رئو تهذيب ۽ تقدس جي علامت

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]رئو وقار، تقدس ۽ پاڪيزگيءَ جي علامت آهي ۽ اسان جي سماجي ۽ مذهبي قدرن جو اهم حصو پڻ آهي. ان کي هر عمر جي عورتن جي لباس جو لازمي حصو سمجھيو ويندو آهي. پاڪستاني ڇوڪريون هر نئون فيشن استعمال ڪنديون آهن پر هو رئي کي فقط فيشن طور نه پر تهذيبي سڃاڻپ ۽ قدرن جو مضبوط حوالو به مڃينديون آهن. هي سندن وٽ پاڪيزگي ۽ تقدس جو نشان آهي. عورتن جو مٿو ڍڪڻ اسان جي روشن تهذيب جي هڪ روشن روايت آهي. تقريبن ۾ خاص طور شادين برادين جي موقعن تي رئي جي رنگ ۽ بيهڪ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي. اسان وٽ اڪثر روا ڳوٽن وارن ڪنارن ۽ شيشن سان سجايل هوندا آهن. ڪڏهن انهن کي رڱيو ويندو آهي ته ڪڏهن ستارن ۽ موتين سان به ڀريو ويندو آهي، اوڀر ملڪن جي هيءَ علامت مختلف رنگن ۽ طريقن سان چهري کي معصوميت ۽ تقدس ئي ناهي بخشيندو پر شخصي نکار ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو