هڪ گاڏي جو مستري هڪ ڪار جي موٽر مان سيلينڊر هيڊ ڪڍي رهيو هيو۔۔۔ ته هن ڏٺو ته هڪ ته سندس گيريج تي هڪ مشهور دل جو ڊاڪٽر اچي رهيو آهي۔۔۔ ڊاڪٽر ڀرسان ئي اچي بيٺو ۽ سروس مينيجر جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو۔۔۔ جنهن کي هُو پنهنجي ڪار جي نقص بابت ٻڌائي سگهي۔۔۔
مستري ڪم ڇڏي اٿيو ۽ ڊاڪٽر سان دعا سلام ڪيائين۔۔۔ ”ڊاڪٽر صاحب اسلام عليڪم۔۔۔! ڇا حال آهن ۔۔۔ ٿورو هن ڪار طرف ته اچو۔۔۔۔“
ڊاڪٽر وعليڪم سلام چوندي مستري طرفان ٺهندڙ ڪار طرف آيو ۔۔۔
مستري ڪپڙي سان هٿ صاف ڪندي گاڏي طرف آڱر کڻي مثال ڏيندي چيو ۔۔”ڊاڪٽر صاحب هن گاڏي کي ڏسو ۔۔۔ مون پڻ هن گاڏي جي دل کي کوليو آهي۔۔ ۽ دل جا والوَ کوليا آهن پراڻن حصن کي ڪڍي نوان پرزا لڳايا اٿم۔۔ ۽ جڏهن ڪم مڪمل ڪري گاڏي هلائيندس ته گاڏي نئين تبديلي سان بهتر حالت ۾ ڪم ڪندي۔۔۔ پوءِ ڇو توهان منهنجي مقابلي ۾ وڌيڪ رقم وٺندا آهيو ۔۔۔ جڏهن ته اسان ٻنهي جو ڪم بنيادي طور ساڳيو آهي۔۔۔ ؟“
ڊاڪٽر هڪ دفعو مستري کي ڏٺو ۽ اعتماد سان چيائين۔۔۔
”اهو ساڳيو ڪم تون تڏهن ڪري ڏيکار جڏهن انجڻ هلي رهي هجي۔۔۔۔ “