راهن ۾ ئي رهجي وياسين

سجاد سومرو

سينيئر رڪن
نه اڳتي ودياسين نه پوئتي هٽياسين
جتي جا هياسين اتي ئي رهياسين

زماني مان ڪجهه به نه ٿيو حاصل
دلاسن ۽ دوڪن ۾ رهجي وياسين

نه خوشي ملي نه ئي غم مليو
صرف اشارن تي ئي نچياسين

نه محبت جا رهياسين
نه زماني جا رهياسين

اسان ته اي دوست
راهن ۾ ئي رهجي وياسين
 
Back
Top