ڪامريڊ جمال الدين بخاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    لياقت راڄپر


    هڪ اهڙي شخصيت جنهن پنهنجي حسين زندگيءَ جا اهم ۽ جوانيءَ وارا ڏينهن جيل ۾ سزائون ڪاٽيندي ۽ مزدورن، هارين ۽ محنت ڪش طبقي جي حقن وٺڻ ۾ گذاري ڇڏيا پر پوءِ به مرڻ کان اڳ هن جي اها خواهش هئي ته ڪاش هن کي وري زندگي ملي ته هو اها به غريبن جي حقن لاءِ خرچ ڪري ڇڏي.

    ان شخصيت جو نالو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري جنهن سان منهنجي ملاقات 1976ع ۾ پنهنجي انفارميشن آفيس لاڙڪاڻي ۾ ٿي ۽ پوءِ مسلسل هن سان هن جي گهر جي اوطاق جيڪا هن جي هفتيوار اخبار انصاف لاڙڪاڻي ۾ قائم هئي يا وري جڏهن مون کي خبر پوندي هئي ته اڄ پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي ۾ ڪو پروگرام آهي ۽ اتي ڪامريڊ بخاري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو ته مان ضرور اتي وڃي هن جي جوشيلي ۽ ڪارگر تقرير ٻڌندو هيس. ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي هر سياسي، سماجي ۽ سرڪاري تقريب ۾ بخاري صاحب جو هجڻ لازمي هوندو هيو. ڇو جو هو هڪ هلندڙ ۽ گهمندڙ زنده تاريخ هيو، جنهن کي ٻڌڻ لاءِ پڙهيل لکيل ماڻهو آتا هوندا هيا.

    توهان ڏسو ته هڪ پيري مريدي خاندان سان تعلق رکندڙ سيد گهراڻي جو هي فرزند ڪيئن هندستان جي شهر احمد آباد مان سفر ڪندو سنڌ جي اهم شهر لاڙڪاڻي ۾ اچي پهچي ٿو ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت هن جي رت ۾ ملي وڃي ٿي ۽ هن پاڻ کي سنڌي سڏائڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي ٻين سڀني ٻولين تي فوڪيت ڏني ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. اهو سلسلو نه صرف هن پاڻ تائين رکيو پر ان کي هن جي اولاد اڄ تائين ساهه ۾ سانڍي رکيو آهي. ڪامريڊ پاڻ ۽ هن جا پونئير پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي فخر محسوس ڪندا رهيا آهن.

    ڪامريڊ 14 مارچ 1900ع ۾هندستان جي شهر احمد آباد ۾ پيدا ٿيو هو، جتي هن جا وڏا 1400ع ۾ اُچ شريف (بهاولپور) مان لڏي آيا هئا. ڇاڪاڻ جو اتي به هنن جا تمام گهڻا مريد هيا. ڪامريڊ جو والد زين العابدين هڪ عالم ۽ فاضل شخص هيو جنهن ايم اي پاس ڪرڻ کانپوءِ بجاءِ زمينداري سنڀالڻ جي هن هڪ اسڪول کوليو جنهن جو هو پاڻ پرنسپل ٿيو ۽ ٻارن کي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ ان سان گڏوگڏ سياست به جاري رکي پر هن خاص ڪري خلافت تحريڪ ۾ کلي ڪري حصو ورتو ۽ 1919ع ۾ خلافت تحريڪ جي اهم ليڊرن سان گڏجي لاڙڪاڻي به آيو هو. جڏهن ته ڪامريڊ به ساڳي تحريڪ جي حوالي سان 1920 ۾ لاڙڪاڻي آيو هو، ڪامريڊ جي والده ان وقت وفات ڪري وئي، جڏهن هو پنجن سالن جو هو ۽ هن جي پرورش پوءِ هن جي پڦيءَ ۽ ماسيءَ ڪئي.

    ڪامريڊ شروعاتي تعليم هڪ مدرسي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ هڪ مشينري (Missionery) اسڪول ۾ پڙهي ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ جرمني روانو ٿيو، جنهن سان گڏ هڪ گورنيس (Governess) ساڻ هئي. اتي هن 1914ع ۾ جونيئر ڪيمبريج ۽ 1916ع ۾ سينيئر. ڪيمبريج پاس ڪئي. ڪامريڊ جي هوشياري کي ڏسي جرمنيءَ جي هڪ خوشحال عورت هن جي تعليم جو خرچ برداشت ڪيو، جڏهن ته سندس والد به پنهنجي طرفان خرچ موڪليندو هيو. بخاري ڪجهه وقت انگلينڊ به ويو. ڪامريڊ 1918ع ۾ بي اي عليڳڙهه يونيورسٽي مان پاس ڪئي، جتي هن جو خاص دوست سنڌ جي مشهور شخصيت قاضي فضل الله سندس ڪلاس فيلو هيو.

    ڪامريڊ سياست جي شروعات 17 سالن جي عمر کان ڪئي هئي. تڏهن 1917ع ۾ روس ۾ ڳاڙهو انقلاب آيو هيو. هو ڪميونسٽ پارٽي جي پروگرامن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هيو، جنهن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ هن جدوجهد شروع ڪئي ۽ هو هڪ تجارتي گروپ سان گڏجي هڪ sellerجي حيثيت ۾ قنڌار، بخارا، تاشقند ۽ روس ڏانهن سفر شروع ڪيو، جتي پهچڻ لاءِ هن کي پنڌ ۽ گڏهه تي چڙهي وڃڻو پيو. روس پهچڻ تي هن ڪميونسٽ پارٽي جي اهم اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي خيالن بابت انهن کي آگاهه ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ هن کي سنڌ لاءِ ذميواريون ڏنيون ويون. هو ڏهن مهينن جي سفر کانپوءِ جڏهن واپس احمدآباد کان پوءِ ڪراچي پهتو ته هن اتي لائٽ هائوس سينيما ڀرسان هڪ جاءِ ڪرائي تي ورتي، جنهن کي هو آفيس طور به استعمال ڪندو هيو.

    ڪامريڊ جو والد به عربي، فارسي، هندي، انگريزي، لاطيني، گجراتي، سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولين تي عبور رکندو هيو. هو جڏهن 1922 ۾ گذاري ويو ته ان جي مڙهه کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ به ڪامريڊ نه وڃي سگهيو. ڇو جو هن کي خلافت تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ سال جي سزا ڏئي جيل اماڻيو ويو هيو. بعد ۾ جيل مان نڪرڻ کانپوءِ بخاري ڪميونسٽ پارٽي جي هدايتن تي مزدورن جي ڀلائي ۽ حقن لاءِ زور شور سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1924 ۾ MASSES Hansa cargo line company ۾ seaman جي يونين ٺاهي جتي ڪمپني ۾ هو پاڻ به بطور saloon boyڪم ڪندو هيو. هن 1925ع ۾ ڪين نارٿ ويسٽرن ريلويز يونين ٺاهي جنهن جو هو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، هن 1928ع ۾ آل انڊيا مزدور ڪسان پارٽي طرفان ڪلڪتي ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ سنڌ جي نمائندگي پڻ ڪئي.

    ان کان علاوه ساڳي سال جون جي مهيني ۾ هندو مسلم گڏجاڻي ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري ايگريمينٽ تي ڪامريڊ به صحيون ڪيون هيون. هن گڏجاڻيءَ ۾ تقريبن هندو ۽ مسلمانن جي 30 ليڊرن شرڪت ڪئي هئي ۽ اها گڏجاڻي بئريسٽر ٽِيڪم داس وڌو مل جي گهر ۾ ٿي هئي. ڪامريڊ جي جذبي، جوش، محنت ۽ لڳن کي ڏسي هر تنظيم چاهيندي هئي ته بخاري کي پاڻ سان شامل ڪري انهي لاءِ 1936ع ۾ آل انڊيا سڀا ڪسان پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ اڳتي هلي هن کي 1940ع ۾ پارٽي جو صدر چونڊيو ويو. جڏهن ته ساڳي ئي سال بخاري کي سنڌ هاري ڪميٽي جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، جنهن لاءِ ٿرپارڪر جي شهر پٿورو ۾ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي. جنهن ۾ عبدالقادر ميوا کي به ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو هيو. ڪامريڊ بخاري هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان زميندارن ۽ سردارن جي ڏاڍ، ظلم ۽ ناانصافين خلاف ڍال ٿي بيٺو هيو.

    هڪ ئي وقت ڪامريڊ ايترن ئي پليٽ فارمن تي ڪم ڪري رهيو هيو، جو ماڻهو حيران هيا ته هن ۾ ايڏي stamina ۽ ڏات آهي جو هو هر وقت هر هنڌ پهچي وڃي ٿو ۽ سڀ کان اڳ ۾ هلي ٿو ۽ گرفتاري يا وري جيل جي هوا کائڻ کان ڪيٻائي ڪونه ٿو. 1943 ع ۾ جڏهن احمد آباد ۾ هڪ مزدورن جو ڪنوينشن ٿيو ته ان ۾ هن جي ملاقات هڪ عورت مزدور ليڊر شانتا سان ٿي جيڪا ڪميونسٽ پارٽي جي پڻ اڳواڻ هئي. ملاقات ۾ هنن ۾ ذهني هم آهنگي پيدا ٿي، جيڪا شادي ۾ تبديل ٿي وئي پر اها شادي 1945ع ۾ ٿي ۽ مسز شانتا شادي کان اڳ اسلام قبول ڪيو ۽ سندس نالو زيب النساءِ رکيو ويو. شادي کان پوءِ 1946ع ۾ رائل انڊين نيوي خلاف بغاوت جي حمايت ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سڏ تي آرام باغ ڪراچي ۾ هڪ وڏو جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ تقريبن 75 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي جي ڪاميابيءَ کانپوءِ حڪومت هڪدم ڪميونسٽ پارٽي تي سنڌ ۾ بندش وڌي، پارٽي جون آفيسون بند ڪيون ويون ۽ ڪامريڊ سميت ڪافي ليڊرن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو.

    ڪامريڊ زندگي ۾ 12 ڀيرا هندستان ۽ پاڪستان جي جيلن ۾ 18 سال رهيو ۽ هن لاءِ اهو چيو ويندو هيو ته هو جيل جو پکي آهي. هڪ دفعي 1947ع ڊسمبر مهيني ۾ ڪراچي جي ميٽرو پول هوٽل جي بئرن جي هڙتال ٿي، جنهن جو الزام ڪامريڊ تي آيو ۽ هن کي ڏيڍ سالن جيل ڪاٽڻو پيو. 1946ع کان 1949ع تائين ڪميونسٽ پارٽي جو هو سيڪريٽري جنرل رهيو، جڏهن ته 1949ع ۾ قاضي فضل الله جي ذاتي ضمانت تي جيل مان آزاد ڪيو ويو ۽ ڪراچي بدر ڪيو ويو ته هن کي قاضي صاحب پاڻ سان گڏ لاڙڪاڻي وٺي ويو، جتي ڪجهه ڏينهن پاڻ وٽ رهائڻ کانپوءِ قائم شاهه بخاري ڀرسان هڪ جاءِ ۾ رهايو، جيڪا بخاري منزل سڏجي ٿي.

    لاڙڪاڻي ۾ اچڻ سان هن سياسي، ادبي ۽ صحافتي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون جنهن ۾ اوليت پورهيت ۽ هاري لاءِ هئي جنهن جي ڪري ٿوري ئي وقت ۾ هن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي. پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ هن انصاف پرنٽنگ پريس ۽ هفتيوار اخبار انصاف جي نالي سان قائم ڪئي. ان کانپوءِ هفتيوار انگريزي اخبار New Era جي نالي سان ڪڍڻ شروع ڪئي. هن جي بين الاقوامي شهرت واري سياسي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽي سان تمام گهڻي ويجهڙائپ ٿي وئي، جڏهن ته ڀٽي جي والد سر شاهنواز ڀٽي سان اڳ ۾ ئي رابطا هيا. ڀٽو صاحب جڏهن به ڪنهن خاص سياسي جلسي يا گڏجاڻي ۾ ويندو هيو ته هو بخاري کي پاڻ سان وٺي ويندو هيو. سوشلزم جو نعرو روٽي، ڪپڙا اور مڪان ۽ مساوات واري ڳالهه هن ئي ڀُٽي جي ڪن ۾ وڌي هئي.

    ڀٽو صاحب هر عيد تي هن لاءِ هڪ وڏو تحفو موڪليندو هو. ان کان علاوه جڏهن 1970ع جي وچ ڌاري بخاري صاحب ٽي بي جهڙي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ته زيڊ اي ڀُٽي هن کي پنهنجي خرچ تي ڪوئيٽا سينٽوريم موڪليو جتي هو 5 سالن اندر بلڪل صحتيات ٿي لاڙڪاڻي موٽيو ۽ وري پنهنجي جدوجهد ۾ لڳي ويو. ڪامريڊ وٽ ڀُٽي جو وڏو ڀاءُ سڪندر علي ڀٽو پڻ انصاف پريس تي ايندو رهندو هيو، ڇو جو هڪ ته بخاري سان ڪچهري ۽ ٻيو وري هو پنهنجي انگريزي ۾ ڪيل شاعري هفتيوار انگريزي اخبار NEW ERA ۾ ڇپرائيندو هيو. هڪ دفعو جڏهن ڀُٽي صاحب کي خبر پئي ته جنهن گهر ۾ ڪامريڊ رهي ٿو، ان کي خريد ڪرڻ لاءِ پيسا نه آهن ته ڀُٽي هڪ ڪوآپريٽو بينڪ کي چئي هن کي قرض کڻائي ڏنو.

    هو ايترو ته مومن هيو جو پاڻ وٽ جڏهن ڪا به رقم هوندي هئي ته مزدورن ۽ هارين جي ڀلائي ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو هيو. هڪ ڀيرو پنهنجي احمد آباد واري جاءِ صرف 5 هزارن ۾ کپائي ڇڏي ۽ اها رقم مزدورن جي فلاحي ڪمن تي خرچ ڪري ڇڏي. ماڻهو به هن جا وڏا شيدائي هوندا هئا ۽ جڏهن هو جلسي يا ڪنهن پروگرام ۾ تقرير ڪندو هيو ته ڄڻ ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هيو هن جي دانشمنداڻي گفتگو، سامهون واري کي مرغوب ڪري ڇڏيندي هئي. آخري ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جي نيشنل سينٽر جي پروگرامن ۾ هو هر حال ۾ شرڪت ڪندو هيو. لاڙڪاڻي يا سنڌ جي شايد ڪا ڪميٽي هجي جنهن جو هو ميمبر يا آفيس بيئرر نه رهيو هجي.

    هڪ دفعي جڏهن ڪامريڊ جي ملاقات صدر ايوب خان سان ٿي ته ان چيو ته لڳي ٿو ته ڀُٽي جي ٻاهرين پاليسي جي قائم ڪرڻ ۾ ڪامريڊ جو به حصو آهي. پاڪستان جي آزدي کانپوءِ جڏهن قائداعظم ڪامريڊ کي قومي اسيمبلي لاءِ آڇ ڪئي ته هن هڪدم قاضي مجتبيٰ جو نالو ڏنو، جيڪو يوسف هارون ۽ محمود هارون جو استاد هيو. هڪ دفعي بخاري پنهنجي ڀاءُ جي موت تي جڏهن هندستان ويو ته هن کي جيل موڪليو ويو ۽ جڏهن هڪ دوست هن سان جيل ۾ ملاقات لاءِ آيو ته هن ان کي هڪ خط وزيراعظم جواهر لال نهرو لاءِ لکي پوسٽ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ جڏهن اهو خط نهرو کي پهتو ته هن ڪامريڊ کي آزاد ڪرايو ۽ هندستان ۾ رهڻ جو چيو ۽ پنهنجي ڪابينا ۾ وزارت لاءِ آفر ڏني جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي ۽ پاڪستان واپس هليو آيو.

    ڪامريڊ هڪ بااصول ماڻهو هيو جنهن پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي. جڏهن ته هن کي ڪيتريون ئي مالي ۽ اقتداري لالچون ڏنيون ويون. هڪ ڀيرو شروعاتي دور ۾ بخاري اسٽالن سان ڪنهن ڳالهه تي اختلاف ڪيو ته هن جي جاءِ تي ڪميونسٽ پارٽي ۾ سيڪريٽري جنرل واري پوزيشن تي ساجد ظهير کي رکيو ويو. ڪامريڊ جڏهن روس ويو هيو ته هن لينن سان به ملاقات ڪئي هئي، جيڪا هڪ تاريخي ڳالهه آهي. ڪامريڊ ريشمي رومال واري تحريڪ دوران عبدالمجيد سنڌي سان خلافت تحريڪ دوران مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جوهر، بئريسٽر جان محمد جوڻيجي سان پڻ ڪم ڪيو. هو ڪمال اتاترڪ، فيڊرل ڪاسترو، هوچي منهه، مائوزي تنگ کي پسند ڪندو هيو ۽ ٻالڪپڻ ۾ هو گهوڙي سواري، ڪرڪيٽ، ترڻ پسند ڪندو هيو هن ٻاراڻي زندگيءَ ۾ قرآن ۽ سنت جي تعليم حاصل ڪري ڇڏي هئي.

    سائين جي ايم سيد به بخاري صاحب کي گهڻو پسند ڪندو هيو ۽ هن سان فيملي ٽرمس هيا ۽ جڏهن ڪامريڊ شادي ڪئي ته سائين هن جي دعوت حيدر منزل ڪراچي ۾ ڪئي هئي. ڪامريڊ سوڀي به چيو هو ته بخاري هن جو ڪميونزم ۾ استاد هيو. بهرحال ڪامريڊ کي ڪتاب خريد ڪرڻ، انهن کي پڙهڻ ۽ لائبريري ٺاهڻ سان گڏ نئين نسل لاءِ سٺيون خواهشون رکڻ پسند هيو. ڪامريڊ جڏهن ڪراچي ۾ رهندو هيو ته هن ٽرام ورڪرس ايسوسيئشن ۽ سئيپرس ايسوسيئشن به ٺاهي هئي.

    نمونيا ۾ ڪجهه وقت مبتلا رهڻ کان پوءِ ڪامريڊ جي ساهه جو سڳو 17 ڊسمبر 1984 تي ٽُٽي پيو ۽ هو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو