• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻڌي ڪريوهڪ ٿي وڃوان سان جنهن کي اڪثريت ڏياري هر سنڌي ٿيڻ چاهي ٿو ڇو جو هي مسئلو آهي سنڌ جي بقا جو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
  1. نشن جي عادت، موالي ڪلچر، ڊريس ڪوڊ ۽ اُن جي آڙ ۾ ڏنل هر شيءِ ڦٽي ڪري سنڌ بچايو!
    10686921_10205251948159062_2655918575284297708_n.jpg
نشن جي عادت، موالي ڪلچر، ڊريس ڪوڊ ۽ اُن جي آڙ ۾ ڏنل هر شيءِ ڦٽي ڪري سنڌ بچايو!
جيستائين توهان گهرن جي سنڌي غدارن کي نه سڃاڻي سگهندئو ۽ انهن جا باغي نه بڻبئو ! جن توهانجي معصوميت جو فائدو وٺي توهانکي ڪنهن به طريقي جي چال هلي (مذهبي، سياسي، سماجي، معاشي) اوهانجي ذهنن کي غلام بڻائي پنهنجي مفادن جي شيلڊ بڻايو آهي ۽ ڌارين سان سودي بازي ڪري سموري سنڌ سندن حوالي ڪئي آهي! کان آزادي نه وٺندئو ته توهان هڪ آزاد سنڌي هرگز نه بڻبئو! ۽ پوءِ پناهگير ايندا ويندا ۽ انهن غدار وڏيرن جي معرفت اوهان جا وسائل قبضي ۾ ڪري هڪ ڏينهن اوهان کي به ڦٽو ڪري سنڌ بدر ڪندا جيئن سنڌ جي اصل مالڪن ديوانن (واڻين کي) ڪيو ويو! اڪثريت آباديءَ جا ڪليم ته هيئنر ٿي ٿي ويا آهن ۽ سنڌ سرڪار به خاموش آهي ته اها اوچتو اڪثريت آبادي ڪيئن ٿي ۽ شهرن جا گندا نالا، ويران ٻنيون، پلاٽ راتو رات ڪيئن آباد ٿي ۽ پوءِ آبادي نون ٽائونن ۽ ڪائونسل ۾ وسي وڃي ٿي ۽ غير پاڪستاني پاڪستاني ٿي وڃن ٿا، شهرن جو ڪاروبار مارڪيٽون انهن غير پاڪستانين کي روزگار ڏئي پُختو ڪري ٿي جيڪي ڪنهن به شڪل، ڳالهائيندڙ زبان ۽ ڊريس ڪوڊ ۾ پاڪستاني ڄاوا نٿا لڳن ۽ سرڪار خاموش آهي خوف ۾ تي ٽارگٽ ڪلنگ نه بڻجي. (سوچيو) متان پوءِ ڌڪيلي ڪڍجڻ واران ديوانن وانگ سُڀاڻ توهان کي به سنڌ ياترا لاءِ ويزا وٺي اچڻو نه پوي، خدارا ٻڌي ڪريو ! هڪ ٿيو! سنڌ خطري ۾ آهي ! سنڌ دشمنن ۽ دوستن ۾ ڀيٽ ڪريو ! جنهنکي سنڌي اڪثريت پنهنجو سمجهي ٿي ۽ اڪثريت ڏياري ٿي ان جا رستا نه ڪٽيو پر ٻانهه ٻيلي ٿي گڏ رهي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين جو ڀلي حساب ڪتاب رکو ! پر ڊُشمنان سنڌ جا ڀائيوار نه بڻو !

پنهنجي وطن (سنڌ)، ٻولي (سنڌي) تهزيب، ڪلچر، تمدن (انڊس سولائيزيشن) جي حفاظت ڪريو ! رُڪاوٽ بڻجي سامهون اچو ڀلي سامون ڪو سنڌ جوئي ۽ ڪو پنهنجو غدار وڏيرو ڇو نه هُجي يا ڪو پناهگير، جنهن تي اوهان احسان ڪيو، جنهن ۾ انسانيت ناتي توهان روح وجهي توهان اُٿاري بهاريو ۽ پنهنجي پيرن تي کڙو ڪيو ۽ حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنهُ جو اهو قول وساري ويٺا ته، (جنهن تي احسان ڪريو، اُن جي شر کان بچو) ۽ پوءِ سنڌي وڏيرن ۽ ڀوتارن، پنهنجن کي بُکيو، بيگهر رکي، نظر انداز ڪري سنڌ جي هر شيءِ هر وسيلو اُنهن جي حوالي ڪيو ته هو سندن ووٽ بينڪ بڻجن پر ڪونه ٿيو، هو گهڻا چالاڪ هُئا. هُو جيڪو اڄ به سڀ ڪُجهه هٿ ۾ رکي ڍٽائي سان اکيون اکين ۾ وجهي چوي ٿو ته هو محروم رهيو ۽ رکيو ويو آهي ۽ هندستان، برما، بنگلاديش، سري لنڪا ۽ ٻين مُلڪن مان پنهنجي قوم جا گهُرائي، ڪوڙن تعليمي سندُن، ڊوميسائلن، شناختي ڪارڊن، برٿ سرٽيفڪيٽن سان ، سنڌ جون صوبائي توڙي وفاقي نوڪريون هٿ ۾ رکي، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن بلخُصوس حيدرآباد، سکر، ميرپورخاض ۽ ڪراچي ۾ اڪثريت آئي، پوري سنڌي قوم کي اڪليت ۾ بدلائي ويٺا آهن. اهي غير قانوني ڊاڪومينٽس ٻين نه پر خود سنڌي وڏيرن ۽ اُنهن جي ڇاڙتن، رُشوت يا سياست ڪري کين ڏياريا آهن ۽ اُهي جيڪي عوام جون دليون نه وٺي سگهيا هُئا پر اسٽيبلشمينٽ جي پُڇن ۾ ويهي سياسي بڻيا آهن ۽ اهو سڀ ڪُجهه ڪندي، پاڪستان ، هندستان جي بارڊرن تان ۽ ٿر عمر ڪوٽ جي بارڊرن تان پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ ۾ ڊڪٽيٽرن سان ملي سنڌ جي مُفادن خلاف ڪم ڪندا اچن ۽ گڏوگڏ مانگر مڇن وانگر اکين مان ڳوڙها به ڳاڙين پيا. ڪو غيرتمند سنڌي، کيس ڀيٽ ڪري ڳڻائڻ وارو نه آهي ته هُن وٽ پاڇي ڇا آهي ۽ ٻين غريب سنڌين وٽ ڇا آهي ۽ پوءِ به اڃا به ڊپلوميٽڪ ٿي پيو هلي، دهشت کان يا ڪنهن جي زور ۽ صد تي، ته بهادر بڻجو ۽ کوليو، پڌرو ڪريو ته توهانجو ڇا ڇا کسيي هُن کي ڏنل آهي ۽ توهان وٽ ڇا پاچي آهي، بُک، افلاس، ڪکن وارا گهر ته دُنيا به ڏسي انصاف سان چئي ته محروم ڪير ڪيل آهي، پڪن گهرن ۽ محلن ۾ رهڻ وارا ، ٽرانسپورٽ، پلاٽن، نوڪرين علمي ادارن ۾ قابض يا ڪچن گهرن ۽ جهوپڙين ۾ ، غربت ۽ مُفلسيءَ ۾ رهڻ وارا.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top