مون سان ملو، مان آهيان محمد يونس جروار

'تعارف' فورم ۾ محمد يونس جروار طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2009۔

  1. محمد يونس جروار

    محمد يونس جروار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مون سان ملو، مان آهيان محمد يونس جروار​

    سنڌ سلامت جا سڀئي ساٿيو مان پنهنجي تعارف ڪرائڻ کان پهرين سڀني سنڌي سڄڻن کي پنهنجا پيار ڀريا سلام چوندس، جيجل سنڌ جو عظمت ڀريو نعرو نعراءِ نعراءِ نعراءِ سنڌ چوندس، مونکي يقين آهي ته مُنهنجا مٺا سنڌي مُنهنجي سلامن جي جواب ۾ وعليڪم سلام چوندا۽ منهنجي نعراءِ سنڌ جي جواب جيئي جيئي جيئي سنڌ چئي منهنجو مان مٿاهون ڪندا. ته مُنهنجو نالو محمد يونس بهادر خان جروار آهي، بهادر خان مُنهنجي بابا سائين جو نالو آهي، ذات سمجهي ويا هوندا جروار آهي،مون پنهنجي هن مٺڙي سنڌ ڌرتيءَ جي هڪڙي تمام خوبصورت ڳوٺڙي حاجي خان جروار، نزد نائون ميل بس اسٽاپ بُلڙي شاهه ڪريم روڊ ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ سن 1975ع ۾ جنم ورتو اهڙي ريت مان زندگيءَ جا تقريبن 33 ٽيٽيهه سيارا اونهارا، سانوڻيون، برساتون، بهارون، لاهيون ۽ چاڙهيون، ڏٺيون آهن،مُنهنجي تعليم ايم اي اڪنامڪس ۽ ايم اي انگلش لٽريچر آهي. دوستو ڪمپيوٽرٽيڪنالاجي ۾ هرقسم جي هارڊ ويئرن سان رانديڪن وانگر رانديون ڪندو آهيان مطلب انسٽاليشن کان وٺي ان جي مرضن کي سُڃاڻڻ ۽ انهن جي درست علاج جا سارا گُر يا کڻي اُن کي فن چئو سارا معلوم اٿم . دوستو سنڌ ته سموري هيرن جي کاڻ آهي،مرشد لطيف سائين رح، اُستاد بخاري، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ لاڙ جي هڪ انتهائي يگاني شاعر حافظ محمد نظاماڻي جي شاعري بي انتها وڻندي آهي، سنڌي ليکن ۾ مهتاب محبوب، سائين الطاف شيخ ، امرجليل ، سراج، ۽ علي بابا جي لکڻين جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي، انهن ڏاهن ليکڪن جون لکڻيون سنڌي ادب جي حيثيت سان سموري سنڌ جون هڪ تاريخي ۽ قيمتي اثاثو آهن. مونکي انگلش ادب ۾ چارلس ڊڪنز۽ بيڪن فرانسز وڻندا آهن، جڏهن ته فن گائيڪي ۾ مونکي مرحوم سرمد سنڌي، مرحوم خان صاحب اُستاد محمد يوسف ۽ موجوده دور ۾ ديبا سحر جو آواز ڏاڍو وڻندو اٿم. دوستومان روزي روٽي جي حاصلات لاءِ لمس ڄامشورو ۾ پنهنجون آفيشلي ذميواريون سرانجام ڏيندو آهيان. سنڌ سلامت جي هن ماڳ جو ڏس پتو ٽنڊو محمدخان شهر جي هڪڙي ناز، سائين نثاراحمد ناز ڏنو. آخر ۾ ويندي ويندي دوستن کي ڪجهه پريم ڀريون ڳالهيون شيئر ڪندو وڃان ته سچي محنتن ۾ئي حقيقتن جو دارومدار آهي. دنيا ۾ جنهن به انفرادي نموني يا اجتمائي حيثيت سان محنت ڪئي انهن کي ترقي ۽ بلندين تي وڃڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. مُنهنجو يقين آهي ته اسان شيون جيڪي جيئن آهن ائين ئي پرکڻ جي ڪوشش ڪيون ته اسان کي ڪابه مشڪلات سامهون نه ايندي ۽ هر مشڪل مسئلي جو حل خودبخود سامهون اچي ويندو.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا محمد يونس جروار وعليڪم اسلام ۽ جيئي جيئي سنڌ جيئي
    سنڌ سلامت فورم bhali kareaya
    مٺا ٽنڊو محمد خان جي محترم نثار احمد جو تعارف به پڙهيو آهي پر توهان ته اصل asul matt ها واقعي به هاڻي پڪ ٿي ته ٽنڊو محمد خان جي شهر جا ماڻهون محبتي ۽ اعليٰ ظرف جا هجڻ سان گڏ اعلي تعليم يافته پڻ آهن۔۔
    توهان جهڙن محسنن کي پنهنجي ساٿ ۾ ڏسي يقين سمجهو ٿڌي ڇانوَ ملي وڃي۔۔۔
    مٺا shal judy hujeen توهان جو تعارف پڙهي دل باغ باغ ٿي وئي۔۔
    اميد اٿم ته پنهنجي اهڙين ئي لکڻين سان فورم تي ڇائنجي ويندو۔۔
    اسان جون محبتون ۽ چاهندو توهان سان گڏ آهن
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، هن ناچيز توهان کي فورم تي ڀليڪار ٿو چئي، مٺا اميد ته توهان کان گهڻو ڪجهه سکندا سين۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا جروار سنڌ فورم تي مان اوهان کي ويلڪم چوان ٿو
    جيئي سنڌ سدا جيئي
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    السلام عليڪم HaqMojood

    جيئي سنڌ سدا جيئي جيجل سنڌ

    سائين محمد يونس جروار صاحب توهان جهڙي شخصيت کي سنڌ سلامت فورم تي ڏسي ڪري اسان جا حوصلا تمام وڌي ويا آهن سائين ڀلي ڪري آيا ۽ سنڌ سلامت فورم طرفان اوهان لاء هي گفٽ اميد ته قبول پوندا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    لڳي ٿو، الله سائين جي ٽنڊي محمد خان تي خاص رحمت وسندي رهي ٿي۔ جو وڏا وڏا اڪابر، ۽ جوڌا جوان هن شهر مان اڀرندا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو