• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جو خوش قسمت انسان

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
اين فورڊ نالي هي شخص هڪ تفريحي ٻيڙي تي سفر ڪرڻ دوران ٻيڙي تان لهي گهر آيو، جتي گهر پهچندي هي هن ٽي وي تي اها خبر ٻڌي ته اها ٻيڙي 193 مسافرن سميت ٻڏي وئي. 1992۾ هن ماڻهو پنهنجي زال سان گڏ هڪ ريسٽورنٽ ۾ منجهند جي ماني کاڌي، هن جي وڃڻ کانپوءِ عليحدگي پسند تنظيم آئي آر اي ان ريسٽورنٽ ۾ ڌماڪو ڪيو. 1995۾ هو جهاز هلائڻ سکي رهيو هو، هڪ ڏينهن معمول جي تربيت کانپوءِ هو پنهنجي گهر آيو ٻئي ڏينهن هن اخبار کولي خبر پڙهي ته جهاز سيکاريندڙ پائلٽ تربيت دوران جهاز حادثي ۾ مري ويو، جنهن جهاز جي هو تربيت وٺي رهيو هو اهوحادثو ان جي وڃڻ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ پيش آيو. ان کانپوءِ جهاز جا به وڌيڪ حادثا ٿيا جنهن ۾ هو ذري گهٽ بچي ويو. اها ڳالهه اتي ختم ته ٿي. جهاز حادثي کانپوءِ فورڊري ڪوريئر ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ ڏينهن هو پارسل کڻي هڪ عمارت ۾ ويو. ڪجهه دير کانپوءِ خبر پئي ته ان عمارت ۾ ڌماڪو ٿي چڪو آهي. اهي سڀ حادثا آهن جنهن ۾ هي خوش قسمت ذري ذري تان بچي ويو.
 
انهي شخص جي باري ۾ ڇا لکجي ؟؟؟
نصيب وارو يا جتي وڃي اُتي نقصان ٿئي !!!؟؟
بحرحال خدا جي جنهن ۾ رضا هوندي آهي اهو ئي ٿيندو آهي
اسان کي ته هي نصيب وارو نظر ٿو اچي حقيت خدا ئي ڄاڻي ٿو
 
Back
Top