علي ڪوفي ۽ سندس ترجمو ڪيل ڪتاب چچ نامو

'سنڌي ادب' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    مختيار احمد ملاح

    (1160ع – 1228ع)

    عربن جي دور ۾ سنڌي سرڪار جي زبان عربي هئي، سنڌ ۾ خلافت عباسيه جي ڪمزوريءَ سبب صوبائي گورنرن خودمختياري اختيار ڪري ڏني. بعد ۾هنباري خاندان جي دور حڪومت ۾ سنڌ بدامني جو شڪار رهڻ لڳي 1026ع ۾ محمود غزنوي هن گهراڻي جي آخري حاڪم خفيف کي شڪست ڏيئي منصوره تي قبضو ڪري ورتو. 1030ع ۾ شهاب الدين غوري به سنڌ تي ڪاهي آيو پر ڪامياب نه ٿيو. جنهن ڪري 1042ع ۾ وري سنڌ تي چڙهائي ڪيائين. ان ريت سنڌ تي غور، غزنوي ۽ غلام گهرائڻ جي حڪومت سڌي يا اڻ سنڌي ريت رهي. ناصر الدين قباچه 1206 کان 1228 تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندس گاديءَ جو هند ملتان هو. ناميارو تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو ته جيتوڻيڪ، ناصر الدين قباچه جو دور حڪومت ٿورو رهيو، ليڪن ان ٿوري عرصي ۾ هن ثقافتي لحاظ کان اهم ڪم سرانجام ڏنا. عالم، شاعر ۽ ادب جيڪي منگولن جي حملن کانپوءِ وچ ايشيا مان ڏي سنڌ آيا، انهن جي سرپرستي ڪيائين(حامد علي ڪوفي، ناصر الدين قباچه جي دور ۾ سنڌ آيو.

    چچ نامي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس نالو علي بن حامد بن ابوبڪر هو، بنيادي طور تي عرب هو، پر فارسيءَ تي پڻ عبور حاصل هئس. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس ولادت جي سال بابت لکي ٿو ته پاڻ چوي ٿو ته، سلطان ناصر الدين جي حڪومت جي دور ۾ آءُ پنهنجو اصلي وطن ڇڏي، اچي اُچ ۾ ڪو وقت رهيس. سن 613 هه ۾ منهنجي عمر 58 سال هئي. انهيءَ حساب سان چئبو ته هو 555 هه ۾ ڄائو. اهڙي طرح سندس وفات جي سال بابت لکي ته ”اسان ايئن سمجهون ٿا ته شايد علي ڪوفي 625هه کان اڳ وفات ڪئي. 613 هه ۾ هي ڪتاب ترجمو ڪيائين ۽ 625هه کان اڳ وفات ڪيائين.

    علي بن حامد ڪوفي، جنهن فارسي ۾ چچنامو ترجمو ڪيو، هن پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجا فارسي شعر به ڏنا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو قابل ذڪر شاعر به هو، ڪتاب ۾ شامل شعر ناصر الدين قباچه(وفات 1228ع) جي تعريف ۾ چيل آهن هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو.

    خسرو ملڪ خرم باد

    کل گيتي تر، مسلم ياد

    تاريخنويس گوبند خوشحالاڻي لکي ٿو ته ”1216ع ۾ هن سڀ سرگرميون ڇڏي، 58 سالن جي عمر ۾، طرح طرح جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. پڙهندي پڙهندي هو تواريخي واقعن ۽ ڳالهين کان متاثر ٿيڻ لڳو. جڏهن محمد قاسم جي سنڌ جي فتحيابيءَ ۽ ان سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ته هن سوچيو، ڇو ڪو نه ان بابت ڪو ڪتاب لکجي، ايئن هي سنڌ جي دوري تي نڪتو، الور، بکر ۽ ٻين شهرن مان گهمي آيو، الور ۾ هن جي ملاقات ڪيترن عربن سان ٿي. اتان جي قاضيءَ ( جو امام پڻ هئو) هن کي ٻڌايو ته محمد قاسم جي فتحيابي بابت عربيءَ ۾ سندس وڏن ڪافي ڪجهه لکيو آهي هن اها دستخط ورتي؟ جا سندن پيڙهي کان ٻي پيڙهيءَ جي هٿن ۾ ايندي ٿي رهي“. ايئن کيس عربي ڪتاب هٿ لڳو، جنهن کي هن فارسي ۾ ترجمو ڪيو.

    علي ڪوفي جي ٻين ڪتابن ۽ سنڌ ۾ رهائش بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته ”علي اصغر ٺٽوي چچ نامي جي مصنف علي ڪوفي جي ٻن ڪتابن ”تفقع الاسناد ۽ ڪتاب الانساب“ جو ذڪر آندو آهي، سيد محب الله شاھ پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ اهي حوالا ڏيندي علي ڪوفي جو سڄو نالو (علي پٽ حامد ابوبڪر ڪوفي) صحيح نه لکيو آهي، پر غلطيءَ مان علي بن ابراهيم ڪوفي لکيو آهي، پر هو کيس چچ نامي جو مصنف چوي ٿو. جيڪڏهن اهي حوالا ۽ نالا صحيح آهن ته پوءِ چئبو ته علي ڪوفي هتي بکر سنڌ ۾ ويهي نه فقط چچ نامي وارو ترجمو ڪيو، پر سنڌ جي شهرن ۽ نسب نامن جي بابت به ڪتاب لکيائين. ان مان هڪ گمان اهو به نڪري ٿو ته هو هتي سنڌ ۾ ويهي رهيو ۽ سنڌ کي پنهنجو گهر ڪيائين. بکر ۾ ته آيو وري پوئتي ڪو نه موٽيو ۽ پوءِ هتي ئي وفات ڪيائين“

    چچ نامي جو اصلي ليکڪ

    اسلامي دور ۾ ننڍي کنڊ ۾ تاريخ بابت لکيل هي پهريون ڪتاب آهي. جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب اصل عربيءَ آهي. اصل عربي ڪتاب 840 کان 1009 واري عرصي ۾ تاليف ٿيو ۽ علي ڪوفيءَ 1216ع ۾ ان جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. اصل ڪتاب ته هميشه غائب ٿي ويو ۽ ڪتاب جو اصل ليکڪ به نامعلوم آهي. ڪتاب کي مختلف نالن سان لکيو ويو آهي، جن ۾ ان جا نالا ”منهاج الدين والملڪ“ تاريخ منهاج المسالڪ“ فتح نامه السنڌ“، ” تاريخ الهند و سنڌ“ ”تاريخ نامه“، ” فتح نامه“ ” چچ نامو“ وغيره شامل آهن. اهڙي طرح اصل ڪتاب جو نالو هونئن ته نامعلوم آهي. انسائيڪلو پيڊيا وڪي پيڊيا وارا لکن ٿا ته چچ نامو قاضي اسماعيل لکيو هو جيڪو محمد بن قاسم جي فتح کانپوءِ الور جو پهريون قاضي مقرر ٿيو هو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي خيال ۾ ڪتاب مصنف جو نالو خواجه امام ابراهيم آهي، جنهن جو حوالو ڪتاب صفحي 151 تي ملي ٿو. گوبند خوشحالاڻي لکي ٿو ته ”چچ نامه“ مول ريت عربيءَ ۾ لکيو ويو هئو. ڪنهن اڀياسي عالم اهو نه لکيو، پر محمد بن قاسم جي ثقفي خاندان قبيلي وارن لکيو هئو. هو بکر ۾ اچي ٿا ئينڪا ٿيا هيا.ثقين ڪافي محنت ڪري مواد هٿ ڪيو. ائين به لڳي رهيو آهي ته هر ڪنهن ڀاتيءَ کي جيڪو ڪجهه مليو آهي. سو ان پنهنجي نموني جوڙيو آهي. هن کي حجاج ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت پڻ هٿ آيل ٿي لڳي“.

    بهرحال اهو بلڪل واضح آهي ته هن عربي ڪتاب کي علي ڪوفيءَ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن کي جڏهن سمورو مواد مليو ته هن ڪتاب کي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ ان ڪري به ويچارو ته خطي ۾ عربي کان وڌيڪ فارسي ڄاڻندڙ هئا. ان کان علاوه سندس مترجم کي ناصر الدين قباچه جي وزير عين الملڪ فخر الدين حسن بن ابي بڪر الاشهري جي قربت حاصل ڪرڻ هو، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب جو انتساب وزير جي نالي ڪيو آهي.

    چچ نامي جي تاريخي اهميت:

    هي ڪتاب سنڌ سميت پوري برصغر ۾ تاريخ بابت پهريون ڪتاب آهي. هن خطي جون باقي تاريخون هن ڪتاب کانپوءِ لکيون ويون آهن. ڇو جو پوءِ وارن ڪتابن جو بنيادي ماخذ هي ڪتاب آهي.

    عربيءَ کانپوءِ جيڪي فارسي ڪتاب لکيا ويا، انهن مان اڪثر ڪتابن ۾ سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت چچ نامو موجود آهي. 1843۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو ۽ سنڌ بابت ڪتاب لکڻ شروع ڪيائون. تڏهن به سنڌ بابت بنيادي ماخذ هنن چچ نامي تان ورتا. سنڌ ۾ هن ڪتاب کي مخدوم امير احمد ترجمو ڪيو آهي. پر ان جا سنواريل ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. اهڙي طرح سنڌي نامور محققن ڪيترائي مقالا چچ نامي بابت لکيا آهن.

    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد نمبر 4 ۾ لکيو ويو آهي ته جيئن ته هند ۽ سنڌ متعلق هي پهريون تاريخي ۽ تحريري دستاويز آهي. ان ڪري ننڍي کنڊ جي باري ۾ هن ڪتاب اندر مفيد معلومات موجود آهي. راءِ خاندان، برهمڻ خاندان ۽ عرب فتوحات بابت هي هڪ مفصل دستاويز آهي. هي ڪتاب نه هجي ها ته اڄ اسين اسلام کان اڳ واري سنڌ بابت گهڻي ڄاڻ ۽ معلومات کان قاصر رهجي وڃون ها.

    پير حسام الدين راشديءَ جي لکڻ مطابق ” هي سنڌ جي تاريخ جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ غير مسلم ۽ عرب دور جي تاريخ ملي ٿي“ هو وڌيڪ لکي ٿوته: جيتوڻيڪ ڪتاب قديم رنگ ۾ آهي ۽ واقعات تحقيق سان ڪو نه لکيا ويا آهن. تاهم ڪتاب جي اهميت تي ڪو اثر نه ٿو پوي پروفيسر حامد علي خانائي لکي ٿو ته ”هي ڪتاب سنڌ جي قديم ماخذن مان آهي ۽ سنڌ جي سرزمين تي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن جي حڪومت ۽ عربي فتوحات جو ذڪر تفصيل سان بيان ڪيل آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”عربي ۾ اوائلي تاريخ نويسن جو اهو اصول رهيو ته جيڪا ڳالهه لکجي ته مخلتف شاهدن کان ٻڌي لکجي ته جيئن اها ڳالهه وڌيڪ صحت ۽ سٺي نموني سان اچي وڃي. مدائني جي تاريخ نويسيءَ جو اهو اصول هو ۽ مدائني وارو مواد هن ڪتاب ۾شامل آهي. انهيءَ لحاظ کان هي فتح نامو هتان جي تاريخ بابت ڪتاب آهي، جيڪو اسان وٽ موجود آهي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ” هن ڪتاب جي ٻي اهم خوبي اها آهي، جو خود فارسي ادب ۾ هن ڪتاب جو وڏو درجو آهي. فارسي نثر جا جيڪي آڳاٽا ڪتاب آهن اهي نه فقط هتي اسان وٽ پر ايران ۾ يا سڄي دنيا ۾، تن مان هڪڙو ڪتاب هي آهي. علي ڪوفي جيڪو فارسي نثر لکيو آهي، سو لاجواب لکيو اٿس. ايڏو سادو، ايڏو سليس، ايڏو عجيب آهي جو حيرت ٿئي ٿي ته هن، انهيءَ طريقي سان ڪيئن نڀايو! اصل عربي عبارتون، يعني اهي عبارتون جيڪي بلا ذري، طبري ۽ ٻين جون آهن، سي اسانجي آڏو آهن، انهن کي علي ڪوفي فارسيءَ ۾ جنهن نموني سان ادا ڪيو آهي ته تنهن ۾ واقعي ڪمال ڪيو اٿس.

    ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب مطابق چچ نامو اها مشهور معروف تاريخ آهي، جيڪا برهمڻ چچ پاران راءِ سهاسيءَ جي راڄ ڦٻائڻ ۽ عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ واري حال احوال تي مشتمل آهي. هيءَ تاريخ اهڙي نالي جو ڪو به ذريعو ڪو نه ٿي ٻڌائي.

    گوبند خوشحالاڻي لکي ٿو ته: فتح جو سمورو ورتانت قصي ڪهاڻي وانگر ڏنل آهن. نتيجن ڪتاب نه ته ڪا جيون ڪهاڻي ۽ نه وقت جو ريگيولر تاريخي بيان. عام جيون بابت ڪجهه لکيل نه آهي، نه سماجڪ ريتن رسمن بابت نه ئي، اقتصادي يا سڀيتڪ حالتن بابت باقي لڙاين ۽ ان سان وابسطه ڪارنامن جو تفصيلوار بيان آهي.

    چچنامي بابت مائونٽ اسٽوئرٽ ايلفٽس جو چوڻ آهي ته، ان ۾ محمد بن قاسم جي حملي (سنڌ تي) وقت جيڪي ڪجهه وهيو واپرايو هو، تنهن جو کانئس اڳ جي ڪن هندو راجائن جو تفصيلي ۽ هڪ ڪهرو بيان آهي“ سر هينري ايلئٽ چچنامي کي اهڙي تصنيف مڃي ٿو، جنهن ۾ برهمڻ چچ جي غاصبي سنڌ تي عربن جي فتح جو تفصيل ڏنل آهي.

    چچنامي ۾ راءِ، برهمڻ ۽ عرب دورن جي زماني جا آيل لفظ:

    عربن جي دور ۾ سنڌي ۽ عربي زبانون هڪ ٻئي کي ويجهو آيون، سنڌ زبان خاص طور تي عربي زبان جو گهڻو اثر قبول ڪيو، سنڌ جي علم، ادب ۽ تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيا ويا. جن ۾ ڪيترائي سنڌيءَ جا لفظ ۽ فقرا ملن ٿا. جيڪي اڄ به سنڌي زبان ۾ جيئن جو تيئن موجود آهن.

    فتح اسلام کان اڳ جي سنڌي ٻوليءَ جا ڪي الفاظ ۽ فقرا جيڪي ڪتاب فتحنامي ۾ موجود آهن

    قبيلن جا نالا:

    لاکا، ٺڪر، جت، سما، ڪاڪا، چنا، سهتا، اگهم، لوهاڻا، ڀاٽيه وغيره. اهي اڄ به ساڳين نالن سان موجود آهن.

    ماڻهن جي نالن مان خاص سنڌي نالا:

    سيهاراس (سيهڙو يا ساهر)، چندر، (چنڊ)، ڏاهر، موک(موکيو)، بسايه(وسايو)، وڪيه(وڪيو) ڪاڪه ( ڪاڪو) اڄ به موجود آهن.

    ندين ۽ واهن جي نالن سان:

    مهراڻ، جلوالي(جراري)، ساڪرھ، موج ۽ ارل نالا ڏنل آهن، ڪنب، ڍنڍ ۽ ٻيٽ جا لفظ به آيل آهن.

    ايراضين ۽ شهر جا نالا:

    بلهار(ولهار)، ساوندي(ساوڙي)ودهاتيه، جهم، ڪرهل، ۽ دهتايت

    اضافي ترڪيبو:

    دنده وڪر بهار( وڪه بهار جي ڍنڍ)، ڪاڪا راڄ (ڪاڪا جو راڄ)، کارمٽي(کاري مٽي)، ند مٽي (نديءَ جي مٽي)، بدرگو (ٻڌرکو يعني ٻڌ جي پٽ جي رکيا ڪندڙ)

    جانورن جا نالا:

    جهنگ، ٻلو، جند، جهرڪي، بٽ، تتر، ورس ول ٿر ٻاٻيهو وغيره.

    چچنامي ۾آيل مٿين لفظن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته راءِ، برهمڻ ۽ عربن جي دورن ۾ نج سنڌي آوازن ۽ اچارن لاءِ عربي ۽ فارسي حرفن ۾ ڦير ڦار جي ترڪيب ان ئي دور ۾ شروع ٿي چڪي هئي.

    ڪتاب مان ڪجهه اقتباس

    هو راجا ڏاهر سان محمد بن قاسم جي سيوستان واري جنگ لاءِ لکي ٿو ته :

    ” محمد بن قاسم مناسب جڳهه تي منجنيقن هڻڻ ۽ جنگ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. شمنين بجهراءِ کي گهڻو ئي روڪيو ته هن لشڪر سان تنهنجي پڄڻ جي ڀيڻي ڪانه آهي، تون سندن ڪو مقابلو ڪري ڪو نه سگهندين. تنهنجي اجائيءَ هوڏ ڪري ماڻهو ۽ سندن ملڪيتون ناس ٿي وينديون جڏهن راجا رعيت جي صلاح ٻڌڻ نه چاهي ته شمنين محمد بن قاسم ڏانهن ماڻهو موڪليو ته ”سموري رعيت، جهڙوڪ هاري ڪاريگر، واپاري ۽ عام ماڻهو بجهراءِ کان ڀڄي پري ٿي ويا آهن ۽ سندس چئي آکئي ۾ ڪو نه رهيا آهن وٽس ته ايترو جنگي سامان آهي نه وري ايڏي گهڻي فوج آهي جو توسان مقابلو ڪري سگهي.“

    جڏهن مسلمانن سيوهڻ کي فتح ڪيو ته اتان بجهراءِ جي نڪري وڃن لاءِ لکي ٿو ته ” جڏهن بجهراءِ سيوستان جي اطاعت قبول ڪئي. محمد بن قاسم قلعي اندر داخل ٿيو ملڪي ڪاروبار هلائڻ واسطي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيائين ۽ ڀرپاسي واري جوءِ به انهن پنهنجن ڪامورن جي حوالي ڪئي. هن سون، چاندي، زيور ۽ روڪ پئسو جتي به ڏٺو ماڻهن کان ڦري لٽي هڪ جائتو ڪيائين. لشڪر جو حصو ۽ حق لشڪر کي ورهائي ڏنائي. باقي پنهنجو حصو حجاج جي خزاني حوالي ڪيائين.

    عرب فوجون نيرون ڪوٽ ڪيئن پهتيون ان لاءِ لکيو ويو آهي ته ” پوءِ محمد بن قاسم منزلن پٺيان منزلون ڪندو اچي نيرون جي قلعي ۾ پهتو جيڪو هڪ ٽڪريءَ تي اڏيل آهي، ان جي ڀرسان هڪ تلاءُ آهي. جنهن جو پاڻي عاشق جي اکين کان وڌيڪ صاف آهي. چوڏس چراگاھ، ارم جي باغ کان وڌيڪ وڻندڙ ڏسبا هن اتي اچي منزل ڪئي ۽ حجاج بن يوسف ڏانهن خط روانو ڪيو.“

    چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڪجهه سردارن ڏٺو ته راجا ڏاهر عربن هٿان هارجي رهيو آهي، ته انهن مان ڪيترائي اچي محمد بن قاسم سان گڏيا، ان لاءِ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ”

    ”چيو وڃي ٿوته جڏهن ڏٺو ويو ته راءِ ڏاهر جا تابعدار ۽ لاڳپي وارا ماڻهو ٻانهن واري قطار ۾ ڪو نه آهن ته شهر جي مکين کان سندن پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته انهن مان ڪنهن به سندن متعلق ڪو نه ٻڌايو. ٻئي ڏينهن اٽڪل هزار برهمڻ، پنهنجا مٿا، ڏاڙهيون ڪوڙائي محمد بن قاسم وٽ اچي حاضر ٿيا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا مونکي هن ڪتاب جي ضرورت آهي اگر ڪٿان آن لائن ملي سگهي ته رهنمائي ڪندا سليمان وساڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو