نيلوفر جويو: سامائي تان سک ويا..! محسن علي جويو

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2015۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG] [​IMG]



    13هين جنوري تي منهنجي امڙ ,سائين جويي صاحب جي وڏي نياڻي, جيجي زرينه بلوچ جي ويجهي ساٿياڻي ڪهاڻيڪاره ۽ استاد نيلوفر جويو جي ورسي هئي. مون پنهنجي امڙ کان اها ڳالهه سکي ته زندگي ۾ پنهنجي ذميوارين ۽ مقصد تان تر جيترو به ناهي هٽڻو ۽ سچ جي رستي تي هلندي جيڪڏهن اوهان اڪيلا به رهجي وڃو تڏهن به جهڪڻو ناهي...
    HISTORICAL PICTURE OF MY MOTHER
    Mrs Neelofar Joyo with her Father Saeen Mohammad Ibrahim Joyo in her childhood along with her
    brother Muzaffar Joyo
    نيلوفر جويو: سامائي تان سک ويا..!
    محسن علي جويو
    اڄ سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪاره سائين محمد ابراهيم جويي جي ڌيءَ ۽ منهنجي امان نيلوفر جويو جي ورسي جو ڏينهن آهي. هوءَ 27 ورهين تائين درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهي ۽ عمر جي پڇاڙڪن ڏينهن تائين پنهنجون ذميواريون نڀائيندي رهي. توڻي جو ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي هئي ۽ تمام گهڻي اگهي ۽ نست هئي، پر هن اسڪول وڃي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهائڻ وارو فرض باقاعدگيءَ سان نڀايو. امان نيلوفر جويو سنڌي ۾ ماسٽر ۽ ايم ايڊ ماسٽر جون ڊگريون حاصل ڪيون.
    سائين ابراهيم جويي صاحب پنهنجن سڀني ٻارن کي پڙهايو. توڻي جو معاشي حالتون بنهه خراب هيون ۽ جويي صاحب مٿان “سرڪار سڳوريءَ جي خاص نوازشن“ جو سلسلو به لڳاتار هلندو رهيو، پر پوءِ به پنهنجن ٻارن جي تعليم وڌائڻ لاءِ وس آهر ڪوششون ڪندا آيا. جويي صاحب جي اولاد مان امان نيلوفر جويو، پنهنجي پيءُ جي رندن ۽ ڏسيل دڳن تي هلي. هن کي علم سان وڏيءَ حد تائين لڳاءُ هو. کيس جويي صاحب جي لکڻين ۽ ڪتابن سان عشق هو. جويو صاحب ئي سندس زندگي جو رول ماڊل هو. جنهن جي ڪري هوءَ نئون ماڻهو بڻجي پئي هئي. هن پنهنجي ڪتاب “سامائي تان سک ويا”. 1980ع جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته
    “جڏهن کان مان هوش واري ٿيس، تڏهن کان مون پنهنجي بابا کي پڙهندي لکندي ڏٺو. جنهن ڳالهه مون کي لکڻ ڏانهن مائل ڪيو، اُهو 1972ع جو واقعو آهي. هڪ رات عصر جو منهنجي اک کلي ته ڏٺم بابا جي ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي ۽ بابا پنهنجي لکڻ ۾ محو هو. هو ايترو ته لکڻ ۾ محو هو، جو کيس اِها سُڌ به نه هئي ته رات اچي گذرڻ تي بيٺي هئي، اُنهيءَ مهل مون دل ۾ اِهو عزم ڪيو ته مان به لکنديس. صبح ٿيو، ۽ مون پنهنجي اُنهي عزم کي صحيح ڪري ڏيکاريو. منهنجي پهرين ڪهاڻي “۽ چنڊ اجهامي ويو”، جيڪا مون پوءِ ٻن ڏينهن ۾ لکي پوري ڪئي هئي، ماهوار رسالي “نئين زندگيءَ” (1972) ۾ ڇپي. اُن کان پوءِ مون ترت ئي ٻي ڪهاڻي “ڪنديس آءٌ ڪڄاڙو” لکي، جيڪا ٽه ماهي “مهراڻ” (1972) ۾ ڇپي. اهڙيءَ طرح همت وڌندي رهي ۽ آءٌ لکندي رهيس. مون مضمون پڻ لکيا آهن، جيڪي مختلف موضوعن تي آهن. منهنجو پهريون مضمون “فيشن ڇا آهي” اُنهيءَ سال جي روزنامه “هلال پاڪستان” جي “سگهڙين سٿ” واري صفحي ۾ ڇپيو. هڪ سٺي ليکڪ لاءِ، هڪ سٺي استاد لاءِ پڙهڻ تمام ضروري آهي.....مون جيڪي ڪجهه پرايو آهي، سو پنهنجي بابا کان پرايو آهي. ادب ۽ علم جي معاملي ۾ بابا منهنجي بهترين رهبري ڪئي آهي. بابا اڪثر منهنجي لاءِ سٺا سٺا ڪتاب آڻيندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪتاب تي ڪو دل ۾ گهر ڪرڻ جهڙو جملو به لکي ڇڏيندو آهي. “پنهنجي پياريءَ حساس ڌيءَ لاءِ”....“پنهنجي ڏاهي ڌيءَ لاءِ جيڪا پڙهي گهٽ ٿي ۽ سوچي گهڻو ٿي”...
    اسان جون عورتون عام طرح وهم پرستي، تقدير پسنديءَ ۽ قدامت پسنديءَ جي ورچڙهيل هونديون آهن ۽ ڪي ڪي عورتون روايتي سوچن جا زنجير ٽوڙي پنهنجي لاءِ عقل، فهم، ادارڪ ۽ فراست جي رستي جي چونڊ ڪنديون آهن، امان نيلوفر جويو به اهڙن ئي عورتن منجهان هڪ هئي. سندس تربيت ۾ جويي صاحب خاص دلچسپي ورتي ۽ هن به لکڻ پڙهڻ ۾ ڪڏهن به ڪَسُ کان ڪم نه ورتو. جڏهن ون يونٽ سرڪار جويي صاحب کي سنڌ بدر ڪيو، تڏهن پوئتان سندس ڪٽنب جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪوبه نه هو، سندس اولاد سان جويو صاحب سرحد (پختونستان) منجهان لکپڙهه ڪندو رهندو هو ۽ کين تعليم ۾ ڌيان ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪندو رهيو. ان نسبت سان هي مختصر خط امان نيلوفر جويو پنهنجي بابا ڏانهن لکيو.
    “پيارا بابا سائين.. بابا سائين ڪافي عرصو گذري چڪو آهي اوهان جو خط نه آيو آهي. بابا سائين هتي ٿڌ گهڻي وڌي چڪي آهي ۽ اسڪول وڃڻ لاءِ مونکي ۽ نرگس کي پائڻ لاءِ سيئٽر ناهي، صبح جو گهڻو سيءَ لڳندو آهي. ۽ نه ئي اسڪول جي فيس ادا ٿي سگهي آهي بابا مان اوهان کي پريشان نه ٿي ڪرڻ چاهيان جي ٿي سگهي ته ڪجهه پئسا اُماڻيندا جيئن آئون ۽ نرگس سيئٽر وٺي سگهون ۽ اسڪول جي في به ادا ڪيون.. فقط اوهان جي ڌيءَ نيلوفر جويو”.
    نيلوفر جويو هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، سندس ڪهاڻيون ان دور جي مشهور رسالن “نئين زندگي” “مهراڻ” “هلال پاڪستان” “مارئي” ۾ ڇپجنديون رهيون. جنهن کي سهيڙي ڪتاب جي روپ ۾ آندو ويو، جنهن جو عنوان هو: “سامائي تان سک ويا” جيڪو جويي صاحب جي نگرانيءَ ۽ نگهبانيءَ ۾ دائود بلوچ ڇپرائي پڌرو ڪيو، انهيءَ ڪتاب ۾ ڪل 13 ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي “عورتازاد” يعني عورتن جي آزادي جي موضوع تي آهن. انهن ڪهاڻين ۾ اسان جي سماج جي عورتن جي حالتن، ڏکن ۽ سورن جا احوال پيش ڪيا ويا آهن. هن ڪڏهن به ڪا ڪهاڻي جويي صاحب کي ڏيکارڻ کانسواءِ نه ڇپرائي. جڏهن به ڪا ڪهاڻي لکندي هئي ته جويي صاحب ڏانهن کڻي ايندي هئي ۽ ان جي صلاح مشوري سان، ڪهاڻي ۾ نشاندگي ڪيل نقطن وسيلي سڌاري بهتر بڻائيندي هئي. هتي سندس جويي صاحب ڏانهن لکيل هڪ خط جو متن پيش ڪجي ٿو.
    بابا سائين .. ٻه ڪهاڻيون لکيون اٿم پڙهي درست ڪري ڏيندا. خبر ناهي ڪيئن لکيون اٿم بهرحال پنهنجي راءِ ڏجو.. اوهان جي ڌي نيلوفر جويو 16-10-95
    محمد عثمان ڏيپلائي جي وڏي ڌيءَ ثريا سوز ڏيپلائي ۽ جيجي زرينه بلوچ سندس ويجهين سنگتاڻين مان هيون پر سڀ کان ويجهي سنگتياڻي جيجي زرينه بلوچ هئي. جيجي پڻ هڪ مشهور قومي ڳائڻيءَ سان گڏ سٺي ڪهاڻيڪاره پڻ هئي. مٿانهس “جيجي” نالو به سندس ئي لکيل هڪ ڪهاڻيءَ تان پيو، جنهن جو عنوان پڻ جيجي هو. ٻئي ڄڻيون حيدرآباد جي ماڊل اسڪول ۾ پڙهائينديون به هيون جنهن ڪري مون کي به پنهنجي ماءُ سان گڏ جيجي زرينه جو پيار ۽ شفقت پڻ نصيب ٿي چوڻ جو مقصد هيءُ آهي منهنجي امان نيلوفر جويو ۽ جيجي زرينه بلوچ اسڪول ۾ رهندي ماسترياڻين ۽ پنهنجي شاگردياڻين ۾ روايتي علم سان جديد علم ۽ ادارڪ جي روشني پڻ پکيڙي ۽ سندن ذهني سطح کي اڀارڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ ڏس ۾، مون وٽ هڪ اڻ ڇپيل ڪهاڻي پڻ پيل آهي، جنهن جو هڪ ڪردار جيجي زرينه بلوچ پڻ آهي، انهيءَ ڪهاڻي ۾ اسڪول جي ماسترياڻين سان ٿيل گفتگو بيان ٿيل آهن. جويو صاحب مونکي اڪثر چوندو آهي ته “مونکي تون ۾ پنهنجي پياري ڌيءَ نيلوفر جي تصوير نظر ايندي آهي، تون مون لاءِ ان جو ئي اولڙو آهين”، ان وقت منهنجي من تي پنهنجي امڙ جي ساروڻيءَ جي وير چڙهي ويندي آهي ۽ هن جي ڏک ڀري زندگي جي سموري تصوير منهنجي اڳيان اچي بيهندي آهي.
    نيلوفر جويو جي ڳڻپ اڄ به سنڌ جي اهم ليکڪائن ۾ ٿئي ٿي، سندس ڪيتريون ئي لکڻيون اڻ ڇپيل صورت ۾ پيل آهن، جن کي تمام جلد ڇپائي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو ويندو

    هي ليک محسن جويو صاحب جي فيس بوڪ وال تان کنيو ويو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو