دَردَ جون بي ساکيون

'سنڌي ادب' فورم ۾ سيد خادم سبحان ڏاڏاهي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2015۔

  1. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    او پرين!

    ڏس، تنهنجي بيوفائي جي درد کي بي ساکيون بنائي مون ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ شروع ڪيون آهن.
    اهي بلنديون جيڪي منهنجي سگهه ۽ ست کان سوين ميل ڏور هنيون جن تي پهچڻ ته پري ،پر سندن تصور به منهنجي سوچ جي دائري کان ايترو پري هو جيترو ڪنهن اپاهج جو ڪنهن ڊوڙ ۾ ڊوڙي ڪو تمغو ماڻڻ جي تمنا.

    مگر اي پرين ! ڏس تنهنجي دنيا جي آسمان جو چمڪندڙ چنڊ منهنجي دل جي چڪور ڏي اُڏامندو اچي پيو هي ڪائنات جي وسعت هي آسمان جون بي انت بلنديون هڪ وک کان وڌيڪ نه آهن.جڏهن چاهيان تن کي عبور ڪري ڪا نئين دنيا آباد ڪري سگهان ٿو . پر ڊڄان ٿو ته ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي مست خيالن ۾ تنهنجي وڇوڙي جا وَڍَ پنهنجا چڪندڙ احساس نه وڃائي ويهن.،جن جا وجود کي وڍيندڙاحساس ئي منهنجو اثاثو آهن جن منهنجي جسم ۽ جذبن کي جِلا بخشي منهنجن بي سمت سوچن کي سگهه ۽ سمت عطا ڪئي
    آئون نٿو چاهيان ته منهنجي هستي تنهنجي سوچن جي سنگهرن کان آزاد ٿي پنهنجو توازن قائم رکي نه سگهي، ۽ آئون هڪ بار وري تنهنجي بي رخي جون بخشيل بي ساکيون وڃائي ڪنهن معذور جو موت مران.

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    بُڪيرا شريف

    E-mail: skhadimdadahi@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خادم سائين ڀليڪار

    سهڻا احساس ... وڻيا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تمام بهترين خيال
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو