جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
نياز محمد ڪنڀر
سنڌ هونيئن ته بيشمار مسئلن ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل آهي پر جيڪڏهن چند سڀ کان اهم مسئلا ڳڻيا وڃن ته انهن ۾ ڌارين جي آباد ڪاري ضرور شامل هوندي. حقيقت ۾ اهو هڪڙو اهڙو مسئلو آهي، جيڪو ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي جنم ڏئي ٿو يا جيڪي مسئلا ان ڪري پيدا ٿين ٿا، جهڙوڪ بيروزگاري، رهائش، امن امان، ٻولي ۽ ثقافت جو مسئلو سڀ کان وڌيڪ ڌرتي ڌڻين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو پڻ مسئلو آهي. هتي اسان جو مطلب نه آهي ته ڪو هڪ به ماڻهو ٻاهران سنڌ ۾ نه اچي دنيا جي اندر ماڻهن جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏ پلاڻ هميشه کان ٿيندي رهي آهي. هينئر به ٿيندي پئي اچي ۽ آئينده به ٿيندي رهندي. پر سوال اهو آهي ته اها لڏپلاڻ ڪهڙي قسم جي آهي ۽ ڪهڙن طريقن ۽ مقصدن سان عمل ۾ اچي ٿي. پاڻ اندازو لڳائينداسين ته هتي ٿلهي ليکي ٻن قسمن جي لڏپلاڻ ٿيندي رهي ٿي. جنهن مان هڪ فطري ۽ ٻئي غير فطري. فطري لڏپلاڻ اها آهي، جو ماڻهو قدرتي آفتن ٻوڏ، ڏڪار يا بک وگهي مرڻ جي خوف هيٺ يا ڌارين حملي آورن جي ظلم کان بچڻ خاطر انفرادي حيثيت ۾ يا ٽولين جي صورت ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ. هڪ صوبي کان ٻئي صوبي يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن سفر ڪندا آهن. باقي هتي ڳالهه ڪجي ٿي غير فطري لڏپلاڻ جي جيڪا تمام وڏي پئماني تي باقائده فيصلا ڪري هزارن لکن جي تعداد ۾ ماڻهن کي هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۽ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي. جيئن هينئر تازو هلندڙ ضرب عضب آپريشن دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي بغير پلاننگ جي سنڌ ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ ان کان اڳ ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني جي موقعي تي ڪيترن ئي ماڻهن کي سنڌ اندر ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي. ڌارين ماڻهن جي آبادڪاري سان مقامي ماڻهن کان انهن جي زبان، ٻولي، تعليم، صحت، روزگار ۽ بحيثيت قوم جي ترقي جا سمورا وسيلا به کسيا ويندا آهن ۽ آخر ڪار ڌرتي ڌڻين کان حاڪميت جو حق کسيو ويندو آهي. سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان جيڪا لڏپلاڻ ٿي آهي سا گھڻو تڻو غير فطري طريقي سان ٿي آهي ۽ ان غير فطري ۽ سوچيل سمجهيل لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڌاري آبادڪاري ئي آهي جنهن سنڌي ماڻهن لاءِ سنگين مسئلي جي صورت اختيار ڪئي آهي. اسان ٿورو ماضي ڏانهن سوچينداسين ته سنڌ مان سڀ ڪجهه حاصل ٿيڻ جي باوجود به ڌاري آبادڪاري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي لاءِ مثبت سوچ پيدا ڪونه ڪئي، پر الٽو انهن مان هڪ نئون وڌيڪ خطرناڪ سنڌ دشمن رجحان جنم وٺڻ لڳو.