نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ جي ڪوئل بهترين فنڪاره ثريا سومرو کي موت جون ڌمڪيون
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو جيئي سنڌ چند ڏينهن پهرين ثريا سومرو ٽنڊو محمد خان ۾ ميڊيا لنڪ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيندي چيو ته گُذريل ٻٽن مهينن کان موبائيل تي ڪو اڻ ڄاڻ شخص کيس ۽ سندس خاندان وارن کي موت جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هُن وس وارن ۽ اختياري وارن کي اپيل ڪندي چيو ته سندس ۽ سندس خاندان جي حياتي بچائي وڃي جنهن موبائل نمبر تان کيس موت جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ان نمبر واري شخص کي ٽريس ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي آهي ته اهو ماڻهو ڪافي ڏينهن کان روپوش آهي، اسانجي معاشري ۾ اهڙي طرح جون ڌمڪيون ڪا نئين ڳالهه ڪانهي . جيئن ته ثريا سومرو سنڌ جي هڪ بهترين راڳياڻي آهي، سندس گيت جهر جنگ گونجندا رهندا آهن سندس گلي ۾ الله سائين خوبصورت سُر رکيا آهن، سنڌي معاشري ۾ عورت جو فن موسيقي واري شعبي ۾ اچڻ انتهائي معيوب سمجهيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن هي بهترين سنڌي فنڪاره هن شعبي ۾ اچي وئي آهي ۽ پنهنجي ڪلا ذريعي روزي روٽي ڪمائي پئي پنهنجا سُر وکيري جيجل سنڌ جي خدمت ڪري پئي ۽ باقائده سنڌي ثقافت جو فن موسيقي سان تعلق رکندڙ هڪڙو حصو آهي ان سنڌي فنڪاره کي موت جون ڌمڪيون ڏيڻ ڪهڙي معنى رکي ٿو ، ڇا اسان جو قانون صفا لولو لنگڙو ٿي چُڪو آهي، اسان جا رکوالا هاڻي ڌمڪيون ڏيندڙن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻڻ کان صفا قاصر آهن، ياد رهي ته سنڌ جي هن بهترين فنڪاره جي قاسم آباد واري گهر تي اڳ ۾ به فائرنگ ٿي چُڪي آهي. اسان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻتان وس وارن ۽ اعلا اختيار وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي هن بهترين فنڪاره جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ ڌمڪي ڏيندڙ کي وائکو ڪري قانون حوالي ڪيو وڃيسنڌ مشهور فنڪاره ثريا سومرو جو پريس ڪانفرنس دوران هڪڙو انداز