• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد فاضل راهو جا قاتل ڪير آهن؟

خون ۽ خوشبو ڪڏهن به لڪي نه سگهندا آهن..شهيد فاضل راهو جا قاتل ڪير آهن؟ وقت پاڻهي پردو پيو کڻي.
سنڌ جي سورهيه پٽ فاضل راهو جي شهادت جو هڪ وڏو سبب اهيو هو ته هن ٺٽي ۽ بدين جي زمينن تي پنجابيئن جي قبضن خلاف ڀرپور آواز اٿاري سندن حياتي زهر بنائي ڇڏي هئي.
شهيد فاضل جا انتهائي قريبي عزيز، مائٽ ۽ سياسي ساٿي دليل ڏيندي چون ٿا ته سندس موت ۾ سندس پارٽي اڳواڻ پليجو شامل آهي ، ڇو ته فاضل راهو پنهنجي ارڏائي ۽ ماڻهن سان جڙي رهڻ سبب ايڏي ته عوامي مقبوليت ، همدرديون ۽ پيار ماڻي چڪو هو جيڪا ڳاله پليجي کان هضم نه ٿي رهي هئي، فاضل کي پارٽي مان خارج ڪرڻ سندس وس ۾ نه هو ۽ فاضل جي هوندي سندس سياسي مستقبل اونده نظر اچي رهيو هو....ان کانسواءِ فاضل جي قتل ۾ سندس اڳواڻ جي سازش بابت جيڪي ٻيا دليل ڏنا پيا وڃن، آئون انهن تي ڪا به ٽيڪا ٽپڻي نٿو ڪريان، شهيد فاضل جي جدائي کان پوءِ سندس پارٽي اڳواڻ پليجي جي ترڪتاليئن، هيٺاهيئن، مٿاهين، اوڀاريئن، لهواريئن ۽ ورن وڪڙن تي وقت ۽ تاريخ جو منصف پاڻهي فيصلو ڏيندو.
ڪاله راهوڪيءَ ۾ شهيد فاضل راهو جي ورسي جي اسٽيج تي انهن پنجابي قابضن جي نمائندن سان هڪ اسٽيج تي ويٺل پنهنجي اصليت لڪائي نه سگهيا آهن.
سنڌ جي کليئل اکيئن وارن ساڃاه وندن کي شهيد فاضل جي ريٽي جا نشان خاڪيئن جي وردي تي صاف نظر اچن پيا.
منهنجو ايمان آهي ته سنڌي جي قومي شهيد فاضل راهو جو رت رائيگان هرگز نه ويندو.
 
مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.
 
Back
Top