رئو وقار، تقدس ۽ پاڪيزگيءَ جي علامت آهي ۽ اسان جي سماجي ۽ مذهبي قدرن جو اهم حصو پڻ آهي. ان کي هر عمر جي عورتن جي لباس جو لازمي حصو سمجھيو ويندو آهي. پاڪستاني ڇوڪريون هر نئون فيشن استعمال ڪنديون آهن پر هو رئي کي فقط فيشن طور نه پر تهذيبي سڃاڻپ ۽ قدرن جو مضبوط حوالو به مڃينديون آهن. هي سندن وٽ پاڪيزگي ۽ تقدس جو نشان آهي. عورتن جو مٿو ڍڪڻ اسان جي روشن تهذيب جي هڪ روشن روايت آهي. تقريبن ۾ خاص طور شادين برادين جي موقعن تي رئي جي رنگ ۽ بيهڪ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي. اسان وٽ اڪثر روا ڳوٽن وارن ڪنارن ۽ شيشن سان سجايل هوندا آهن. ڪڏهن انهن کي رڱيو ويندو آهي ته ڪڏهن ستارن ۽ موتين سان به ڀريو ويندو آهي، اوڀر ملڪن جي هيءَ علامت مختلف رنگن ۽ طريقن سان چهري کي معصوميت ۽ تقدس ئي ناهي بخشيندو پر شخصي نکار ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.