او پرين! ڏس، تنهنجي بيوفائي جي درد کي بي ساکيون بنائي مون ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ شروع ڪيون آهن. اهي بلنديون جيڪي منهنجي سگهه ۽ ست کان سوين ميل ڏور هنيون جن تي پهچڻ ته پري ،پر سندن تصور به منهنجي سوچ جي دائري کان ايترو پري هو جيترو ڪنهن اپاهج جو ڪنهن ڊوڙ ۾ ڊوڙي ڪو تمغو ماڻڻ جي تمنا. مگر اي پرين ! ڏس تنهنجي دنيا جي آسمان جو چمڪندڙ چنڊ منهنجي دل جي چڪور ڏي اُڏامندو اچي پيو هي ڪائنات جي وسعت هي آسمان جون بي انت بلنديون هڪ وک کان وڌيڪ نه آهن.جڏهن چاهيان تن کي عبور ڪري ڪا نئين دنيا آباد ڪري سگهان ٿو . پر ڊڄان ٿو ته ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي مست خيالن ۾ تنهنجي وڇوڙي جا وَڍَ پنهنجا چڪندڙ احساس نه وڃائي ويهن.،جن جا وجود کي وڍيندڙاحساس ئي منهنجو اثاثو آهن جن منهنجي جسم ۽ جذبن کي جِلا بخشي منهنجن بي سمت سوچن کي سگهه ۽ سمت عطا ڪئي آئون نٿو چاهيان ته منهنجي هستي تنهنجي سوچن جي سنگهرن کان آزاد ٿي پنهنجو توازن قائم رکي نه سگهي، ۽ آئون هڪ بار وري تنهنجي بي رخي جون بخشيل بي ساکيون وڃائي ڪنهن معذور جو موت مران. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي بُڪيرا شريف E-mail: skhadimdadahi@yahoo.com