محمد يونس جروار
سينيئر رڪن
مون سان ملو، مان آهيان محمد يونس جروار
سنڌ سلامت جا سڀئي ساٿيو مان پنهنجي تعارف ڪرائڻ کان پهرين سڀني سنڌي سڄڻن کي پنهنجا پيار ڀريا سلام چوندس، جيجل سنڌ جو عظمت ڀريو نعرو نعراءِ نعراءِ نعراءِ سنڌ چوندس، مونکي يقين آهي ته مُنهنجا مٺا سنڌي مُنهنجي سلامن جي جواب ۾ وعليڪم سلام چوندا۽ منهنجي نعراءِ سنڌ جي جواب جيئي جيئي جيئي سنڌ چئي منهنجو مان مٿاهون ڪندا. ته مُنهنجو نالو محمد يونس بهادر خان جروار آهي، بهادر خان مُنهنجي بابا سائين جو نالو آهي، ذات سمجهي ويا هوندا جروار آهي،مون پنهنجي هن مٺڙي سنڌ ڌرتيءَ جي هڪڙي تمام خوبصورت ڳوٺڙي حاجي خان جروار، نزد نائون ميل بس اسٽاپ بُلڙي شاهه ڪريم روڊ ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ سن 1975ع ۾ جنم ورتو اهڙي ريت مان زندگيءَ جا تقريبن 33 ٽيٽيهه سيارا اونهارا، سانوڻيون، برساتون، بهارون، لاهيون ۽ چاڙهيون، ڏٺيون آهن،مُنهنجي تعليم ايم اي اڪنامڪس ۽ ايم اي انگلش لٽريچر آهي. دوستو ڪمپيوٽرٽيڪنالاجي ۾ هرقسم جي هارڊ ويئرن سان رانديڪن وانگر رانديون ڪندو آهيان مطلب انسٽاليشن کان وٺي ان جي مرضن کي سُڃاڻڻ ۽ انهن جي درست علاج جا سارا گُر يا کڻي اُن کي فن چئو سارا معلوم اٿم . دوستو سنڌ ته سموري هيرن جي کاڻ آهي،مرشد لطيف سائين رح، اُستاد بخاري، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ لاڙ جي هڪ انتهائي يگاني شاعر حافظ محمد نظاماڻي جي شاعري بي انتها وڻندي آهي، سنڌي ليکن ۾ مهتاب محبوب، سائين الطاف شيخ ، امرجليل ، سراج، ۽ علي بابا جي لکڻين جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي، انهن ڏاهن ليکڪن جون لکڻيون سنڌي ادب جي حيثيت سان سموري سنڌ جون هڪ تاريخي ۽ قيمتي اثاثو آهن. مونکي انگلش ادب ۾ چارلس ڊڪنز۽ بيڪن فرانسز وڻندا آهن، جڏهن ته فن گائيڪي ۾ مونکي مرحوم سرمد سنڌي، مرحوم خان صاحب اُستاد محمد يوسف ۽ موجوده دور ۾ ديبا سحر جو آواز ڏاڍو وڻندو اٿم. دوستومان روزي روٽي جي حاصلات لاءِ لمس ڄامشورو ۾ پنهنجون آفيشلي ذميواريون سرانجام ڏيندو آهيان. سنڌ سلامت جي هن ماڳ جو ڏس پتو ٽنڊو محمدخان شهر جي هڪڙي ناز، سائين نثاراحمد ناز ڏنو. آخر ۾ ويندي ويندي دوستن کي ڪجهه پريم ڀريون ڳالهيون شيئر ڪندو وڃان ته سچي محنتن ۾ئي حقيقتن جو دارومدار آهي. دنيا ۾ جنهن به انفرادي نموني يا اجتمائي حيثيت سان محنت ڪئي انهن کي ترقي ۽ بلندين تي وڃڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. مُنهنجو يقين آهي ته اسان شيون جيڪي جيئن آهن ائين ئي پرکڻ جي ڪوشش ڪيون ته اسان کي ڪابه مشڪلات سامهون نه ايندي ۽ هر مشڪل مسئلي جو حل خودبخود سامهون اچي ويندو.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سنڌ سلامت ساٿ سلامت