لڳي ٿو صدين کان سڪايل رهي ٿو، نديءَ جي ڪناري اڃايل رهي ٿو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
خيرپور ضلعي جي ڄاڃي ٻرڙا سان تعلق رکندڙ شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي جو غزل اوهان اڳيان شيئر ڪجي ٿي،

غزل

ڪوثر ٻرڙو

لڳي ٿو صدين کان سڪايل رهي ٿو
نديءَ جي ڪناري اڃايل رهي ٿو

بن بن ۾ ڀٽڪي پرين پنهنجو ڳولي
مگر پاڻ ان ۾ وڃايل رهي ٿو

آهي دل اسان جي يا سنڌ جي آ ڌرتي
ايڏو درد جنهن ۾ سمايل رهي ٿو

اسان جي ته دل جي صحن ۾ سدائين
تڏو درد غم جو وڇايل ملي ٿو

صنم ساڻ ملبو سڄو راز سلبو
دنيا کان جو دل ۾ لڪايل رهي ٿو

مسيحائي ڪنهن جي ڪندو ڪهڙي ڪوثر
هو خود جيڪو جڳ جو ستايل رهي ٿو


jfHmlEe3iJkmS.jpg
 
Back
Top