منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن

چنگيز خان جي ڳڻپ دنيا جي ڪامياب ترين ۽ خونخوار سوڀارن ۾ ٿيندي آهي، جنهن جي اڳيان وڏا وڏا بهادر به ڏڪڻ لڳندا هئا، تيرهين صدي جي شروعات ۾ 13 قبيلا چنگيز خان خلاف جنگ وڙهي رهيا هئا ته هڪ جنگ ۾ هڪ تير سندس جي ڪنڌ ۾ اچي لڳو. جنگ جي خاتمي ٿيڻ تي چنگيزخان جي سوڀ جو اعلان ٿي ويوته چنگيز خان قيدي بڻايل سپاهين کان سوال ڪيو ته ان جي گهوڙي جي ڪنڌ ۾ تير ڪنهن هنيو هو. چنگيز خان پنهنجي بدران گهوڙي جو استعمال ان لا ڪيو ته اها ڳالهه ڳُجهي رهي ته ان جو پنهنجو ڪنڌ زخمي ٿيو آهي ۽ ان ڪري به ته ڪير غلط دعوي ا نه ڪري. قيدي سپاهين منجهان زرگدائي نالي همراهه اڳتي آيو۽ چوڻ لڳو ته ان اهو تير گهوڙي تي نه پر چنگيز خان تي هلايو هوجيڪو سندس جي ڪنڌ ۾ ئي لڳو هو ۽ اهو به چيائينس ته جيڪڏهن ان کي سزا جي عيوض ان جو سر ڌڙ کان به ڌار ڪيو ويو ته تيار آهيان . چنگيز خان کي زرگدائي جي صاف گوئي اهڙي ته وڻي جو ان سپاهي کي پنهنجي فوج جي اهم عهدي تي رکي ڇڏيائينس. زرگدائي به چنگيز خان سان پوري وفاداري نڀائڻ جو عهد ڪيائين ۽ اچڻ واري وقتن ۾ هاڻوڪو منگوليا، چين، ۽ روس جي ڪيترن علائقن ۾ وڏيون سوڀون ماڻيائين ۽ ان ئي جرنيل وسطي ايشيا ۽ يورپ جا ڪيترا ئي ملڪ به فتح ڪيائين.
( هتان ترجمو ڪيل)