سنڌ صوبي جي راجڌاني ڪراچي ۾ سنڌي استادن سان ٿيندڙ پوليس جي نا روا سلوڪ ۽ شاه لطيف يونيورسٽي جي شاگردن تي پوليس تشدد ، اها به سنڌ صوبي جي نمائنده جماعت پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سنڌي ماڻهن لا ڪهڙو پيغام آهي ؟ انهن عملن سان اسان پنهجي مستقبل جو تعين ڪري سگهون ٿا ته اسا ن ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون۔ جنهن قوم ۾ استاد ۽ مستقبل جي معمارن جي عزت اها هجي ته ان قوم جو مستقبل ڇا هوندو۔
جواب: استادن ۽ شاگردن تي ٿيندڙ پوليس جو وحشياڻو تشدد
سائين خيرپور جي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن تي ٿيل تشدد جي تصويرن کي ڏسي منهنجي هڪ استاد اهو چيو ته ڇا اهي جانور آهن جن تي ايترو ظلم ٿي رهيو آهي۔۔۔ مان چيو ته سر ۔۔ هي جانور نه آهن پر انهن کي مارڻ وارا ۽ انهن جي تذليل ڪرڻ وارا جانور آهن۔۔۔۔
جواب: استادن ۽ شاگردن تي ٿيندڙ پوليس جو وحشياڻو تشدد
جمعو 28 مئي 2010 جي ڪاوش اخبار جي مَين پرچي تي موجود ٻه اهم خبرون ۽ انهن سان گڏ آيل تصويرن ۾ اسانجي معاشري اندر مٿاهون مقام رکندڙ اهم ادارن جي مٿان حڪومتي ڌر جي ڪامورن جي ظلم ۽ زيادتين جو دردناڪ داستان پڙهندي مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته اسان تاريخ جي ڪنهن تاريڪ دؤر ۾ داخل ٿي ويا آهيون جتي انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا جي حڪومت هجي. جتي جو جمهوري نظام ناقص هجي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪَلور چئبو جو هڪ پاسي سنڌ جي راڄڌني واري شهر ڪراچي ۾ پنهنجا جائز مطالبا پر امن احتجاج ڪندڙ استادن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي ته وري ٻئي پاسي سنڌ ۾ امن جو پيغام ڏيندڙ هستي، حضرت شاھ عبدالطيف جي نالي پٺيان، ۽ وزير اعلى جي جنم ڀومي شهر خيرپور ۾ قائم ڪيل مشهور مادر علمي اندر شديد گرمي ۾ ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف داهيندڙ شاگردن جي مٿان شيلنگ ۽ لٺيبازي ڪئي وئي. ڪاوش اخبار ۾ آيل تصوير کي ڏسي، جنهن ۾ پوليس اهلڪار هڪ شاگرد کي وارن کان وٺي گھليندو پيو وڃي ته ٻيو وري لٺ سان ڪٽيندو پيو وڃي، ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ اسين آميريت جي دؤر مان گذري رهيا آهيون جتي “ڪڇان تان ڪافر” وارو قهري قانون نافذ هجي. استادن جي احتجاج تي وڏي سرڪار جناب پير مظهر صاحب، جيڪو سنڌ جو سينئر ۽ وزير تعليم آهي، جو بيان ته خبر ناهي استاد ڪنهن جي چرچ تي احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ پوءِ فقط زباني ڏک جو اظهار ڪرڻ، نهايت ئي افسوسناڪ ڳالهه آهي. پير صاحب! بکيو گدڙ ته شينهن تي به حملو ڪري ڏيندو آهي، پوءِ هي ته انسان آهن جيڪي توهان جي اولاد کي علم ۽ عقل جي منزل تائين پهچائڻ ۾ هنن جا مددگار هوندا آهن. ڇا انهن کي ايترو به حق ناهي جو پنهنجي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪن؟ توهان جيڪا سرڪاري اسڪولن کي تالن جي ڳالهه ڪئي آهي تنهن لاءِ به عرض آهي ته توهان پهريان استادن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪريو ۽ پوءِ پڙهائي جي معاملي ۾ به ڀلي سختي اختيار ڪريو. ٽاسڪ فورس جوڙيو جيڪو بي ڊپائيءَ سان گوسڙو استادن خلاف سخت قدم کڻي. توهان جي اهڙي عمل کانپوءِ به جيڪڏهن استاد احتجاج ڪن ته پوءِ اهڙي احتجاج کي نظر انداز ڪري سگھجي ٿو. باقي اٺ اٿي نه اٿي پر اڳ ۾ ڀاڙو وٺڻ واري ڳالهه ڳوري آهي.
هوڏانهن شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي انتظاميا پاران گھرايل پوليس، جنهن شاگردن مٿان جيڪو ظلم ۽ جبر جو مظاهرو ڪيو سو پڻ هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ داستان آهي. هڪ طرف ته شاگردن کي ظالمانه ۽ بي رحم طريقي سان گرفتار ڪيو ويو ته ٻئي طرف وري هنن کي تذليل جو نشانو پڻ بنايو ويو جنهن جو ثبوت ڪاوش اخبار جي صفحي نمبر 11 تي ڏنل تصوير آهي جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شاگرد کي ڀونڊو ڏئي رهيو آهي، جيڪو انسانيت جي خلاف هڪ نهايت ئي توهين آميز عمل آهي. هنن شاگردن جو ڏوھ فقط اهو هو ته هنن ظلم خلاف آواز اٿاريو. هي ته فقط ٻه واقعا آهن جيڪي هڪ ئي ڏينهن رپورٽ ٿيا آهن پر اهڙا ڪيئي ڪِيس اسان جي معاشري ۾ ٿي رهيا آهن جن کي ٻڌي ڪري محسوس ٿئي پيو ته عوام آهي “ننڌڻڪا گھوڙا” ۽ حڪمران ۽ ڪامورا آهن “غيباڻا سوار” جي عوام جي مٿان ظلم ۽ جبر جو چهبڪ وهائڻ ۾ ذرو به رحم نٿا ڪن. حڪمرانو! اڄ جيڪا حڪومت جي واڳ اوهانجي هٿن ۾ آهي سا توهان هن غريب ۽ پيڙهيل عوام جي ووٽ سان حاصل ڪئي آهي. توهان اهو نه سمجھو ته طاقت صرف توهان جي هٿ ۾ آهي پر هڪ ذات آهي جيڪا توهان سڀني کان وڌيڪ طاقتو رکندڙ آهي. اها الله تعالى جي ذات پاڪ آهي جنهن توهان کي موقعو ڏنو آهي ته ان عوام، جنهن جو ووٽ حاصل ڪري توهان حڪومت جوڙي آهي، جي خدمت جو فرض صحيح طرح نڀايو. ڪٿي ائين نه ٿئي جو توهان جي ظلمن جي ڪري عوام جي اندر دکندڙ نفرت جي چڻنگ ٻرندڙ جبل جي صورت اختيار ڪري وڃي ۽ ان مان نڪرندڙ لاوو توهان کي ۽ توهان جي بنايل ڪوڙي انا جي ڪوٽ کي ڊاهي ساڙي پٽ ڪري ڇڏي.
آخر ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جنهن کي سنڌ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ عوام جو مينڊئيٽ حاصل آهي، کي گذارش آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي، جتي اڳين حڪومتن جي غلط پاليسين سبب تعليم اڳي ئي تباهيءَ ڪناري پهتل آهي، وڌيڪ ظلم جو نشانو نه بنايو وڃي. استادن جا جائز ۽ بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن هو توجهه سان تعليم ڏيڻ جي ڪم کي جاري رکن. شاگرد جيڪي اسان جي ايندڙ وقت جو قومي سرمايو آهن، تن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ انهن سان ظالمانه سلوڪ نه ڪيو وڃي. ساڻن انصاف ڪري سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن هو مڪمل توجهه ۽ محنت سان پڙهي سر زمين سنڌ جي بهترين نموني نمائندگي ڪري سگھن.