• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شيرين امير بيگم ڀُٽو:

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
Ammer-Begum-Bhutto.jpg


امير بيگم ڀُٽو:
شيرين -امير بيگم ڀٽو-، اڳوڻي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين گهر واري ۽ سئوٽ هئي. سندن شادي 1951ع ۾ ٿي. جڏهن ڀٽو صاحب 23 سالن جو هو ۽ -بمبئي- ۾ زير -تعليم- هو. جڏهن پاڻ اعليٰ -تعليم- لاءِ لنڊن روانو ٿيو ته هوءَ نئين ديري موٽي آئي ۽ -ان- بعد اتي ئي رهڻ لڳي. کيس ڪو به اولاد نه هو. هن لبنيٰ نالي هڪ ڇوڪريءَ کي گود ورتو، جيڪا هن وقت سعودي عرب ۾ رهي ٿي. جڏهن -ڀٽي- صاحب کي موت جي سزا ٻڌائي ويئي هئي ته -ان- وقت هن 8 ۽ 28 مارچ تي ساڻس راولپنڊي جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي. شيرين -امير- بيگم کي بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو سان ڏاڍو پيار هو. 1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو پهريون دفعو چونڊون لڙيون ته -تڪ- ۾ ڪيترن هنڌن تي هوءَ ساڻس گڏ ورڪ ڪرڻ به وئي هئي. هوءَ19 جنوري 2003ع تي دل جي دوري پوڻ سبب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ گذاري ويئي. کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ -ڀٽي- خاندان جي اباڻي قبرستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي قبر جي ويجهو دفنايو ويو.
 
Back
Top