انساني دماغ هڪ ڳجهارت

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    احمد خان جمالي

    انساني مٿي، دماغ يا مغز جو وزن تقريبن ڏيڍ ڪلوگرام جي برابر آهي. يعني اسان جو هيءُ اهم عضوو، جسم جي ٻين عام عضون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳرو آهي. دماغ جي مٿاڇري تي اخروٽ وانگر گُهنج پيل آهن. جنهن جو رنگ ڄميل رٻ جهڙو محسوس ٿيندوآهي.

    انساني مغز ۾ بي شمار Neurons آهن. جن جو تعداد لڳ ڀڳ هڪ سئو ارب ٿيندو. پر جڏهين غور ڪبو ته محسوس ٿيندو ته هر هڪ Neurons وري ان کان وڌيڪ ٻين ننڍن ننڍن Neurons ۾ دٻيل آهي. جنهن کي Glia چئبو آهي.

    مغز گهڻو تڻو Cerebrum تي مشتمل آهي. جيڪو ٻن هڪ جيترن حصن ۾ ورهايل آهي. ان جي مٿاڇري کي Cortex چئبو آهي. دراصل اها Cortex جي سائيز ئي آهي جيڪا ماڻهوءَ کي ٻين جانورن کان مٿانهون درجو ڏيئي ٿي. Cerebrum پڻ مختلف خانن Lobes ۾ ورهايل آهي. جنهن مان هر هڪ جو تعلق ڪنهن خاص جسماني فعل سان آهي ۽ اهو حواس جي ذريعي مليل اطلاع مطابق ڪم ڪري ٿو.

    Cerebrum جي پٺيان وري Cerebellum آهي جيڪو جسم جي رڳن جي ننڍن ننڍن حرڪتن جي نگراني ڪر ٿو. انهن ئي حصن جي هيٺان هڪ مضبوط Brain Stem آهي جيڪو حرام مغز سان ڳنڍيل آهي. ان جي ئي ذريعي اعتصابي تندون مغز مان شروع ٿي حرام مغز جي رستي، جسم جي سڄي اعصابي سرشتي سان ڳنڍيل آهن ۽ اهڙي طرح مغز جو مواصلاتي رابطو هر شئي سان قائم ڪندا آهن.

    مغز جي اها وڌيل سائيز جيڪا انسانن کي جانورن کان جدا صف ۾ بيهارڻ جو باعث آهي، اهو گهڻو تڻو انهن اعصابي Neurons جي ٻاهرين سنهي تهه تي مشتمل آهي جنهن کي Ne-cortex چوندا آهن.

    مغز جي سامهون واري حصي جو تعلق ” منصوبه بندي“ ۽ ”دورانديشي“ سان آهي ۽ اهو حصو ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پکڙيل آهي.

    انساني کوپڙي جي پٺيان Cerebellum جي باري ۾ اهو چوڻ درست آهي ته ان جو تعلق ”خود ڪار هنر“ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت سان آهي. جنهن ۾ روزمره جا بيشمار ڪم شامل آهن جيڪي اسان بنا ڪنهن سوچ ويچار کانسواءِ ڪندا آهيون. مثال طور سائيڪل هلائڻ يا موٽر ڪار هلائڻ وقت گيئر مٽائڻ وغيره.

    انساني جسم جا اُهي حصا جيڪي رت جي رسد پهچائڻ کان پري آهن، اتي غذائي جُزا پهچائڻ جي لاءِ مغز جو پنهنجو سرشتو موجود آهي.

    جيتوڻيڪ هڪ بالغ انسان جي مغز جو وزن، جسم جي سموري وزن جو صرف ٻه سيڪڙو جي برابر آهي پر اهو جسم کي پهچندڙ سموري آڪسيجن جو ويهه- سيڪڙو خرچ ڪندو آهي. جڏهين ته ٻارن ۾ اهو تناسب پنجاھ سيڪڙو تائين به ٿي سگهي ٿو. جسم ۾ ٺهندڙ ”گلوڪوز“ جو ويهه سيڪڙو مغز ۾ خرچ ٿيندو آهي. دل مان ايندڙ رت جو پنجون حصو مغز مان گذرندو آهي. اعصاب، برقي توانائي جي ذريعي اطلاع ڏيندا ۽وٺندا آهن. ان لحاظ کان ايئن سمجهڻ گهرجي ته دل جو ڌڙڪڻ دراصل مغز جي ٻولي آهي. ان سلسلي ۾ Steven Rose اسٽيون روز لکي ٿو ته اهڙا اطلاع جيڪي اڳڪٿين جو بنياد آهن، انهن جو دارو مدار جسم جي ”احساس“ تي آهي جيڪي جسم ۾ اها Data برقي اشارن يعني Signals جي شڪل اختيار ڪري مغز جي مخصوص اعصابي سرشتي جي ذريعي مغز جي مرڪزي حصي ۾ پهچن ٿا. جتي ”اهي سگنل“ هڪٻئي کي متاثر ڪري مخصوص قسم جو رد عمل پيدا ڪن ٿا.

    مغز کي موجوده انساني سطح تائين پهچڻ جي لاءِ لکين سالن جو ارتقائي سفر طئي ڪرڻو پيو. اهو ثابت ٿي چڪو آهي اعصابي گروھ Ganglion دماغ ۽ اعصاب جي وچ واري ارتقائي ڪڙي آهي. ڪجهه سال اڳ، آمريڪي نيورو سائنسدانن دريافت ڪيو ته انسانن ۾ ياداشت جي تشڪيل لاءِ جنهن بنيادي خلياتي نظام جي ضرورت آهي، اهو نظام سامونڊي گهونگهن (Snails) ۾ ڏٺو ويو آهي. ڪولمبيا يونيورسٽي جي پروفيسر ايرڪ ڪينڊل Eric Kandel هڪ سامونڊي گهونگهي جي هڪ قسم جي ياداشت ۽ سکڻ جي صلاحيت جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو ته کيس معلوم ٿيو ته انسانن ۾ موجود ڪجهه بنيادي خاصيتون ان ۾ پڻ موجود آهن. فرق اهو آهي ته انساني دماغ ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو ارب اهڙا Neurons آهن جڏهن ته سامونڊي گهونگهي ۾ انهن جو تعداد صرف چند هزار آهي ۽ انهن جي سائيز به وڏي آهي.

    سامونڊي گهونگهي جو اهو خاص قسم ڪنهن به شئي کي ڪيترائي هفتا ياد رکي سگهي پر سندس ”ياداشت“ جي سطح اهڙي آهي جنهن کي انسانن ۾ ”عادت“ چئبو آهي. مثال طور اها ياداشت ان ڳالهه تي مشتمل آهي ته پاڻي ۾ تربو ڪيئن آهي.

    دماغي خرابي جي مريضن تي تحقيق ڪرڻ جي نتيجي ۾ خبر پوي ٿي ته حقيقتن ۽ عادتن کي ياد رکڻ وارو شعبو مغز ۾ جدا جاءِ والاري ٿو.

    حشرات ۽ سامونڊي گهونگهن جو اعصابي نظام اهڙي طرح ٺهيل جو اهو وڌيڪ ترقي ڪرڻ کان قاصر آهي. ارتقا، جانورن جي دماغ ۾ ڪيتريون ئي نيون نيون شيون متعارف ڪرايون آهن، خاص ڪري Primates ۾ جن جا مغز وڏا آهن ۽ انسانن ۾.

    ڀولڙن، بن مانسن ۽ انسانن جي ارتقا سان گڏوگڏ سندن مغز جي سائيز ۽ ساخت ۾ پڻ اضافو ٿيندو رهيو آهي. پر مغز جي ارتقا ڪڏهين ڪڏهين ڪجندي رهي آهي ته ڪڏهين ڪڏهين وري باقاعدي ٻيرانگهون پائي يا ٽپا ڏيئي اڳتي وڌندي رهي آهي.

    ٽي ملين يعني 30 سالن جي عرصي دوران، ارتقائي ”ٽپ“ يا چال جي نتيجي ۾ مغز جي سائيز ۾ تقريبن ٽيڻو اضافو ٿيڻ جي ڪري جيڪو Cortex پيدا ٿيو اهو مغز جي سائيز جي ستر کان اسي سيڪڙو جي برابر آهي.

    پهرين ٻن ٽنگن واري انسان جهڙي Hominid نالي واري مخلوق، ستن کان ڏھ ملين سال اڳي ارتقا ڪئي پر انهن جي مغز جي سائيز ننڍي ۽ تقريبن بن مانسن جي مغز جي برابر هئي.

    جيڪي شهادتون موجود آهن انهن مان معلوم ٿئي ٿوته جديد انسانن جي ابن ڏان جي ارتقا پڻ هڪ ”چال“ يا ٽپ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي جيڪا تقريبن 25 لک سال اڳ آهئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ مغز جي سائيز ۾ پڻ اضافو ٿيو، ۽ اهو دور پٿر جي اوزارن جي ظاهر ٿيڻ سان ٺهڪي اچي ٿو.

    مغز جي سائيز ۾ اضافي ٿيڻ سان، مغز جي مجموعي پيچيدگي ۾ پڻ واڌارو آيو ۽ اهڙي اعصابي سرشتي جي پڻ نئين سر تنظيم وجود ۾ آئي، جنهن جو سڀني کان وڌيڪ فائدو Cortex جي اڳين حصي يعني Preforntal Zone کنيو، جنهن جي سائيز بن مانسن جي نسل جي ڀيٽ ۾ ڇهه ڀيرا وڌيڪ آهي. پنهنجي ان وڌيل سائيز جي نتيجي ۾ مغز جي وچين حصي ۾ ”تندن“ جو وڌيڪ تعداد داخل ڪري سگهي ٿو ۽ جنهن سان مغز جي ٻين حصن مان پهچندڙ رابطا متاثر ٿين ٿا. ”ٻولي جي ارتقا لاءِ اها ڳالهه اهم ٿي سگهي ٿي.“

    هارڊورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر Terrance Beacon اها ڳالهه نوٽ ڪندي چيو آهي ته مغز جو اڳيون حصو انساني Speech Centre جو گهر آهي. انسانن جي لاءِ شعور جي حقيقت ”خود آگاهي“ ۽ فڪر جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي.“

    اسٽيون روز جو مشاهدو آهي ته ”شعور جي نمودار ٿيڻ سان اڳتي وڌڻ لاءِ جيڪا معياري ارتقائي ترقي ٿي آهي، ان مان انسانن ۽ جانورن جي وچ ۾ فيصلائتي فرق جي ثبوت ملي ٿو.

    شعور جي پيدا ٿيڻ سان انساني وجود جي حالت ۾ معياري تبديلي آئي آهي. پر جيئن ته اسان شعور کي هڪ هنڌ بيٺل شئي نٿا سمجهون پر هڪ ”عمل“ جي حيثيت سان سڃاڻون ٿا ۽ جنهن جي ڪڙي هڪ فرد ۽ ماحول جي وچ ۾ رابطي قائم ٿيو آهي. ان ڪري اسان اهو به ڏسون ٿا ته جهڙي طرح انساني معاشري جي ارتقا جي دوران وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انساني رشتا به تبديل ٿيندا رهيا آهن اهڙي طرح شعور پڻ تبديل ٿيندو رهيو آهي. اسانجي ماحول-اسانجي معاشري جا مختلف دور ۽ قسم گهڻو مختلف کوپڙي جي سائيز ۽ ابتدائي Homo Sapiens جي سائيز ۾ ٿي سگهي ٿو ته گهڻو فرق نه هجي پر اسانجو آهن. ان ڪري اسانجو شعور به مختلف آهي. جنهن جو مطلب اهو به آهي ته اسانجي دماغ جون حالتون پڻ مختلف آهن.

    (نوٽ: هي مضمون، مختلف ڪتابن جي مطالعي جي مدد سان لکيل آهي)
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    تمام سٺي معلومات ونڊ ڪئي اٿو ادا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو