سنڌ ڪڏهن ترقي ڪندي؟

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مدد علي سنڌي
    مان ڪيترن ڏينهن کان سنڌ جي مختلف ضلعن جو تفصيلي دورو ڪري رهيو آهيان، سنڌ جا اهي ڪجهه ضلعا ڏسي سوچيان ٿو ته ڇا سنڌ جي ڦٽل تقدير بدلجندي به يا نه؟ آخر ڪار ڪو اهڙو ڏينهن به ايندو جڏهن اسان جي سنڌ صحيح معنيٰ ۾ ترقي به ڪندي؟ ڇا اهو هڪ خواب ئي بڻجي رهندو يا ان ۾ ڪا تبديلي به ايندي؟ اسين شهر جي خوبصورت ڊرائينگ رومن ۾ ويهي، وڏا وڏا علمي، فلسفي بحث ڪريون ٿا. تبديلي جون ڳالهيون ڪريون ٿا، پر ڇا ڪڏهن وڃي ڏٺو اٿئون، ته سنڌ جا تعلقي هيڊڪوارٽر، ننڍا شهر ۽ ڳوٺ ڪهڙين حالتن ۾ آهن؟ اوهين شهدادڪوٽ وڃو، يا قمبر، سجاول وڃو، يا جيڪب آباد، ڪشمور هلي وڃو، يا ٽنڊو غلام علي، ٽنڊي باگو وڃو، يا ڏوڪري، ميرپورماٿيلي وڃو، يا بدين، کپري وڃو، يا سيوهڻ، دادو وڃو، يا ميهڙ، حال اوهان کي ساڳيو نظر ايندو. گندگيءَ جا ڍير اوهان کي هر طرف کان نظر ايندا، نه ڊرينيج جو بندوبست، نه وري سيوريج جو بهتر حال، تعليم جو حال تباهه، مڪاني ادارن جو سسٽم برباد، ٽي ايم اوز جي ڪرپشن جا داستان وڃي وزير سڳورن جي گريبانن تائين پهچن ٿا. ڪروڙن رپين جا ترقياتي ڪم ڪاغذي ڪارروائين جي بلي- ڪرپشن اسان جي حال، ماضي ۽ مستقبل کي برباد ڪري ڇڏيو. آخر ٿيندو ڇا؟ ڪهڙي ضلعي جو نالو وٺي ڪنهن جو نالو وٺون. هلو اهو ته حال ٿيو ننڍن ۽ وڏڙن شهرن جو، پر ٻهراڙين جو به حال ٻڌو. اسڪول تباهه، ۽ برباد اکين سان ڏٺم. ماستر غائب، فرنيچر ناهي، ٻارڙا زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪن يا وڃي گهر ويهن. ڪنهن کي ڪهڙي پرواهه، خدا جي پناهه، ڪنهن کي ڏجي دانهن. آخر اهو حال ڇو ٿيو، گذريل 25 سالن کان اهو سلسلو هلندڙ، هلندڙ ۽ هلندڙ. نه کٽندڙ سلسلو اسان جي بدنصيب حال جو، ماتم ڪجي. اڃا به ڳالهه پئي آهي، هڪڙي ڳوٺ ۾ واهه مان گدلو پيئڻ جو پاڻي ڀريندڙ ڳوٺاڻي کان پڇيم؛ ”ادا، اهو پاڻي پيئڻ لاءِ آهي؟“ وراڻيائين، ”ڀائو اهو به خدا جو شڪرانو، جو واهه مان پاڻي ڀري پيئون ٿا، ڀلا اهو به نه هجي ته پوءِ ڇا ڪريون ها؟!!

    اهو حال آهي اسان جي اڄوڪي سنڌ جو. بدقسمتي سان جنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن گڊ گورننس نه هوندي آهي، قانون جي حڪمراني نه هوندي آهي، بدعنوان ڪندڙن جو پڇاڻو نه ٿيندو آهي، ته پوءِ اهو صوبو، اهو ملڪ فري فار آل ٿي پوندو آهي. جتي ڀلا پٽيوالي ۽ سپاهي جي مقرريءَ تي به پئسو ورتو وڃي، عام نوڪريون به وڪرو ٿينديون هجن، ته پوءِ اهو برو حال نه چئبو ته ٻيو وري ڇا ٿو چئي سگهجي. دراصل جيڪا ڪرپشن ۽ جيڪا بدعنواني، اسان جي سنڌ ۾ گذريل 25، 30 سالن کان رهي آهي، اهڙي حالت اسان جي برادر صوبي پنجاب ۾ بلڪل نظر نه ايندي. اسان وٽ رشوت جو تناسب انتهائي چوٽ چڙهيل آهي، ان جو ڪوئي حساب ڪتاب ئي ڪونهي، ڪو ڪاٿو ڪونهي، پنجاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪم ته ٿئي ٿو، اتي رستا ته ٺهن ٿا، اسپتالن جي حالت ته بهتر آهي. اتان جو عوام پنهنجي عوامي نمائندن جو پڇاڻو به ڪري ٿو، سندن در تي وڃي دانهون به ڪري ٿو، پر اسان وٽ ته بجليءَ جا ٿنڀا به وڪامجي ٿا وڃن، ته پوءِ ڪهڙو داد فرياد ٿيندو؟

    مجموعي طور تي پاڪستان ۾ ڪرپشن جو تناسب وڌندڙ آهي، اهو اڄ کان نه پر ان جو سلسلو گهڻي وقت کان هلندڙ آهي….. ۽ اها لسٽ به تمام وڏي هئي، بعد جي رپورٽن جو هتي ذڪر نٿا ڪريون.

    حال هن وقت به ساڳيو آهي، ريلوي جو حال اهو آهي، جو ڪالهه به خيبر ميل 4 ڪلاڪ هڙاپا اسٽيشن تي بيهي رهي، ڪارڻ اهو ته انجڻ فيل ٿي وئي. ڪڏهن اوهان اڳي ٻڌو ته ريل به رستي ۾ انجڻ نه هئڻ سبب، يا تيل جي کوٽ سبب بيهجي وڃي. پي آءِ جي حالت اسان آڏو آهي، اسٽيل مل جي حال جي ڪابه خبر ڪونهي. ڪراچي جي ٻيٽن کي نيلام ڪيو ويو، زمينون ڪراچي جون ائين ٿيون وڪرو ڪيون وڃن، ڄڻ الله تعاليٰ سنڌ کي ٻيهر زمين سمنڊ مان ڪڍي ڏيندو.

    اهي سڀ معاملا ۽ مسئلا اسان جي آڏو آهن، بدعنواني، اقربا پروري ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ، ڪالهه مون کي حضرت علي ڪرم الله وجهه جو اهو خط ياد اچي ويو، جيڪو پاڻ مصر جي گورنر مالڪ بن حارث کي لکيو هئائون. سبحان الله ڪهڙي ڳالهه ڪجي ان خط جي. اها ٻي ڳالهه آهي، اهو خط ڪيترائي ڀيرا ڇپجي به چڪو آهي، پر گلاب جي گل وانگر ان خط جي خوشبوءَ سوين سال گذرڻ کانپوءِ به اڃا تائين پئي مهڪي.

    خط ۾ حضرت علي فرمائين ٿا:

    ”حاڪم کي گهرجي ته اهو پنهنجي ذاتي خواهشن کي ڪنٽرول ڪري، خواهش جي غلبي وقت پنهنجي نفس جي پيروي نه ڪري، ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو پهريون اصول اهو آهي ته حڪمران لالچ ۽ طمع جو شڪار نه ٿئي…. حڪمران هرگز شان ۽ شوڪت ۽ جاهه و جلال جو خيال دل ۾ نه آڻي. ڇاڪاڻ ته الله تعالٰيٰ هر سرڪش کي ذليل ڪري ٿو ڇڏي، ۽ هر فرد جو ڪنڌ هيٺ ڪندو آهي. (ملاحضه فرمايو، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي گرفتاري ۽ هڪ رات پوليس هيڊڪوارٽر ۾گذارڻ جو احوال)…. حڪمران کي گهرجي ته اهو ڪنهن بخيل ۽ ڪنجوس کي خريد نه ڪري، اهڙي طرح صلاحڪار به لالچي نه هئڻ گهرجي، جيڪڏهن عوام کي انصاف ملندو رهندو ته هو حاڪم سان محبت ڪندو، حاڪم جو به اهو فرض آهي ته اهو سرڪاري ملازمن تي به نظر رکي، عهدا اهڙن ماڻهن کي ڏنا وڃن، جيڪي خانداني شريف ۽ سٺي ناماچاري رکندا هجن، وغيره وغيره.

    خط ايڏو ته طويل آهي، جو ان جي لاءِ هي ڪالم بلڪل گهٽ آهي. مقصد هن خط ڏيڻ جو فقط اسان سڀني کي ياد ڏيارڻ آهي. عدل ۽ انصاف، بدعنوان جو خاتمو، بنيادي سهولتن جي حاصلات، هڪ خواب آهي، هر ماڻهوءَ جو، هر انسان جو. مشهور شاعر علامه اقبال هڪ ڀيرو چيو هو ته وقت گذرڻ سان گڏ قومون پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن مان سکنديون آهن، پنهنجي اصلاح ڪنديون آهن، ۽ منزل جو رُخ درست ڪنديون آهن. (پر اسان وٽ ائين خبر ناهي ڇو نٿو ٿئي؟)

    رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان پنهنجي ڪتاب ”تاريخ مان ڪجهه به نه پرايوسين“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

    ”اقتدار جي ڌنڌ مان ڏسي سگهڻ ۽ خوشامدڙين کان بچڻ جي صلاحيت هڪ اڳواڻ جي اهم خوبي هئڻ گهرجي، خوشامدين ۽ چاپلوسين ۾ وڃائجي وڃڻ قوم لاءِ ڪرپشن کان به وڌيڪ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. ڪنهن به قومي اڳواڻ لاءِ اکيون کليل رکڻ جي لاءِ آزاد ۽ اڻ ڌري5

    ميڊيا جو ڪردار اهم هوندو آهي. اقتدار جو ڪوهيڙو اسان جي نظر کي ايترو ته ڪمزور ٿو ڪري ڇڏي جو صحيح ۽ غلط جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏکي ٿيو ٿي پوي…. پر هڪ اهڙي ملڪ ۾ هتي اهي روايتون پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪيون هجن، اتي سياست ۾ رهندي سچائي، ايمانداري ۽ ديانت جو دامن نه ڇڏڻ منهنجي خيال ۾ ڪا معمولي ڳالهه ڪونهي. ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کي اپنائي ۽ پنهنجو ضمير وڪڻي، سياست ۾ ڪامياب ٿي وڃڻ يا اقتدار تائين پهچڻ کي ڪاميابي جي علامت ٿو سمجهيو وڃي ۽ ڏک اهو آهي ته اسان جا گهڻا سياستدان، ان ڪاميابين جي معيار تي پورو لهن ٿا ۽ اهي جيڪي اتي پورو نٿا لهن. اهي بقول لاهور جي وڪيلن جي، ناڪام سياستدان آهن!

    پر اسان وٽ اڃا اهڙي ڳالهه پيدا نه ٿي سگهي آهي، اسان جي لاءِ اهو آئيڊيل دور اڃا پري آهي. اسان لاءِ ته جهڙي جمهوريت، تهڙي آمريت ڳالهه برابر آهي. چوندا آهن ته دودو ڌوڙ چنيسر ڄائي. اڳي گاريون ڏيندا هئاسين ته وڏيرا بدعنوانيون ڪن ٿا، ڪرپشن ڪن ٿا، ڏاڍايون ڪن ٿا، پر اسان جي لوئر مڊل اسڪول جا ماڻهو چونڊجي، جڏهن وزير ٿيا، يا ٿين ٿا ته پوءِ اهي سمورا ليڪا لنگهايو ڇڏين. بهرحال ماڻهن جا بنيادي مسئلا هر صورت ۽ هر حال ۾ حل ٿيڻ گهرجن. کين گهٽ ۾ گهٽ بجلي، رستو، اسڪول، پيئڻ جو صاف پاڻي، ۽ صحت جهڙيون بنيادي سهولتون ملڻ گهرجن. ڪروڙين رپين جا پگهار کڻندڙ وفاقي وزارتون، اربين رپين جا اڍنگا خرچ، ڪرپشن، بي ايماني، بدعنواني جو خاتمو نه آيو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ عوام جا هٿ هوندا ۽ ظالمن جا ڪنڌ سندن هٿن ۾ هوندا، پوءِ ڪوئي ڪنهن سان گلا نه ڪندو. عوام پاڻ حاڪم ٿيو ۽ هنن پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ شروع ڪيا، ميدانن ۾، کيتن ۾ ته پوءِ ظالم ۽ مظلوم جو، محڪوم ۽ مجبور جو، ڏاڍ ۽ جبر جو، ڪوڙ ۽ برائيءَ جو، ڪوبه ڦندو باقي نه رهندو ۽ پوءِ ٿيندو شيخ اياز جي هن شعر وانگر ته:

    ”سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي ُاڀا،

    سوين عيد جا چنڊا اُڀري پون!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام بهترين تحرير ونڊي اٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو