ڪجه بيتن جي اوت

ڪجه بيت اندر جي اوت
_______________________________
رات به منهنجي روح ۾ رهين سڪ سار ٿي
ڏينهن به تنهنجي ڏيک سان سڄو ونهنوار ٿي
ساعت سڀ پيار ٿي امنگون عرضي آتشي.....

صبح جي صبا اکين ۾ تون اسرار
دوست مٺا دلدار تنهنجي سار ساه کي ....

پکيئڙا اڏامي هليا هوته ولر
ور ور لائين واٽ تي هوائون هر هر
جنبش ۾ جهنگ جهر آهي جن جي جوت سان

هو ڪنگ هو ڪانءُ هو ڳيرو هو هيڙهو
هو تراين ۾ تري نيرڳ نانءُ ڇڙو
هو مور به آهي کڙو رونق ٿر جي راه ۾

پکيڙا جيءَ جوڳيئڙا سيلاني سفير
گهمن گوندر پب جا اوتارا اڪير
سي فڪر ۾ فقير وطن جن وجود ۾ .....


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top