جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
امريڪا جي ستارن جي ماهرن خلائي دوربين تان ورتل 20 لک تصويرون جوڙي ڪهڪشان ملڪي وي جي مڪمل تصوير تيار ڪري ورتي. ان تصوير کي گلمپس 360 جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جي پهريون ڀيرو نمائش گذريل ڏينهن ڪئناڊا جي شهر وينڪوور ۾ ڪئي وئي. ناسا جي ماهرن مطابق سموريون تصويرون خلائي دوربين اسپٽرز تي نصب انفرا ريڊ ڪئميرا تان ورتيون ويون آهن ۽ انهن جي مدد سان ٺاهيل ملڪي وي جي تصوير اسان جي ڪهڪشان جو هڪ منفرد نظارو پيش ڪري ٿي. ان تصوير جي مدد سان اسان پنهنجي ڪهڪشان جي سائيز جو وڌيڪ بهتر اندازو لڳائي سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته ۾ ان ۾ مفاصلن جي ماپ ڪهڪشان ۾ پکڙيل گئس بدران ستارن جي مدد سان ڪري سگهجي ٿي. نئين تصوير کي ڪمپيوٽر اسڪرين تي وڏو ڪري به ڏسي سگهجي ٿو.