• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فوم کائيندڙ عورت

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
Chokri-Kakkar-Khae-thi.jpg


کائڻ واري معاملي ۾ ماڻهن جي مختلف پسند هوندي آهي. ڪو گوشت جو شوقين آهي ته ڪو وري سائي ڀاڄي جو، ڪو برياني جو ته ڪو وري پيزا جو. پر هڪ برطانوي ناري روزي سڪنر جو شوق ته نرالو ۽ ناقابل يقين آهي. 19 ورهين جي روزي ننڍپڻ کان وٺي فوم کائڻ جي شوقين آهي ۽ ان کان بنا هوءَ رهي به نٿي سگهي. سري شهر جي علائقي ايپسم سان تعلق رکندڙ ناري روز فوم جي هڪ ٽڪري کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ڪٽي سڄو ڏينهن کائيندي رهندي آهي. هوءَ ڪاليج ۾ ڪلاس دوران به فوم کائيندي رهي ٿي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽرن ڪيترائي ڀيرا هن کي خبردار ڪيو آهي. هڪ ڀيري ته آپريشن ڪري سندس معدو به صاف ڪرڻو پيو. جڏهن ته هوءَ هاڻي ڪوشش ڪري رهي آهي ته فوم کائڻ بدران ان کي چوسي گذارو ڪري.
 
Back
Top