منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
گذريل رات صفوران چورنگي ويجهو يو بي ايل بينڪ جي اي ٽي ايم تان جئين ئي پئسا ڪڍرائي ٻاهر نڪتس ته ٻه همراهه موٽر سائيڪل تي منهنجي ڀرسان پهتا هڪ همراهه پسٽل کر چيمبر چاڙهيندي مون کي هڪل ڪري ڇيو ته جلدي ڪري سڀ ڪجهه حوالي ڪر ۽ پنهنجو موبائيل به ڏي.. منهنجي پرس ۾ ڪنهنجي امانت جا 5 هزار به رکيل هيا ۽ مان اي ٽي ايم تان 3 هزار ڪڍرايا پر مون عقلمندي جو مظاهرو ڪندي پرس جو هڪ حصو کوليم ته ان جهٽ ڏئي صرف مون وارا پئسا ڪڍي ورتا ۽ موبائيل به کسي ورتائين..پر ان ئي مهل هڪ ٻيو همراهه به اي ٽي ايم مان ٻاهر نڪتو ته ساڳيو همراهه ان وٽ به ويو ۽ مونکي خاموش ٿي بيهي رهڻ جو چيائين، ان وقت تائين اهو به ڦرجي ويو ۽ اتفاق سان هڪ ٽيون همراهه اي ٽي ايم اندر داخل ٿيو هاڻ اسان ٻئي يرغمال لڳا بيٺا آهيون اسان جي بائيڪ جون چاٻيون به انهن وٽ هيون..ان ٽئين همراهه اي ٽي ايم اندر گهڻي دير ڪري ڇڏي ان دوران مونکي ڦورو سان ڳالهائڻ جو موقعو ملي ويو ته چيومانس ته پئسا واپس ڪيو مون وٽ ضرورت جا آهن ان تي هن ڇيو ڀائي جان هم بهي مجبور هين.. معاف ڪرنا يي ڪام ڪرني ڪا دل نهي چاهتا پر ڪيا ڪرين..مون چيومانس ته ڀلا موبائيل ته واپس ڏي ته الائي ڪهڙو رحم آيس جوهن چپڙي ڪري موبائيل موٽائي ڏنو..اتي مون ان کي چيو گهڻي دير ٿي رهي آ توهان نڪري وڃو اهو همراهه اي ٽيم مان نه نڪرندو شايد ڪارڊ ڦاسي پيو هوندس..مون اهو سڀ ان ڪري ڪيو جو هنن وٽ هٿيار هيا جيڪڏهن اندريون همراهه ڪا مزاحمت ٿو ڪري وجهي ته اسان کي به نقصان ٿي سگهي ٿو..بس منهنجو ائين چوڻ ۽ اهي ڀڄي نڪتا...مان جلدي اڳين ڦرجي ويل همراهه وٽ پهتس ته ان چيو منهنجو گهڻو نقصان ٿي ويو..کائنس 10 هزار روڪ ۽ سامسنگ 20 هزاروارو موبائيل به کسي ويس، اهو همراهه به سنڌي نڪتو ان وقت تائين اندريون همراهه به نڪتو اسين ٻنهي چيو سين ته تون خوشنصيب آهين بچي وئين سڄي صورتحال بيان ڪئي سين ته ان چيو يار اي ٽي ايم جي لمٽ ختم ٿي وئي ان ڪري نه نڪتا اهو به سنڌي هيو...بس اهو ٿيو جو اسان جي ٻنهي همراهن جي بائيڪ جون ڇاٻيون کنيون هليا ويا.وڏي مشڪل سان پنڌ ڪري آيا سين ۽ بائيڪ جو سوئڇ ڊائريڪٽ ڪرائي گهر پهتم..اهو واقعو 7.30 تي ڪلهه رات پيش آيو.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: