مرڪي ٿو مهراڻ ۾…!

'مقالا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مقصود گل

    مون پنهنجيءَ دل سان ڳالهائيندي پڇيو: ”ڪر خبر! تون سوڀي صاحب جي مرتئي کي ڪيئن ٿي محسوس ڪرين.!؟“

    دل پنهنجي مخصوص انداز سان وراڻيو: ”لاڙڪاڻي جو محبتن جو تاج محل ڪري پيو آهي!“

    دل جي جواب کي هڪ لمحي لاءِ سوچڻ کان پوءِ مون ساڳيو سوال پنهنجي دماغ کان پڇيو. دماغ ڪجهه وقت جي لاءِ سوچڻ کان پوءِ ورندي ڏني ته: ”لاڙڪاڻي جو ’شانتي نڪيتن‘ بند ٿي ويو.“ ٻئي جواب پنهنجي جاءِ تي مضبوط ۽ مناسب هئا. ڇاڪاڻ ته سالم ۽ سڦرِي دل هميشه پاڻ ۾ محبتون پاليندي ۽ سنڀاليندي آهي. ان ڪري دل کي سوڀي صاحب جون محبتون ئي نظر آيون، تنهن ڪري هُن کي محبّتن جي يادگار، اهم ۽ عظيم اهڃاڻ ”تاج محل“ جي صورت ۾ ئي سوڀو نظر آيو ۽ کيس ننڍي کنڊ جي وڏي جي صورت ۾ لاڙڪاڻي جو محبتي تاج محل جُهرندي نظر آيو ۽ دماغ وري سوڀي صاحب جي ڏاهپ، ڏيا، وسيع سوچ ۽ دانشوريءَ جي پهلو کي نظر ۾ رکي کيس لاڙڪاڻي جو ’شانتي نڪتين‘ ڪوٺي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

    ها! مان سمجهان ٿو ته، جن دوستن سوڀي صاحب کي الفت وارين اکين سان ڏٺو هوندو، انهن کي ضرور هُو اڇو اجرو کيِر سان ڌوتل جرڪندڙ سنگِ مرمر وانگر محبتن جو ’تاج محل‘ ئي نظر آيو هوندو، پر جن دوستن سائين سوڀي کي پنهنجو رهبر ۽ استاد سمجهي نظرياتي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا پاند پٿاريا هوندا، انهن دوستن کي واقعي سوڀو سائين هڪ فرد نه پر ’شانتي نڪيتن‘ وانگر هڪ ڀريل ۽ ڀرپور ادارو نظر آيو هوندو. ڏاهن جو چوڻ آهي ته قيمتي وٿ جو قدر تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اها شئي هٿن مان هلي ويندي آهي ۽ ان جي واپس ملڻ جو ڪو امڪان ئي باقي ناهي رهندو.

    سو هاڻي جڏهن سوڀو اسان کان وڇڙي اهڙي ڏوراهين ڏيهه تي وڃي نڪتو آهي، جتي وڃڻ کان پوءِ ڪو به واپس وري نه آيو، ته سندس وڇڙڻ کان پوءِ هاڻي خاص ڪري لاڙڪاڻي وارن کي ۽ سموريءَ سنڌ کي عام طرح، اندر مان هڪ سُور جي ڊگهي سُوٽ اڀرندي، اهو احساس ڏياريندي هوندي ته اڳ ته سوڀي جي هوندي لاڙڪاڻو احساساتي طور وڏو شاهوڪار هو ۽ اُن جي اٿي وڃڻ کان پوءِ هاڻي لاڙڪاڻو ڪيڏو غريب ٿي ويو آهي ۽ ها لاڙڪاڻي جي اها ويراني اداسي ۽ غربت هرڪو ماڻهو محسوس نه ڪري سگهندو، ڇاڪاڻ ته سوڀي کي سمجهڻ جي لاءِ اندر جي اکين جو اُجرو هئڻ ضروري آهي.

    ”بِڇڙا ڪُڇ اس ادا سي، ڪه رُت هي بدل گَئي،

    اِڪ شخص ساري شهر ڪو، ويران ڪر گيا.“

    ڪنهن ڏاهي سنگتراش جي تراشيل مورتي ڏسي ماڻهو کيس داد ڏيڻ ۽ سندس تعريف ڪرڻ لڳا هئا. تڏهن سنگتراش مرڪندي ماڻهن کي چيو هو: ”هن ۾ منهنجو ته ڪو به ڪمال ناهي….اهو ته مورتيءَ جو ڪمال آهي، ڇاڪاڻ ته اها مورتي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا سميت پٿر ۾ موجود هئي. مون تي تراش خراش ڪري ڪجهه پٿرن جي پردي کي پري ڪري، انهيءَ خوبصورت مورتيءَ کي سندس سندرتا سميت ننڊ مان سجاڳ ڪري، اوهان جي آڏو کڻي بيهاريو آهي. انهيءَ ۾ ڀلا منهنجو ڪهڙو ڪمال ٿيو!“ سنگتراش جو اهو نرالو بيان ٻڌي ڪجهه ماڻهو کلڻ لڳا، ڪن وري حيرت مان پنهنجيون آڱريون وات ۾ ڏنيون. انهن ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪو ڏاهو شخص به بيٺو هو. انهن ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”دوستو! جيڪڏهن ڪو فنڪار يا ڪلاڪار پنهنجي امرتا ۽ نمرتا جي ڪري پنهنجي باڪمال فن جي پرداپوشي ڪري ٿو ته ڀلي ڪري، پر اهو به ته ان جو ڪمال آهي. ڇو جو ڪنهن ننڊ ۾ سُتل مورتيءَ کي اهڙي خوبصورتيءَ سان سجاڳ ڪري ٿو جو هو مرڪندي سجاڳ ٿئي ٿي ۽ جلوه گري ڪري ٿي.“

    اسان جي سوڀي صاحب جي مورتيءَ کي مرڪندي سجاڳ ڪرڻ وارو ڪلاڪار به وڏي ڪمال جو ڪلاڪار آهي، جنهن سوڀي صاحب جي مورتيءَ ۾ مرڪن سان گڏ ڏات، ڏيا، وفا، علم، واسنائن، وڄائن، قول، عمل، محبت، قربانيءَ، رحم، پيار، وطن دوستيءَ ۽ ڌرتيءَ جي پيار جا سندر ۽ سرها گل سجائي اڪيچار ڳڻڻ جو گلدستو بڻائي ڇڏيو. ڏاهپ، سچ ۽ اڏولتا جو اهڃاڻ، سوڀو صاحب هميشه پنهنجي اصولن توڙي سياسي منشور تي پڪو ۽ پختو رهيو. هُو پنهنجي سڄي زندگي مزاحمتي ڪردار جو ساکي ۽ پاسدار رهيو. ڪا به ڌمڪي يا دڙڪو دؤنس کيس هِيسائي ۽ هٻڪائي نه سگهي ۽ نه ئي وري ڪا لالچ ۽ لوڀ کيس جهڪائي سگهي ۽ نه وري ڪير کيس خريد ڪري سگهيو.

    ورهاڱي کان پوءِ سوڀي صاحب جا ڪيترائي سنگتي ۽ ساٿي، ڪي خوشيءَ سان خير سگاليءَ ۽ سلامتي لاءِ سنڌ ڇڏي ويا ته ڪي وري جبر ۽ ڏاڍ جي ڪري سنڌ سڳوريءَ کي الوداع چئي ويا، پر سوڀو صاحب اصول جو پڪو، ”نه کي نوَ ڪوٽ“ وانگر بيهي رهيو. چيائين ته: ”مان جيئري جيجل سنڌ جي جهولي نه ڇڏيندس! جي توهان کي مون کان سنڌ ڇڏائڻي آهي ته ڀلي ماري، سوڀي جو لاش هندستان کڻي وڃو. مان ته مري به سنڌ جي مٽي آهيان. سنڌ ۾ ملي ويندس!!“

    استاد بخاري چواڻيءَ:

    اغيار سان اقرار، اهو ڪيئن ٿيندو!

    ۽ يار سان انڪار، اهو ڪيئن ٿيندو!

    استاد بخاريءَ کي کڻي دفن ڪريو!

    ڌرتيءَ کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو!

    مون پنهنجي محدود تجرباتي سوچ سان سنڌ جي سوڀي کي نهاري ڏٺو. مون کي سندس گهڻ پاسائين شخصيت ۾ اڪيچار پهلو نظر آيا. بلڪل ايئن، جيئن سنڌي ٽوپيءَ ۾ ڪاون جا سوين ستارا چمڪندي نظر ايندا آهن. پر مون سندس سڀني جڳ مڳ سونهن ستارن جا الڳ الڳ عڪس اتاري انهن ۾ سندس شخصيتن جا شعاع ڏٺا ته سوڀو صاحب مون کي سڀ کان اوّل انسان، پوءِ سنڌي، ان کان پوءِ ڪميونسٽ ۽ آخر ۾ مون کي هندُو نظر آيو ۽ اها ئي سوڀي صاحب جي عظمت ۽ امرتا آهي، جو هن پنهنجو هر ڪردار اهڙي حسن ۽ خوبيءَ سان نڀايو، جو سندس شخصيت جي ڪنهن به ڪردار ۾ ڪٿي به ڪنهن به قسم جو جهول نظر ڪونه آيو.

    شاهه عنايت ادبي سنگت نئين ديري (ضلعي لاڙڪاڻي) جي پليٽ فارم تان اسان دوستن سان گڏجي ”هڪ ماڻهو موتيءَ داڻو“ جي سري هيٺ مختلف ادبي ميڙاڪا ڪوٺائيندا هئاسين، جن ۾ ڪنهن به هڪ شخصيت کي ڪوٺ ڏئي وٺي ايندا هئاسين. ڪلاڪ ٻن جي مختصر پروگرام ۾ اُهو گهرايل مهمان پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ٻڌائيندو هو. ان کان پوءِ موجود دوست کانئس سندس زندگيءَ بابت وضاحتي سوال به ڪندا هئا. نتيجي ۾ ان ڪوٺايل اديب، شاعر، ڏاهي يا دانشور جي پنهنجي لفظن ۾ ٻڌايل ڪهاڻي محفوظ ٿي ويندي هئي.

    هڪ دفعي شايد 1990ع جي شروعات ۾ سوڀي صاحب کي انهيءَ پروگرام ”ماڻهو، موتيءَ داڻو“ ۾ مدعو ڪيوسي. هي پروگرام هاءِ اسڪول نئين ديري جي هال ۾ ٿيو. اسان جي هن ننڍڙي پروگرام ۾ سوڀو صاحب بنا ڪنهن تڪلّف جي خوشيءَ سان هليو آيو ۽ ڏاڍو خوش به ٿيو هو. اهي دوست جن جو خيال هو ته سوڀو صاحب تمام وڏي شخصيت ۽ لاڙڪاڻي جو مصروف وڪيل آهي. اهو هن ننڍڙي بيٺڪ ۾ ڪيئن ايندو؟ انهن جڏهن سوڀي صاحب کي اسان جي وچ ۾ ڏٺو ته کين ڪافي حيرت ٿي هئي.

    سوڀي صاحب پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ٻڌائيندي پنهنجي زندگي جون اهم ۽ دلچسپ ڳالهيون ۽ واقعا ٻڌايا. هن ٻڌايو هو ته: ”مان غير معمولي طور تي ٻن شخصيتن کان متاثر ٿيس ۽ متاثر آهيان. انهن ۾ هڪ شخصيت مها ڪوي ’رابندر ناٿ ٽئگور‘ آهي، جنهن ’شانتي نڪيتن‘ ۾ منهنجي علمي ۽ عملي تربيت ڪري مون کي سوڀي مان ”مهين جي دڙي جو ماڻهو“ بڻايو ۽ ٻي شخصيت آهي، ’ڪامريڊ ڪارل مارڪس‘ جي آهي، جنهن جي زندگيءَ ۽ محنت جو وچور پڙهي مون مارڪسي نظريي کي سمجهيو. جنهن ۾ مون کي انسان دوستي ۽ انسان جي ڀلائي نظر آئي.“ انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ ڪامريڊ سوڀي حقيقت ۾ لفظ ”ڪامريڊ“ ۽ ”ڪميُونزم“ کي سؤلي نموني ۾ اسان کي سمجهڻ جو موقعو ڏنو.

    ڪامريڊ سوڀي ٻڌايو ته ماڻهو ”ڪامريڊ“ لفظ کان الائي ڇو نفرت ڪندا آهن! توهان ڀلي ڊڪشنريون کولي ڏسو! ڪامريڊ لفظ جي معنى آهي ”دوست!“ يا ”ساٿي“ مجبُور ماڻهن، مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي سان همدردي ڪندڙ مزدورن ۽ غريب هارين جي دوست ۽ ساٿيءَ کي اسان پنهنجي نظرياتي ٻوليءَ ۾ ”ڪامريڊ“ چوندا آهيون. مارڪسزم جي لاءِ سوڀي صاحب چيو هو ته: ”مارڪسزم نظريو آهي، جنهن تحت ملڪ جي معاشي نظام کي، جنهن کي رائج ڪرڻ سان ملڪ مان غربت، بُک ۽ بيروزگاري ختم ٿي ويندي. ان ڪري اسين ڪميونزم يا سوشلسٽ نظام جا حامي آهيون.“

    سوڀي صاحب ٻڌايو هو ته: ”ڪميُونزم يا مذهب ۾ ڪو به تضاد يا ٽڪر ڪونه آهي. مذهب ۽ ڪميونزم ٻه جدا شيون آهن. ڪميونزم نظريو آهي ۽ مذهب، مذهب آهي ۽ ڪنهن به مذهب جو ماڻهو ڪميونزم جي حمايت ڪري سگهي ٿو.“ ان جو سهڻو مثال ڏيندي ڪامريڊ چيو هو ته: ”مولانا حسرت موهاني ۽ مولانا عبيدالله سنڌي مسلمان ۽ مولانا هئا، پر سوشلسٽ نظام جي حمايت ڪندڙ هئا. مان هندو آهيان ۽ ڪميونسٽ آهيان. ها باقي سرمائيدار کي سوشلسٽ نظريي ۽ نظام مان ضرور نقصان آهي. ڇاڪاڻ جو انهن جي هڪ هٽي ضرور ختم ٿيندي. استحصالي ٽولو جيڪو ڏاڍ ۽ ظلم سان هاريءَ ۽ مزدور جا حق ڦٻايون ويٺو آهي، ان پيٽ وڏي سرمائيدار، ڪاموري، زردار، زميندار ۽ ڪارخانيدار جي پيٽ تي لت ضرور ايندي.“

    صوفي شاهه عنايت جي باري ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ڪامريڊ سوڀي چيو هوته: ”شاهه شهيد هڪ صوفي فقير هو… مسلمان هو… الله الله ڪرڻ وارو! پر هن ڏٺو، سوچيو ۽ محسوس ڪيو ته زرعي مزدور هاريءَ سان ظلم ٿو ٿئي ان کي پنهنجا حق نه ٿا ملن. ظالم زميندار، سندس سموري محنت مزدوري کائي ٿا وڃن. ان ڪري هن درويش سوشلسٽ طرز جي تحريڪ شروع ڪئي. ڌرتي ڪنهن جي ملڪيت نه آهي. ڌرتي الله جي آهي. جيڪو محنت ڪندو اُپت ان جي آهي. ”جيڪو کيڙي سو کائي“ جنهن تي پيرن وڏيرن ۽ حڪمرانن جي پُڇ تي لت آئي، ۽ سڀني استحصالي ٽولن گڏجي شاهه عنايت کي شهيد ڪري رستي تان هٽايو. هن جنگ ۾ ٺٽي سان گڏ دهلي درٻار به شامل هئي.“

    انهيءَ ڪچهري ۾ سوڀي پنهنجي ڳوٺ ’ٻنڊيءَ‘، بگيءَ، ٻلهڙيجيءَ، مهين جي دڙي ۽ شانتي نڪيتن جُون کوڙ ساريون ڳالهيون ڪري ڪچهريءَ کي رنگ لاتو هو ۽ موجود ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ ڪيئن ڳالهائيندي آهي؟ سوڀي صاحب جي اها ڪچهري اڄ به ڪاغذن ۽ ڪيسٽين جي رڪارڊ ۾ موجود آهي. سوڀي صاحب جي گوناگون شخصيت ۾ روشنيءَ وارا ست رنگ سمايل آهن، جن کي سج جي ڪرڻن وانگر دل جي پرزم مان گُذاري، ڏسِي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

    سوڀي سائينءَ جي خودداري نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي. دنيا هڪ وڏو امتحان گاهه به آهي، ۽ هر انسان کي ضرور گرمي سرديءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهو پن ئي ناهي، جيڪو واءَ نه لوڏيو هجي. هن شخص به ريل توڙي جيل جي زندگيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينهن گذاريا، پر ڪڏهن به ٻاڙو نه ٻوليائين.

    ٻيون ڳالهيون، تڪليفون ۽ ڏک سُک پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن سندس پيارو، ساهه سهارو پُٽ ڊاڪٽر ڪنعيا لعل زندگيءَ ۽ موت واري ڪشمڪش جهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو ۽ سوڀي صاحب پنهنجي ميڙي چونڊِي مٿس خرچ ڪري ڇڏي ۽ جڏهن وٽس ڪجهه به ڪونه بچيو ته سوڀي صاحب پنهنجي لکن جي لائبريري وڪڻي پنهنجي لعل پُٽ تان لُٽائي ڇڏِي. ٻئي طرف جيڪڏهن هي ننڍي کنڊ جو وڏو ماڻهو سوڀو صاحب صرف ٻه چپ چوري ها ته سندس سرنديءَ وارا دوست ۽ شاگرد لاتعداد هئا. وٽس لکين روپيا اچي گڏ ٿين ها يا حڪومت به سوڀي کي ضرور سڏ ۾ سڏ ڏئي ها، پر هن خوددار ماڻهوءَ جي ڪمال خودداري ڪنهن جي اڳيان سوال ڪرڻ گوارا ڪونه ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنعيي ويچاري جي حياتي ايتري ئي هئي، جنهن کي سوڀو صاحب پنهنجو ادبي ارڪو ترڪو لُٽائڻ جي باوجود به موت جي منهن مان بچائي نه سگهيو.

    سوڀي کي آخرڪار اگني سنسڪار جي شعلن ۾ پنهنجي پُٽ کي ڏسي پنهنجي احساساتي جذبن کان بي قابو ٿيندي ’انقلاب زنده باد‘ جو نعرو هڻڻو پيو. شايد کيس انهيءَ آڳ ۾ انقلاب واري روشني نظر آئي هئي، جنهن روشنيءَ جي ڳالهه ڪندي هڪ دفعي چيو هئائين ته: ”I still see light at the end of tunnel“

    مان سرنگهه جي آخر ۾ اڃا به روشني ڏسان پيو ۽ سوڀي صاحب جي اها انقلابي روشني، انقلاب جي راهه نهاري نهاري سوڀي جي اکين ۾ ئي اجهامي وئي ۽ هن جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي اڱڻ تي ۽ سموري ملڪ سموري دنيا ۾ انقلابي بهار ڏسڻ جا خواب اکين ۾ سمايا هئا، سي ساڀيائون ماڻي نه سگهيا ۽ هُو پنهنجا سندر سپنا پنهنجي پوڙهين اکين ۾ سهيڙي، سنڌوءَ جل ۾ حل ٿي ويو.

    هڪ دفعي مون ڳالهين ڳالهين ۾ کانئس ڪجهه سياسي ۽ ادبي شخصيتن جو هڪ ٻن سٽن جو تعارف پُڇي نوٽ ڪري ورتو هو، جيڪو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هن مضمون ۾ شامل ڪيان ٿو.

    ”ڪامريڊ سائين! هنن ڪجهه شخصيتن کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ هڪ ٻن سٽن ۾ روشني وجهندؤ؟“

    ڪامريڊ: چئو!

    پڇيم: ”گوبند مالهي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟“

    ڪامريڊ: هُو پنهنجي ڀاونا ۽ سڀاءَ وارو ماڻهو آهي. ڪتابن جو ڪِيڙو… ڏسڻ ۾ قد جو ننڍو آهي، پر ڪم وڏا ڪندو آهي.

    پڇيم: ”هري موٽواڻي کي ڪيئن ياد ڪندؤ؟“

    ڪامريڊ: هرِي سنڌ جو عاشق….سنڌي ۽ هندي اديبن جي وچ ۾ رابطي جي پُل آهي، موٽواڻي. سندس رسالو ”ڪُونج“ رابطي جو ذريعو آهي.

    پڇيم: ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو تعارف؟“

    ڪامريڊ: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊي ۽ هاري حقدار سياست جي ڪري سٺي نوڪري ڦٽي ڪئي. آخر تائين هارين سان نڀايائين. سچو ڪامريڊ هو.

    سوال ڪيم: ”قاضي فيض محمد کي ڪيئن ٿا ڏسو؟“

    ڪامريڊ: اهو فڪري ماڻهو هو. فيض محمّد سنڌ جو سچو سپوت ۽ اديب ماڻهو هو.

    پڇيم: ”پير علي محمد شاهه راشدي سان توهان جي ويجهڙائي رهي؟“

    ڪامريڊ: نه …..! چالاڪ سياستدان هو، پنهنجي مفادن ۾ ڪنهن کي به حصيدار ٿيڻ نه ڏنائين.

    پڇيم: ”پير حسام الدين شاهه کي توهان ڪيئن ڏٺو؟“

    ڪامريڊ: تر جو عالم هو، ساڻس سٺي دعا سلام هئي. ڳنڀير ۽ گهرو سوچيندڙ تاريخ جو پارکو هو.

    سوال ڪيم: ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي باري ۾ ڪجهه چئو!“

    ڪامريڊ: تحقيقي ماڻهو آهي. الائي ته جِنَ سندس عمل ۾ آهن، ايڏو وڏو ڪم ڏهن ماڻهن کان مٿي، جس لهڻي!

    پڇيم: ”ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ سان توهان جو رابطو ڪيئن هيو؟“

    ڪامريڊ: نه…! هڪ دفعو ڳڙهي ياسين ۾ آغا بدر درانيءَ ”سنڌ“ جي نالي سان هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ گڏ هئاسين. دوست چوندا هئا ته سٺو ماڻهو ۽ سٺو استاد هو.

    پڇيم: ”شيخ اياز تي ڪجهه ڳالهايو ڀلا!“

    ڪامريڊ: هند ۽ سنڌ جو وڏو شاعر. جنهن جي شاعري انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿئي ها ته نوبل پرائز کٽي ها!

    پڇيم: ”سام جئسنگهاڻي توهان جي نظر ۾؟“

    ڪامريڊ: سام جئسنگهاڻي پنهنجي فڪر جو وڏو ماڻهو هو. امير هوندي فقير هو. رستن کي ٻهارا ڏئي، طيّب جون گهٽيون صاف ڪندو هو. رتيديري ۾ تن ڏينهن جي صوفي ڪانفرنس(شايد 1936ع ۾) سندس وڏو ڪارنامو آهي.

    سوال ڪيم: ”سائين جي ايم سيد تي ٻه اکر سائين؟“

    ڪامريڊ: ”رهبرِ سنڌ“ تي وري ٻه اکر؟ اڄ ڪلهه سنڌ جو نالو جيڪو ٻڌو ٿا ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳائجي ٿو، سو جي ايم سنڌ جي ڪري آهي، نه ته ڪڏهوڪو سنڌ واڳُن جي وات ۾ هجي ها.

    پڇيم: ”ڀڳت ڪنور رام کي توهان ڪيئن ٿا لفظن جي دائري ۾ آڻيو؟“

    ڪامريڊ: ايڏو سخي، ماڻهن ۾ اڪيلو ڪنور ڀڳت ئي مون ڏٺو. سچّو صوفي، انسانيت جو پتلو ۽ مسڪينن جو خدمت گار ڪو ورلي ئي هوندو.

    سوڀي صاحب استاد بخاري جي لاءِ پنهنجا ڪمينٽس ڏيندي چيو هو ته: ”مسلسل جدوجهد، ڌرتيءَ جي عشق ۽ ذات سان گڏ ڏانءُ جو نالو استاد بخاري آهي.“

    جُون 1920ع کان مهين جي دڙي جي ڇانوَ ۾ آباد هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ٻنڊيءَ‘ ۾ زندگي جو سفر شروع ڪندڙ هڪ وڏي سيٺ’ٽؤنر مل‘ جي پُٽ سوڀي گيانچنداڻيءَ، زمينداريءَ کي لت هڻي، هارين جو همدرد ۽ حمايتي ٿي سڄي عمر سادگيءَ ۾ گذاري. ايشيا جو وڏو ماڻهو پڇاڙيءَ تائين پنهنجي اُجهامندڙ اکين سان انقلاب کي ڳولهيندو ۽ ”نيٺ بهارايندو“ جا آلاپ آلاپيندي ذري گھٽ صديءَ جو سفر پورو ڪندي 8 ڊسمبر 2014ع تي هي ڏيهه ڇڏي ويو ۽ مهين جي مٽي، سنڌوءَ جل جِي پوڄا ڪندي، پنهنجي اصل سان وڃِي ملي ۽ سوڀي، ”سنڌ ـ سپوت“ مهراڻ ۾ وڃي مرڪون ماڻيُون.

    ”مٽي موهن گهاٽ جي، پوتر سنڌوءَ جل

    ٻيئي پرتا پاڻ ۾، وهواهه عشق عقل

    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جون ڪوملتائون ڪل،

    سنڌوءَ پُٽ سوڀل، مرڪي ٿو مهراڻ ۾
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو