جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
ايم بي عرساڻي
جڏهن شيطان الله تعاليٰ جي حڪم جي انحرافي ڪندي حضرت آدم عليه سلام کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته الله تعاليٰ کيس نڪري وڃڻ جو حڪم ڪيو، جنهن تي ان عرض ڪيو ته مان وڃڻ لاءِ تيار آهيان، پر مونکي قيامت تائين زنده رک ته جيئن مان آدم جي اولاد کي گمراهه ڪري آدم کان پلاند وٺان، الله تعاليٰ سندس دعا قبول ڪندي چيو ته توکي موڪل آ، جيڪي منهنجا هوندا سي گمراهه ڪونه ٿيندا. بس ان وقت کان ڏوهن جي شروعات ٿي وئي ۽ قابيل هٿان سندس ڀاءُ هابيل جو قتل ٿيڻ شايد پهريون ڏوهه هجي. پوءِ جئين جئين انسانن جو تعداد وڌندو ويو تئين تئين ڏوهن جا قسم ۽ طور طريقا به وڌندا ويا، اهڙي نموني رشوتخوريءَ جنم ورتو، جنهن جي وجود جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر جيڪي مونکي نظر اچن ٿا، سي هي آهن:
سنڌ حڪومت جي سربراهه لاءِ ته اهو مشهور ٿي ويو آهي ته ان برائيءَ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي آهي ۽ چڱو ڪم ڀلي ڀلائي به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اهو ته ذڪر ٿيو ٻن پارٽين جو، پر جيڪي پارٽيون اسٽيٽسڪو جون مخالف آهن انهن جو به اهو حال آ جو گذريل دؤر ۾ حڪمرانن کي چورن چڪن کانسواءِ نه سڏيندا هئا، هاڻي وري نواز دشمنيءَ ۾ انهن کي چڱو پيا سڏين ۽ کين نواز شريف کي لاهڻ لاءِ پاڻ سان ملائڻ لاءِ منٿون پيا ڪن.
(i) جزا ۽ سزا جي ڪمي
اڳ ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ملازمن کي سرٽيفڪيٽ، انعام اڪرام، ايڊوانس انڪريمينٽون ۽ ترقيون ملنديون هيون، جڏهن ته خراب ڪارڪردگيءَ تي سزا ملندي هئي، پر هاڻي قانون اُبتا ٿي ويا آهن، جيتري رشوتخوري ۽ چمچاگيري ڪبي اوترو فائدو ملندو، انڪري چڱا ماڻهو به مجبور ٿي لهي پيا آهن.
(ii) پروموشنن جو پوليس آفيسرن ۽ ڪيڊر پوسٽن تائين محدود هجڻ:
جڏهن ماڻهوءَ کي اڳتي وڌڻ جو آسرو هوندو آهي ته اهو ڪوشش ڪندو آهي ته اهڙا ڪم نه ڪريان جيڪي منهنجي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، پر هتي ته اهو حال آهي جو پروموشن صرف پوليس آفيسرن ۽ ڪيڊر آفيسرن مثالطور ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيڪشن آفيسرن لاءِ مخصوص آهن، انڪري جن آفيسرن کي ترقين جو آسرو گهٽ آهي انهن کي پنهنجي نوڪري ۾ دلچسپي نسبتن گهٽ رهي ٿي. ان سوچ جو سڀ کان وڏو مثال تپيدار ۽ ٽي ايم اوآهن.
(iii) اينٽي ڪرپشن ۾ پوليس ۽ روينيو آفيسرن جون مقرريون.
جڏهن معاشري ۾ ڪرپشن نه هجڻ برابر هئي تڌهن به پوليس کاتي جا صوبيدار ۽ روينيو کاتي جا تپيدار رشوت وٺندا هئا، ان جي باوجود به رشوت ٽوڙ کاتي جي چيئرمن ۽ ڊئريڪٽرن جون پوسٽون روينيو ۽ پوليس آفيسرن لاءِ مخصوص ڪيون ويون، جنهن ڪري اهو حال ٿيو آ جو رشوت خور چوندا آهن ته لٽيو ملڪ کي، هن وقت تائين رشوت کائڻ تي ڪنهن کي سزا ملي آ جو اسان کي ملندي؟!
(iv) پگهارون نه وڌڻ:
انگريزن جي دؤر ۾ پٽيوالي، چوڪيدار، ٻاريءَ واري ڦاٽڪ واري، ڪوٽار ۽ ڪانٽي واري جي شروعاتي پگهار سون جي تولي برابر رکي ويندي هئي، جيڪا سالياني انڪريمينٽ لڳڻ سان مهانگائي مطابق وڌندي رهندي هئي، پر پاڪستان ٺهڻ بعد اهو رجحان گهٽجي ويو 19هين گريڊ جي پگهار وڃي سون جي تولي برابر بيٺي آهي ، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ته ملازمن جا دشمن آهن، انڪري اهي بجليءَ جي بلن ۽ ٻين خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿڙيون هڻڻ واري عمل کي مجبوري ۾ حرام کائڻ جو نالو ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن کي مناسب پگهارون ڏنيون وڃن ته ڪي اهڙا به ٿي سگهن ٿا جيڪي سندن اداري ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي خاتمي جو سبب بڻجن.
(v) سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون اڻپوريون سهوليتون هجڻ:
اسانجي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهوليتون نه هجڻ برابر آهن، جنهن جو احساس خود سرڪار کي به آهي، جنهن ڪري سوئي گئس ۽ ڪجهه ٻين ادارن جي ملازمن ۽ سندن ويجهن مائٽن لاءِ آغا خان ۽ ٻيون اسپتالون پينل تي رکي ڇڏيون آهن، جڏهن ته باقي ملازمن کي ڳرا خرچ برداشت ڪرڻا پون ٿا، جن لاءِ سندن پگهار نا ڪافي هوندي آهي، جنهن ڪري هو آسيرا پاسيرا ڪم ڪرڻ لاءِ مجبو ٿي پوندا آهن.
(vi) تعليم جو اڻپوريون سهوليتون:
سنڌ ۾ سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليم جون سهوليتون به ناڪافي آهن، ميڊيڪل، انجنيئرنگ وغيره جي شعبن لاءِ هر ضلع جي ڪوٽا مقرر ٿيل آهي، جنهن ۾ سالن کان اضافو نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اهڙن شعبن ۾ داخلا جي خواهشمندن کي خانگي يونيورسٽين يا سيلف فنانسنگ وارن ادارن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جن جي خرچن جي پورا لاءِ ملازمن کي هٿڙي هڻڻي پوي ٿي.
(vii) سيڪريٽرين، دپٽي ڪمشنرن، ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز کان پڇاڻو نه ٿيڻ.
اسانجي سول سروس جو اهو حال آهي جو سڄو نظام سروس، جنرل ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي حوالي آهي، جنهن ۾ صرف سيڪشن آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ڀرتي ٿيندڙ ئي مقرر ٿي سگهن ٿا، انڪري اهي هڪ ته هر اهم ۽ پيسي واري پوسٽ پنهنجي کاتي وارن آفيسرن کي ڏياريندا آهن ۽ ٻيو ته انهن کان پڇاڻو ڪرڻ کي گناهه ڪبيرا سمجهندا آهن، جنهن ڪري اهي بي ڊپاٿي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪندا آهن،جنهن جو تازو مثال ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن جو مختلف مڪاني ادارن جو ايڊمنسٽريٽر بڻجڻ آهي.
پوليس کاتي جي اسٽڪچر تي به غور ڪبو ته اها به فوج وانگر آزاد لڳندي سڀ اختيار آءِ جيءَ وٽ آهن، جيڪو پوليس ڪيڊر جو 22هين گريڊ جو آفيسر هوندو آهي جڏهن ته هوم سيڪريٽري 20هين گريد جو هوندو آهي، پوءِ 22هين گريڊ جو هٿياربند 20هين گريڊ واري جي ڇو ڪاڻ ڪڍندو؟ جنهن ڪري ان کاتي جا وڏا آفيسر آزاديءَ سان ڦر لٽ ڪري، رٽارئر ٿي ڊفينس ۾ بنگلا وٺي رهندا آهن.
ان آزار ڪري ادارا وڃن ٿا ڏينهون ڏينهون وڌيڪ تباهه ٿيندا، تڏهن ته حضرت علي عليه السلام فرمايو هو ته جنهن شي کي ٺاهي نه ٿا سگهو، ان کي وڌيڪ نه بگاڙيو، پر افسوس جو اسان مسلمان ٿي ڪري پنهنجي ڀلائي ئي ان حڪم جي انحرافي ۾ ٿا سمجهون. ٻيو ته ڇا اهي به نه ٿا مڙن، جيڪي سندن اولاد ٿا سڏائين، ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي اڃا به زور هجن.
(روزانه سنڌ جي ٿورن سان)

- آدمشماريءَ جو وڌڻ ۽ وسيلن جو اُن رفتار سان نه وڌڻ.
- سائنسي ايجادون:
- مذهب ڏانهن لاڙو گهٽجڻ.
- 4. پاڻ کي مٿانهون ڏيکارڻ جو رجحان.
- معاشري ۾ بري ڀلي جي تميز نه هجڻ:
- راتورات امير ٿيڻ جو لاڙو.
- پيٽ نه ڀرجڻ:
- سياستدانن جو ڪردار:
سنڌ حڪومت جي سربراهه لاءِ ته اهو مشهور ٿي ويو آهي ته ان برائيءَ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي آهي ۽ چڱو ڪم ڀلي ڀلائي به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اهو ته ذڪر ٿيو ٻن پارٽين جو، پر جيڪي پارٽيون اسٽيٽسڪو جون مخالف آهن انهن جو به اهو حال آ جو گذريل دؤر ۾ حڪمرانن کي چورن چڪن کانسواءِ نه سڏيندا هئا، هاڻي وري نواز دشمنيءَ ۾ انهن کي چڱو پيا سڏين ۽ کين نواز شريف کي لاهڻ لاءِ پاڻ سان ملائڻ لاءِ منٿون پيا ڪن.
- 58 ٽوبيءَ جو خاتمو:
- فوجي سربراهن جو ملڪ بجاءِ جمهوريت ڏانهن لاڙو.
- بدانتظامي.