وهم پرستن جو معاشرو!!!

'سنڌي ادب' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    وهم پرستن جو معاشرو!!!
    طالب حسين مغل

    ڪجهه عرصو پهرين هندوستان ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو آهي جيڪو ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي ڇو ته اتي اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن. هندوستان ۾ اولهه بنگال جي شهر بروئي پور ۾ هڪ ٻار جي پيدائش افراتفري مچائي ڇڏي آهي انهيءِ ٻار کي چار هٿ ۽ چار ڄنگهون آهن. هندوستان ۾ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ٻار ڀگوان آهي ڇو جو وڌيڪ عضوا هجڻ هندو ڀگوانن جي نشاني آهي ۽ انهيءِ ٻارڙي جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ آهي ته هي ٻار ڪو ڀگوان نه آهي بلڪ جاڙا ٻار هئا جن جي پرورش پيٽ اندر پوري ريت نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب هي ٻار اهڙو پيدا ٿيو آهي. جڏهن ته ٻار جو خاندان تمام خوش آهي ڇو ته انهن موجب انهن جي گهر ۾ ڀگوان جو جنم ٿيو آهي.

    تعليمي ۽ شعوري واڌ ويجهه کان پوءِ سائنس ۽ مذهب هڪ ٻي جي خلاف ئي رهيا آهن باوجود انهيءِ جي ته ڪافي جاين تي سائنس مذهب کي ۽ مذهب سائنس کي مڃي ٿو. اسان جو معاشرو منطق کي ڇڏي اهڙن غيرمنطقي عقيدن ڏانهن هليو ويو آهي جنهن مان نڪرڻ هاڻ ناممڪن ٿو لڳي. جيڪڏهن اسين تاريخ کي کڻي ڏسون ته منطق ئي يورپ کي انداهي واري دور مان ڪڍيو ۽ جدت ، سائنس ڏانهن آندئين. جيڪڏهن ٿورو اسين تجزيو ڪيو سائنس ، منطق ۽ وهم جي باري ۾ ته سڄو ماضي ڪافي مثالن سان ڀريل آهي. جئين مهاڀارت ۾ جيڪو ڪجهه ڪرن جي باري ۾ لکيل آهي جيڪڏهن انهيءِ تي ويچار ڪريون ته ڏسبو ڪرن ماءُ جي پيٽ مان جنم نه ورتو هو جنهن جو مطلب ته جينياتي سائنس ان وقت به موجود هئي پر ماڻهو ڪيتري حد تائين انهيءِ ڳالهه کي مڃن ٿا اها انهن جي شعور تي ٻڌل آهي. 1995 ۾ ڀارت ۾ هڪ واقعو ٿيو جنهن سڄي ڀارت ۾ چريائپ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي جڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڀگوان گڻيش جي پيتي مان چمچو لڌو هو جنهن مان ماڻهن اندازو لڳايو ته ڀگوان گڻيش کير پيندو آهي. جيسين تائين حقيقي سبب هٿ اچن استائين مندرن ۾ ماڻهن جي تمام وڏي رش ٿي وئي هئي ۽ دهلي ۾ بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي هئي ۽ کير جو وڪرو 30 سڪڙو وڌي ويو هو.

    جڏهن ڪنهن به ڪم جي يا نظريئي جي شاهدي نه ملي ۽ سڀ انهيءِ کي درست چون ته پوءِ اندا عقيدا ۽ گمراهه ڪرڻ واريون ڳالهيون جنم وٺنديون آهن ۽ نتيجو رڳو نقصان ۽ هوندو آهي. مثال طور ڀگوان رام ، وشنو جي ستين اوتار جي جنم ڀومي جو اصلي هنڌ جو سوال آهي ته اهو اصل ۾ ڪٿي هو ؟ ڇا اهو اتي هو جتي حڪمران بابر بادشاهه ، بابري مسجد ٺهرائي جيڪا هاڻ ڊاهي ٿي وڃي ؟ انهيءِ تسلسل ۾ ڪا به آرڪيلاجيڪل شاهدي نٿي ملي زميني آڌار تي اها ڳالهه غلط ٿي ثابت ٿي ته اهو هنڌ ڪو رام جو جنم ڀومي هو. مگر انهيءِ ڳالهه جي آڌار تي 6 ڊسمبر 1992 ۾ انهيءِ عقيدي جي بنياد تي المناڪ واقعين جنم ورتو جنهن جي نتيجي ۾ وڏو انساني ڪوس ٿيو هو.

    لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪو پهرين اسان وٽ هڪ ڪتاب تمام گهڻو مشهور ٿيو هو جنهن جو نالو هو “ موت ڪا منظر ” جنهن جي ليکڪ ڪتاب ۾ موت کان پوءِ قبر جي باري ۾ اهڙا ته خوفناڪ واقعا لکيا ها جو ماڻهن کي زندگي کي جئيڻ ئي ڇڏي ڏنو. مون کي چڳي ريت ياد آهي ته بابا جو هڪ دوست انهيءِ ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ چريو ٿي ويو هو انهيءِ کي گدو ۾ داخل ڪرايو ويو هو انهيءِ جي نوڪري به وئي هلي هئي ۽ سڄو گهر به تباهه ٿي ويو هئس. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته قبر جو حال رڳو مردو ئي ڄاڻي ٿو. پر غيرمنطقي ۽ وهم اسان کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن به ڪو انهن غيرمنطقي لاڙن ، عقيدن جي خلاف ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يا هٿ چراند ڪري ٿو ته انهيءِ ڪو نقصان ئي ٿي ٿو. مثال طور ڀارت ۾ سال کن اڳ ڊاڪٽر نريندر راجپوت ڊبولڪر کي پونا ۾ قتل ڪيو ويو هو. هن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هن جادو ٽوڻن مخالف بل لکڻ ۾ مدد ڪئي هئي. جنهن تي بي جي پي ۽ شيوسينا انهيءِ بنياد تي مخالفت ڪئي هئي ته ائين ٿيڻ سان هندو ڪلچر ۽ ريتون رسمون سخت متاثر ٿينديون.

    اها صورتحال هن سڄي خطي جي آهي نه رڳو ايشا ۾ بلڪ يورپ ۾ به سائنس ۽ عقيدن جي ويڙهه جاري آهي. اسان هڪ اهڙو معاشرو جوڙي ڇڏيو آهي جنهن کي اسين وهم پرستن جو معاشرو چون ته غلط نه ٿيندو. ڪڏهن غور ڪري ڏسجي ته اسين پاڻ انهيءِ بيماري ۾ ورتل آهيون. مثال ، ڪاري ٻلي رستو ڪٽي وڃي ته مصيبت ايندي يا نقصان ٿيندو ، چچي مٿان ڪري پوي ته سون ملندو ، ساڄي هٿ جي تري تي خارش ٿي ته پيسا ويندا ۽ کاٻي هٿ جي تري تي خارش ٿي ته پيسا ايندا ، رات جو وڻ هيٺان سمهڻ نڀاڳ آهي ، وار وڏا رکڻ نڀاڳ آهي، قبرستان وٽان لنگڻ تي اثر ٿي پوندو ، وغيره وغيرو ، اهڙيون هزارين ڳالهيون اسان جي وچ ۾ موجود آهن جن جي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. بلڪل انهيءِ ريت اسان جي معاشري کي يا اسان کي هڪ ٻيو مرض به لڳل آهي.

    اهو مرض آهي تعويذ ڦيڻي جو يا جادو ٽوڻي جو ، اسين جيڪڏهن اسان جا اخبار کڻي ڏسو ته بابا جا ، پيرن جا ، سائين جا اشتهار لڳل هوندا آهن ۽ انهن جو بهترين گرهاڪ عورتون آهن. جيڪي پنهنجي مڙس کي قابو ڪرڻ ، سس کي مارڻ ، بيماري جو ڦيڻو رکائڻ يا وري ٻي ڪنهن ملي جي لاءِ ڪو نه ڪو پير فقير ضرور ڳولي لهنديون آهن پوءِ ڇا ٿيندو آهي سڀني کي خبر آهي. کوڙ سارين عورتن کي اهي پير فقير اميد سان ڪيو فرار ٿيون وڃن ، ماڻهن کي قرضي ڪيو ڇڏين ، ٻار اغوا ڪيو وڃن ، پر وري به ماڻهو سڌرڻ جا ڪونه آهن. تازو ئي هالا وارو واقعو اسان جي اکين جي اڳيان آيو ته هڪ پيءَ پنهنجي ننڍڙن ڳلن جا گلا چڀاٽي ڇڏيا رڳو چلو ڪٽڻ جي چڪر ۾ ، حيرت آهي هتي جي ماڻهن تي ، ماڻهو اهو ڇو نٿا سوچين ته جيڪڏهن ڌاڳن ڦيڻن سان ماڻهو امير ٿي ها ته پوءِ هي بابا ، پير ، فقير پاڻ ڇو ويٺو هي ڪم ڪري ؟ پاڻ به ڪو ڦيڻو رکي امير ٿي وڃي.

    ڳالهه دراصل اها آهي ته عقيدت ۽ حقيقت ۾ تمام گهڻو فرق آهي عقيدت انسان جي سوچڻ جي درن کي بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ حقيقت هميشه اصل چهرو سامهون آڻيندي آهي. اسين هڪ وهم پرست معاشري جا ماڻهو آهيون هتي ڪنهن جي به عقيدي سان هٿ چراند ڪرڻ يا ڪنهن جي به وهم تي ڳالهائيڻ مطلب پنهنجي ڳچيءِ ۾ پاڻ فلم وجهڻ آهي. انهيءِ وهم پرستي کي ختم ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي ڇو ته ذهن بند ٿي چڪا آهن ڇو ته فيڪٽس کي نه بلڪ ڦڻن ۽ چلن تي يقين آهي. ڇو ته هي معاشرو وهم پرستن جو معاشرو ٿي ويو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو