺهي ويندا، پر ياد رکجو اهي سڀ ڪوڙا غير قانوني هوندا.) سو هي پوسٽ به ساڳي نموني جي لڳي ٿي. اوهان ڪنهن به ٽورينٽ تي وڃي لوڊر ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪريو، ونڊوز جا سڀ ڪي ايل ايم فائيل پنهنجو عرصو لامحدود ڪري ڇڏيندا... پر ياد رکجو اوهان جي ڪمپيوٽر جي سيڪيورٽي ڪنهن به حساب سان نه هوندي.“