سنڌ جي بهادر نياڻي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    فياض حسين

    [​IMG]
    هوءِ ان ڏينهن لياريءَ جي گھٽين ۾ ڌرتي سان محبت جي اظهار لاءِ اسلام آباد اُسهڻ کان پهرين اچي پهتي هئي. جتي سوين سنڌياڻيون هٿن ۾ جھنڊا ۽ بينر کڻي پنهنجي ليڊرن جو انتظار ڪري رهيون هيون، پر هن ميڙ ۾ ٻه اهڙيون سنڌياڻيون به هيون جن جو ڪنهن به پارٽي يا سياست سان نه پر سنڌ سان جيءُ جڙيل هو. سوَن جي ميڙ ۾ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪير سنڌ سان محبت ڪري ٿو ۽ ڪير نه! پر 22 مئي جي ان رت سان رنڱيل ڏينهن ۾ محبتِ سنڌ ريلي ۾ گھڻن ماڻهن کي پوءِ خبر پئي ته شهيدن ۾ هڪڙي سنڌياڻي غزالا به هئي، جنهن سڄي زندگي اولاد کان وڌيڪ عشق سنڌ سان ڪيو، مئي پڄاڻان سنڌ کي ان سنڌياڻي جو ايترو احساس ٿيو جو نه سڃاڻندڙن جي اکين مان به ڳوڙها ڪري پيا. پر جيڪي سنڌياڻيون اڃا زندهه آهن تن جي ڪردار، جدوجهد ۽ زندگي کان اڃا اسان جو مرد، پرست سماج اڻڄاڻ آهي. لياري ۾ گولين جي وسڪاري ۾ بچي ويل هڪ زندهه ڪردار شيرين زنئور به آهي، جيڪا ڪيترن ئي سالن کان اڪيلي سر سنڌ سان پنهنجي اڻٿڪ عشق ائين نڀائيندي اچي جيئن شهيد غزالا نڀايو. حيدرآباد جي هوائن ۾ جنم وٺندڙ مردن کان وڌيڪ بهادر جرئت مند سنڌياڻي شيرين زنئور پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجي ذاتي تڪليف، مسئلن ۽ معاملن کي ڌرتي مٿان فوقيت نه ڏني. جيڪي ماڻهو کيس نه سڃاڻين شايد انهن لاءِ ته هي سٽون لفظ ڀلي خوشامند لڳن پر حقيقت ۾ هوءَ سنڌ جي هڪ اهڙو خاموش ڪردار آهي جنهن جي زندگي ۾ هر آسائش آهي پر پوءِ به سنڌ مٿان ڪڏهن به ڏکيو ڏينهن آيو هجي، هوءَ اڪيلي سير ميدان تي بنا ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ جي نڪرڻ وارين عورتن مان هڪ آهي، جنهن کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ ڌرتي سان محبت جو جنون آهي. اهوئي سبب آهي جو هڪ ڀيري جڏهن سنڌ اسيمبلي مان ٻٽو نظام منظور ٿيڻ جو قانون پاس ٿيو ته هن پنهنجي آفيس مان نڪري اڪيلي پريس ڪلب اڳيان ڪجهه ساٿين سان گڏ ان وقت مظاهرو ڪيو، جڏهن سنڌ جا قومپرست صرف حيدرآباد تائين محدود هيا ۽ سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۾ ڪير به ايئن احتجاج ڪرڻ وارو نه هو، جيئن هن شهر مٿان هٿيارن ۽ دهشت ذريعي ڌاڪو ڄمائيندڙ ڪندا رهن ٿا. ”آئون بيماري ۾ مرڻ بدران وڙهي مرنديس، ڏسجانءِ مذاق نه ٿي ڪريان“ هن لفط ان وقت چيا جڏهن هوءَ زندگيءَ ۽ موت جي منهن ۾ هئي، ڊاڪٽر کيس وڏي آپريشن لاءِ ڪجهه منٽن کان پوءِ آپريشن ٿيٽر منتقل ڪرڻ وارا هيا. پر سندس اکين ۾ ڳوڙهن ۽ خوف بدران مطمئن ڪندڙ ۽ بلند حوصلن جي جھلڪ نظر اچي رهي هئي. سندس دوست ۽ عزيز هن جي آپريشن ٿيٽر مان خير خيريت سان ورڻ لاءِ پريسان ۽ اکين مان ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا پر هوءَ مُرڪي رهي هئي. نه رڳو ايترو پر آپريشن کان پهرين هڪ مهيني تائين پيٽ ۾ سخت سور هجڻ باوجود هوءَ سنڌ جي شهيدن مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي تبت سينٽر اڳيان لاشن سميت ڪيل احتجاج ۾ به پاڻ کي ”پين ڪلر“ (سور گھٽائڻ واري دوا) کائي پهتي هئي. هڪ طرف سندس اکين ۾ ڳوڙها ته ٻئي پاسي سور جي شدت، پر هن کان سنڌ جي جوڌن سان ڪيل قهر تي وڌيڪ ڏک هو. توڙي جو ڊاڪٽرن کيس روڪيو هو ته گھر کان ٻاهر پير به نه رکي. ڪارن ڪپڙن، اجرڪ ۽ فطري حسن سان محبت ڪندڙ شيرين زنئور هونئن ته هڪ وڏي اين جي اوز جي اهم اڳواڻ آهي پر تهنهن هوندي به هن سنڌ جي ماڻهن مامرن کي اٿارڻ لاءِ سنڌ سول سوسائتي فورم قائم ڪرائي ان جي اڳواڻي ٻين حوالي ڪري پاڻ هڪ ورڪر ٿيڻ پسند ڪيو. ان ئي پليٽ فارم تان شهيد بشير خان قريشيءَ لاءِ پهريون ڀيرو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڏيئا ٻاري ڀيٽا ڏني وئي. جنهن جو سڄو سهرو شيرين زنئور، نغمه، ڊاڪٽر برما ۽ ٻين ڏانهن وڃي ٿو، جن هندو نارين جي اغوا، سنڌ جي قومي ڪارڪنن سان ٿيندڙ ويڌن کان ويندي پشاور سانحي تائين هر اهم مسئلي تي پنهنجو آواز بلند ڪيو ۽ ڪندا رهن ٿا. گھڻن مسئلن ۽ رڪاوٽن باوجود شيرين سڀ ڪم ڇڏي ڌرتي لاءِ ٿيندڙ احتجاجن ۾ اڳڀري رهي، ايتري قدر جو عير سنڌين کي به سنڌين سان محبت ڪرڻ سيکاري، سندس ڪيتريون ئي سهيليون سنڌي نه هجڻ باوجود سنڌ جي مامرن کان ايئن واقف آهن جيئن ڪو پنهنجو سنڌي. هن نه رڳو پنهنجي آس پاس پر اسلام آباد تائين سنڌ جي اشوز تي ڀرپور نموني ڳالهايو ۽ وڏن فورمن تي سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ تشدد، قومي ڪارڪنن جي چچريل لاشن کان وڌيڪ انساني حقن جي مامرن کي رکي پنهنجو پاڻ مڃايو. هوءَ بنيادي طور صحافڻ آهي، سندس ڀيڻ تسليم زنئور ۽ سندس ڀيڻيويو مظهر لغاري به ڪنهن نالي يا تعارف جا محتاج ناهن، اسد بنٽي ۽ ايلسا جي امڙ شيرين زنئور پنهنجي زندگي ۾ گهڻيون ئي تڪيلفون ڏسي به ڪڏهن همت نه هاري. زندگيءَ ۾ پنهنجي حقيقي رشتن کان سڀ ڪجھه قربان ڪري سچائي ۽ وفاداري سان رشتا نڀائڻ جو آرٽ به سندس رت ۾ سمايل آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي ۽ ٻين آرگنائيزيشن ۾ ڪيترن اڻڄاتل سنڌي ڇوڪرين کي نه رڳو روزگار وٺي ڏنو پر انهن سان اهڙي ته دوستي رکي جو اهي شايد ئي کيس وساري سگھن. مون کي ياد آهي ته جڏهن ڪراچيءَ مان سنڌ جي اديبن جو قافلو احتجاج لاءِ سکر لاءِ روانو ٿيو ته شيرين زنئور، امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح ۽ ٻين عورتن سان گڏ ان قافلي جو حصو بڻجي جڏهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ريسٽ هائوس ۾ پهتاسين ته پوءِ خبر پئي ته اڄ شيرين جي پنهنجي سالگره آهي ۽ هوءَ گھر جون سڀ تقريبون ڇڏي مظاهرن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پهتي آهي تنهن ڪري سڀني دوستن خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۽ پوءِ ميهڙ ۾ به ان لاءِ ڪيڪ ڪٽي هڪ ڏينهن ۾ ڪئين سادگيءَ سان سالگره ملهايون، هڪ ئي طبيعت ۾ انتهائي سادگي پر ڪاوڙ ۾ کانئس جان جي پناهه گھرندا هوندا. تنهن ڪري شيرين زنئور جي مختلف مزاج کي سمجھڻ جو آرٽ به صرف سندس وَر اعجاز کي آهي، جيڪو خوشنصيب مان آهي جنهن کي اهڙي خوبصورت ۽ سنڌ پرست وني ملي. پنهنجي زندگيءَ ۾ والده ڀاءُ کي وڃائڻ جو غم به کيس مليو، پر ان کان وڌيڪ ڏک کيس سنڌ جي بهادر نوجوانن جي هر روز ملندڙ چچريل لاشن ۽ بشير قريشي جي اوچتي وڇوڙي تي اٿس. ميوزڪ، آرٽ ۽ ڪتابن سان محبت ڪندڙ هن سنڌياڻي ڪڏهن مشهوريءَ جي بکايل نه رهي. تنهن ڪري هن مهيشه پاڻ کي انهن پاڻ پڏائيندڙ شين/ پروگرامن کان هميشه پري رکيو. اڄ جڏهن سنڌ ۾ مرڻ کان پوءِ ڪنهن کي ڀيٽا ڏيڻ جي روايت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي وڃي تڏهن اسان کي اهڙي خاموش ڪردارن کي ضرور ياد ڪرڻ گھرجي، جيڪي سخت تڪليفن سڀ ڪجهه هوندي به ڌرتي لاءِ واڪا ڪرڻ لاءِ روڊن، رستن تي نڪري اچن ٿا. شيرين کي ڪيئي ڀيرا اڻسڌي طرح ڌمڪيون به مليون، پر هن جي طرح کي سواءِ ان جي ٻيو ڪير ٽوڙي نه ٿو سگهي. هوءَ شاهه جي انهن سٽن وانگر به ڪڏهن ڪڏهن لڳندي آهي ته:

    الله ڏاهي ۾ ٿيان،

    ڏاهيون ڏک ڏسن.

    حساس طبعيت رکندڙ هن سنڌياڻي جا ڪيئي پهلو آهن، جن مان هڪ پاسو ماڻهن جي بي لوث مدد ڪرڻ به آهي. هوءَ ڪيترن غريبن جي پنهنجي پگهار مان خاموشي سان مالي مدد ڪندي رهي ٿي. پيئي کي اهميت نه ڏيڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن سندس کيسا خالي هجن ته به کيس پرواهه ناهي هو ته زندگي ۾ سندس 2 وڏا آپريشن ٿي چڪا ۽ ٽيون اڃان ٿيڻ وارو آهي. پر پوءِ به کيس موت کان بي خوفي ڏسي اسان جا لڱ لرزيو وڃن. ڇو ته هن ڪيئي ڀيرا موت کي ويجهو ڏٺو ۽ پوءِ به هوءِ خوفزدهه خوفزندهه ناهي. هن اسپتالن ۾ ماڻهن جي مٿان گذرندڙ ڏکين حالتن مان ئي شايد گهڻو سکيو. تنهن ڪري ئي هوءَ پنهنجي وقت مان وقت ڪڍي غريبن ۽ لاچارن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن لاءِ اسپتال ۾ وقت گذارڻ کي به دلي سڪون حاصل ڪرڻ جو حصو بڻايو آهي. پر اڄ جڏهن زندگي مهاني ۽ موت سستو ٿي ويو آهي ان ويل هوءَ پٿر کان وڌيڪ مضبوط بڻجي چڪي آهي. سندس اکين ۾هڪ خوشحال سنڌ جو خواب سمايل آهي. جنهن لاءِ هوءَ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو به جذبو رکي ٿي. پر ڪاش سنڌ اهڙين بهادر سنڌياڻين کي سندن ئي حياتي ۾ مڃتا ڏيئي ته تمام سٺو ٿي پوي
     
  2. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    898
    ورتل پسنديدگيون:
    1,983
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ادي غزاله امر شھيد آھي.هن جي قرباني کي سلام پيش ڪريان ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو