گوگل ڪروم ۾ هڪ لڪيل ڊائنوسر گيم...

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گوگل ڪروم کي گهڻو استعما ڪندڙ يقينن ٽي ريڪس ڊائنوسر کان ضرور واقف هوندا... جيڪو تڏهن ڏسڻ ۾ ايندو آهي جڏهن توهان گوگل ڪروم کي کوليو پر توهان وٽ انٽرنيٽ نه هلندي هجي.. ٽي ريڪس ڊائنوسر جون ٻانهون ننڍيون ٿينديون آهن جنهن ڪري هُو اڪثر گهڻن شين تائين پهچ ناهي رکندو.. ٻين لفظن ۾ ڪروم توهان کي ڏسيندو آهي ته ڊائنوسر وانگر هُو به انٽرنيٽ تائين پهچ نه پيو رکي...
    پر هڪ دلچسپ شيءَ جيڪا اڄ ڪلهه منهنجي هر وقت استعمال ۾ ٿي رهي سا آهي گوگل ڪروم جي ان آف لائين ڊائنوسر جي پيج تي رکيل گوگل ڪروم طرفان هڪ لڪيل گيم... ان لاءِ ڊائنوسر ڏيکاريندڙ پيج تي رهي ڪري بس ڪيبورڊ تائن اسپيس بٽڻ دٻايو... ۽ هي وٺو هڪ دلچسپ گيم فعال ٿي چڪي...
    گيم مطابق ٽي ريڪس ڊائنوسر ڊڪڻ شروع ڪندو... ۽ توهان جو مشن اهو هوندو ته ان ڊائنوسر کي رستي ۾ ايندڙ ننڍن ننڍن وڻن ۽ جهاڙين کان ٽپو ڏياري بچائڻ آهي.. ۽ ان لاءِ ڪيبورڊ تان اسپيس بٽڻ ئي دٻائبو...

    [​IMG]

    هي گيم جاوا اسڪرپٽ ۾ تيار ڪيل آهي.. جنهن جو مڪمل سورس ڪوڊ توهان ڪروميم جي هن پيج تان حاصل ڪري سگهو ٿا...
    هڪ وڌيڪ دلچسپ خبر ته هي گيم رڳو گوگل ڪروم جي ڊيسڪٽاپ ورجن تي ئي موجود ناهي پر ٽي ريڪس ڊائنوسر جي هي گيم توهان ڪروم جي اينڊروائيڊ ورجن تي به هلائي سگهو ٿا.. ان لاءِ اينڊروائيڊ موبائيل تي ايئرپلين موڊ تي سوئچ ٿيندي ڪروم برائوزر کوليو ۽ کلندڙ آف لائين پيج تي بس ٽيپ ڪريو ته گيم فعال ٿي ويندي... ۽ ڊائونسر کي ٽپيو ڏيارڻ لاءِ توهان کي اسپيس بٽڻ کي دٻائيڻ وانگر بار بار اسڪرين تي ٽيپ ڪرڻو پوندو..

    [​IMG]

    جيئن ته اڄ ڪلهه مون وٽ هر ٻن سيڪنڊن کان پوءِ نيٽ جي سست روي ڪري ڪروم جو اهوئي آف لائين پيج کُلي رهيو آهي ان ڪري مان بس اها گيم ئي انجوائي ڪري رهيو آهيان.. توهان به ڪوشش ڪري ڏسو .. جنهن کان پوءِ يقينن نيٽ نه هلڻ تي توهان پريشان ٿيڻ بجاءِ اهو پيج کلڻ تي مسڪرائڻ لڳندو... :)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اها گيم تمام زبردست آهي.
    اڳ ۾ ادا سجاد علي چنا سنڌسلامت تي ان بابت هڪ ننڍڙو موضوع شروع ڪيو هو. پر توهان تفصيل سان سمجهايو آهي :)
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    گوگل وارا سياڻا آهن.
    جيڪڏهن نيٽ آف لائين ٿي وڃي ته اسان جهڙن ڪاوڙيل ماڻهن کي ٿڏو ڪرڻ لا هي گيم ان لا ٺاهي وئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو