سکر بئراج جي تعمير ۽ سنڌ جي ترقيءَ ۾ ان جو ڪردار

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    رياض احمد آگرو


    سنڌ جي فتح کان پوءِ جنهن ڳالھ انگريزن جو توجھه ڇڪايو، اها آبپاشي ۽ زراعت هئي، ڇو ته ان جي ترقيءَ لاءِ زبردست امڪان موجود هئا. انگريز مؤرخن سنڌ کي نئين مصر سڏيو آهي. سنڌ ۽ مصر ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي آهي.

    سنڌ هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ خطو آهي. هتي آبپاشي موهن جي دڙي جي دور کان به اڳ ڪئي ويندي هئي، پر بئراج کان پهريان زراعت کي ڪيتريون ئي مشڪلاتون هيون. ان دور ۾ آبپاشي درياهه مان نڪرندڙ قدرتي واهن ۽ شاخن مان نارن جي ذريعي محدود سطح تي ڪئي ويندي هئي. ربيع جي موسم ۾ اڃان وڌيڪ مشڪلاتون هونديون هيون. ڇو ته فصلن کي گهربل مقدار ۾ پاڻي ملي نه سگھندو هو.

    سنڌ ۾ پاڻيءَ جي نڪاسي جو قدرتي نظام هجڻ ڪري درياھ ۾ ايندڙ سڄو پاڻي سمنڊ ۾ هليو ويندو هو. پر سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ آبپاشيءَ ۾ انقلابي تبديلي آئي. بئراج جي ڪري پاڻيءَ جي موجودگي ٻنهي موسن ۾ يقيني ٿي ويئي. درياھ جي ٻنهي ڪنارن سان وڏي ايراضي آبپاشيءَ جي قابل ٿي وئي.

    سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ انگريزن موجود ٻوڏ وارن موسمي واهن جي صفائي ڪرائي آبپاشيءَ جي نظام کي هلايو. 1849ع ۾ آبپاشيءَ ۽ ٻيلن جو گڏيل محڪمو قائم ڪيو، جنهن جو پهريون سربراهه سر والٽر اسڪاٽ ٿيو. ان کان پوءِ ليفٽيننٽ جنرل فائيف کي سربراهه مقرر ڪيو ويو. فائيف محڪمي ۾ سڌارا آڻي ان کي پائدار بنيادن تي بيهاريو.

    1856ع ۾ فائيف هڪ تاريخي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن مطابق سنڌ ۾ بئراج ٺاهي آبپاشيءَ لاءِ مستقل بنيادن تي پاڻي مهيا ڪرڻ هو. ان رپورٽ ۾ سکر وٽ بئراج ٺاهڻ لاءِ نشاندهي ڪيل هئي. پر ان اسڪيم جي ڪيترو ئي وقت مخالفت ٿيندي رهي. آبپاشيءَ جا ماهر ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙن موجود ٻوڏ وارن موسمي واهن کي سنڌ جي آبپاشيءَ جو حل قرار ڏنو. اهي پراڻي سسٽم کي برقرار رکڻ جي حق ۾ هئا، انهن کي بمبئي گورنمينٽ ۽ حڪومت هند جي ناڻي کاتي جي حمايت حاصل هئي.

    ٻيا ڏور رس نگاھ رکندڙ هئا، سندن خيال هو ته سنڌ جي آبپاشيءَ لاءِ پاڻيءَ جي مستقل رسائي بئراج تعمير ٿيڻ ۾ آهي. اهو بحث ڪيترائي سال هليو ۽ ايترو وڌيو جو حڪومت هند جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ 1917ع ۾ بئراجن لاءِ پروپوزل لنڊن ۾ انجنيئرن جي ڪميٽيءَ جي اڳيان رکيو. پر انهن به منصوبي جي مخالفت ڪئي، سندن راءِ کي اهميت ڏيندي سيڪريٽريءَ آف اسٽيٽ به لاچاري ڏيکاري، پر ڏور رس نگاھ رکندڙ روشن خيال ماڻهن همٿ نه هاري ۽ منصوبي کي اتي نه ڇڏيو.

    فائيف جي هڪ ٻي خدمت به اهم آهي، جڏهن هو ليفٽيننٽ جنرل ٿيو، تڏهن سندس هم خيال بمبئي جي گورنر لارڊ رِي آبپاشيءَ جي موضوع تي هڪ بهترين آرٽيڪل لکيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ بئراج ٺاهڻ جي ڀرپور وڪالت ڪيل هئي.

    انهيءَ مضمون جي شايع ٿيڻ کان 42 سال پوءِ فائيف جو خواب پورو ٿيو. بمبئي جي گورنر سر جارج لائڊ 24 آڪٽوبر 1923ع تي ان جو افتتاح ڪري پيڙھ جو پٿر رکيو. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهي تيار ٿيو. بئراج جو نالو لائڊ بئراج رکيو ويو. پر ان کان گھڻو اڳ فائيف وفات ڪري چڪو هو. سنڌ کي پنهنجي هن محسن کي ياد رکڻ گھرجي. هن جي اسڪيم نيٺ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جي ٺهڻ سان مڪمل ٿي، ڇوته سڄي سنڌ جي زمينن کي هاڻي پاڻيءَ جي مستقل فراهمي ٿي رهي آهي.

    سکر بئراج کان پهرئين مٿي جيڪي بئراج ٺهيل هئا سي ننڍين ندين تي ٺهيل هئا، پنج ند کان هيٺ درياھ تمام گھڻو موڪرو ٿِي وڃڻ ڪري ان تي تعميرات ڪرڻ سولو ڪم نه هو.

    پر ان وقت جي قابل انجنيئرن آرنلڊ مسٽو ۽ ٻين سکر بئراج جا نقشا ۽ گراف ڊزائين ڪيا ته اهي هر لحاظ کان منفرد هئا ۽ اڄ 72 سال گذرڻ کان پوءِ به انهن جي انفراديت برقرار آهي.

    هي ان وقت جو سڄي دنيا ۾ آبپاشيءَ جو شاندار منصوبو هو. پاڪستان جي ڪل پوک لائق ايراضي Cultural Command Area)) مان 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ايراضيءَ کي سيراب ڪري ٿو. هينئر به دنيا ۾ آبپاشيءَ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي. هن جا ڪجھ واھ سئز ڪئنال کان وڏا آهن. ڪروڙين ماڻهن جون غذائي ۽ ڪپڙي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو.

    بئراج ٺهڻ کانپوءِ ٻي جيڪا ضرورت محسوس ڪئي وئي، سا هئي بئراج جي پيچ ۾ ايندڙ سڄي ايراضيءَ کي ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچائڻ. ائين ٻنهي پاسن کان درياھ کي مٽيءَ جا بند ڏنا ويا. نه صرف درياھ کي بند ڏنا ويا پر سنڌ جي اولھ طرف کيرٿر جبلن مان ايندڙ برسات جو پاڻي به ٻوڏ جو سبب بڻبو هو، ان کي پڻ F.P بند ڏنو ويو. هن بند کانپوءِ سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ بند ٿي وئي.

    بندن کان پهريان سانوڻي ۾ برسات جي پاڻيءَ کي جھل پل ڪانه هئي، ان ڪري ڪيترائي علائقا ٻيٽن جي شڪل اختيار ڪري ويندا هئا. ڪجھ انگريز مؤرخن ته سنڌ کي اونهاري ۾ پاڻيءَ جو جهنم ڪوٺيو آهي. رچرڊ برٽن لکيو آهي ته اونهاري ۾ ٻوڏ کانپوءَ پاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ مهينن جا مهينا بيهي ويندو هو. سکر ۽ شڪارپور جي وچ وارو علائقو به ان ۾ شامل آهي، ان مان گرميءَ تي خراب قسم جا بخار خارج ٿيندا رهندا هئا، ان ڪري تاپولي ڦهلبي هئي.

    سکر بئراج ٺهڻ ۽ درياھ کي بندن اچڻ جي ڪري ٻوڏ کان مستقل نجات سنڌ جي ڪايا پلٽي ڇڏي، ڪيتريون ئي موسمي وبائي بيماريون گھٽجي ويون، ماحول ۽ موسمن تي خوشگوار اثر پيو. سنڌ جي نباتات ۽ حيوانات ۾ بهتري ۽ خوبصورتي ۾ اضافو ٿيو. اڳي صرف موسمي پکي ايندا هئا. پر هاڻي خوبصورت رنگن ۽ ٻولين وارا پکي مستقل رهڻ لڳا. ملڪ گل گلزار ٿي ويو. ان سان گڏ معاشي طور تي صوبي ۾ زبردست اڀار آيو. آباديءَ ۾ به واڌارو ٿيو، ڀرپاسي جي علائقن کان ڪيترائي ماڻهو لڏي آيا.

    سکر بئراج تعميرات جي شعبي ۾ به زبردست انقلاب آندو. خود بئراج جي تعمير به ان زماني ۾ هڪ ڪمال هئي. ان ٽيڪنالاجيءَ جي آڌار تي اڳتي هلي سنڌ حڪومت سنڌوءَ تي هڪ ٻئي پٺيان ٻه ٻيا بئراج ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي. پر افسوس جو ون يونٽ لڳڻ ڪري انهن بئراجن جو فائدو سنڌ جي ماڻهن کي ايترو نه ٿي سگھيو، جيترو سکر بئراج جي ڪري ٿيو. سکر بئراج کان پوءِ سنڌ جا ننڍڙا شهر پڻ ترقي ڪري سٺن شهرن ۾ تبديل ٿي ويا.

    اهو بجا طور تي چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي موجوده خوبصورتي ۽ وايومنڊل ۾ سکر بئراج جو وڏو ڪردار آهي. بئراج جي ٻنهي پاسن کان ڪل ست واھ ڪڍيل آهن، چار کاٻي طرف ۽ ٽي ساڄي طرف. انهن مان زمينن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ننڍن واهن ۽ شاخن جو ڄار وڇايل آهي، جن جي ڪل ڊيگھ 9923 ڪلوميٽر آهي. هنن سڀني شاخن ۽ واهن جي ٻنهي طرفن کان قيمتي ۽ خوبصورت وڻ رکيا ويا هئا، جن سنڌ جي ماحول کي خوشنما ڪري ڇڏيو هو. پر افسوس آهي ته ويجھڙائيءَ ۾ اهي سڀ وڻ وڍي ختم ڪيا ويا آهن. ٻيو ته وقت گذرڻ سان گڏ نين ٽيڪنالاجيز اچڻ ڪري بئراج جي افاديت کي وڌائي سگھجي ٿو، مثال طور بئراج جي تعمير کي 72 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، ان ڪري ان جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي وڏن واهن جي ڪري هزارين ايڪڙ زمين سم هيٺ اچي ويئي آهي، انهن کي پڪو ڪري سم جو مسئلو ختم ڪري سگھجي ٿو ۽ سنڌ لاءِ ٺاهيل هن شاندار اسڪيم مان گھڻو فائدو وٺي سگھجي ٿو.

    riazagro@gmail.com
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو