حوا ڄاين سان زيادتيون ڪيسيتائين؟

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڪامريڊ عبدالمنان چانڊيو

    هونءَته سنڌ ۾امن امان جي صورتحال نهايت ئي خطرناڪ آهي.پرڏينهون ڏينهن ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي.نه ئي سنڌ جا وڏا شهرنامي گرامي رهزنن،ڀتاخورن،ٽارگيٽ ڪلرن،دهشتگردن جي دهشت ۽وحشت کان محفوظ آهن.۽نه ئي وري ننڍا شهر ۽ ڳوٺ سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻيل ڌاڙِيلن ڦورن اغواڪارن ۽چورن کان بچيل آهن.هڪ سروي موجب ڪراچي شهر هڪ سال کان وفاقي فورسز ۽ پوليس حوالي آهي،۽ روزانو فورسز ٽارگيٽو آپريشن ۽ڪارروايون ڪن پيا.تنهن هوندي به روزانو10.8ماڻهون اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن،ته ٻئي پاسي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نام نهاد سردارن،ڀوتارن،تمندارن،پيرن ميرن،۽پوليس عملدارن جي ڇپر ڇانو۽ چونديل نمائندن جي سرپرستي هيٺ قبيلائي برادري ۽ هٿ ٺوڪين مدي خارج ريتن رسمن تحت 6.5 ماڻهون روزانو ڪسجي رهيا آهن.باقي ڌاڙن، ڦرين ،چورين ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهن جو ته ڪو اندازوئي ڪونهي. جتي سفيد پوش ڪاروباري ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ روزمره جو ڌندو بڻجي چڪو آهي.ته اتي وري نابالغ هندو ڇوڪرين کي ورغلائي يا اغوا ڪري مال ميڙيندڙ ڌڻين جي هٿ تي زبردستي اسلام قبول ڪرائي ساڻن شاديون رچايون وڃن ٿيون پر سڀ کان وڌيڪ جيڪو سنڌي نياڻيءَ سان انياءُ ٿي رهيوآهي سو آهي سنڌي قوم جي صديون پراڻي روايتن ۽ اعليٰ معياري قدرن جو ڏيوالو ڪڍڻ،ڪو وقت هو جو سنڌي نياڻين کي ستن قرآنن جو درجو ڏنو ويندو هو،اتفاق سان جيڪڏهن ٻن ڌرين ۾ڪو جهيڙو جهٽو يا خونريزي ٿيندي هئي ته عورتن جي ميڙ منٿ وٺي وڃڻ تي خون معاف ڪيا ويندا هئا۽ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون.جيڪڏهن چور،ڌاڙيل يا ڦورو ڪا قهري ڪاروائي ڪندا هئا تڏهن به عورتن کان ڪائي ڦرنه ڪئي ويندي هئي،۽ نه ئي ساڻن ڪا بدتميزي ڪئي ويندي هئي.پر اتفاق سان اڻڄاڻائيءَ ۾چور يا ڌاڙيل ڪا اهڙي ڪاروائي ڪري به ويندا هئا ته اها چوري ڪيل پيتي يا هڙ جنهن ۾ عورتن جا لٽا ڪپڙا هوندا هئا سي واپس ڪيا ويندا هئا.يا وري جهيڙن جهٽن دوران ننڍن ٻارن عمر رسيده بزرگن ۽ عورتن کي ڪجهه به نه چيو ويندو هو.افسوس جو هاڻي اهي ڳالهيون ڄڻ ماضيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون بڻجي چڪا آهن.تازو ئي شڪارپور ۾ ماريه شاھ تي تيزاب هاري سندس خوبصورت چهرو بگاڙيو ويو،جهول جي زينت ڀيو جي عزت لٽي سندس وڊيو ڀري نيٽ تي اپ لوڊ ڪئي وئي،ميهڙ ۾ ڪائنات سان قهر ڪري سندس جيئڻ جنجال ڪيو ويو،لاڙڪاڻي جي سنڌو سومرو کي حوس جو نشانو بڻائي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو،چوڻ جو مطلب هي آهي ته سنڌ ۾هر روز حوا ڄاين سان روز ڪٿي نه ڪٿي ڪونه ڪو ڪلور يا ڪيس ٿيندي. نظر اچي ٿو.پاڻ جيڪڏهن سنڌي نياڻين سان ٿيندڙ فقط 5 سيڪڙو واقعن جو ذڪر ڪنداسين ته دردن جا وڏا داستان جڙي پوندا ان ڪري اڄ هتي ڪي اين شاهه جي هڪ ڳوٺ بدرآباد جي ڪن غيرت ۽ حياوشرم کان وانجهيل انسانن جي روپ ۾بگهڙ صفت منٺار چانڊيو ۽ هن جي ٻين خر دماغ سندس ساٿين پاران ٻن ليڊي هيلٿ ورڪرز عاشئه سيال۽ ڪنول ملاح سان ٿيل انسانيت کي لڄائيندڙ حرڪتن بابت مختصرلکنداسين ۽ سڀ کان پهريان اهو ڏسنداسين ته پوليو جهڙي خطرناڪ بيماري جيڪا معصوم ٻارڙن کي زندگيءَ ڀر اپاهج بڻائي ٿي ڇڏي ان جي بچاءَ لاءِ سڄي ملڪ جون نياڻيون معمولي پگهار تي موجوده مرداڻي سماج ۾جيڪو گهڻو ڪري دقيانوسي آهي ان ۾ اسان جون ڀينرون۽ڌيئرون اڻپورين سفر جي سهولتن هوندي به گهر گهر وڃي ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پيارين ٿيون جڏهن پنهنجي گهر کان نڪري اسپتالن۽آفيسن ۾اچي حاضري ڀرين ٿيون ته اتي انهن سان سندن عملي جي مرد ساٿين جو وتاءُ بهتر ڪونه هوندو آهي جيڪڏهن آهي ته وري شهرن جي بازارين روڊن تان گذرن ٿيون ته اتان جا به ڪي اخلاق کان خالي ماڻهون مٿن ٺٺوليون ڪندي ٻلي وارين اکين سان چوٽيءَ کان وٺي پيرن تائين لوسي ڪتي وانگر نوس نوس ڪري گهورين ٿا ۽ وري جڏهن اهي وري گهرن ۾ داخل ٿين ٿيون ته اتي به ڪي حيا وشرم کان عاري عقابي نظرن وارا واهيات مرد چور ڪتي وانگر جهڙپ هڻي ٿا وٺن.ان کان سواءِ مذهب جا ٺيڪيدار پوليو جي ڦڙن کي حرام ۽ مذهب اسلام جي خلاف قرار ڏئي نه صرف پوليو جا ڦڙاپنهنجي ٻارن ۽ آس پاس جي ماڻهن کي پڻ پيارڻ کان روڪن ٿا.ڳالهه فقط اتي ختم نه ٿي ٿئي پر گهڻن هنڌن تي انهن کي قتل پڻ ڪيو وڃي ٿو.پاڻ ڳالهه پئي ڪئي سين ڪي اين شاھ ڀرسان ليڊي هيلٿ ورڪرز سان ٿيل بدمعاشي ۽ بدتميزي جي ته اسان کي افسوس سان گڏوگڏ ڪاوڙ انهن بدڪردار،بدمعاش، بدمزاج،بدمست ۽بيغيرت ماڻهن تي ضروري ٿئي ٿي،پر حيرت ان ڳالهه تي به آهي ته سڄي ساري ڳوٺ ۾ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونه هو جيڪو ويچارين سندي نياڻين درندن جي درندگي کان بچائي ۽ انهن جي مٿي تي رئو رکي تڏي تي آيل سنڌي نياڻين جي خاطر خواھ عزت ڪري ماضي ۾ ٿيل مثبت روش جي معيارن ۽ ماپن جو ڀرم رکي.تعجب انهيءَ ڳالهه جو به آهي ته صحت ۽ روينيو کاتي جي آفيسرن۽ مجاز اٿارٽيز جي رويي تي به ٿئي ٿوجيڪي پنهنجي عملي جي ٻن ملازم عورتن جي قانوني ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ بجاءِ انهن کي ڌمڪائي ۽ پريشر وجهي معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.۽انهن فرض شناس ميڊيا وارن تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهيون ته اوهان اخبار وارا هن هروڀرومسئلي کي وڌائي پيش ڪري رهيا آهيو.ڏٺو وڃي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز سان پيش آيل واقعي کي پنج ڇهه ڏينهن گذري ويا آهن۽ اهي به اطلاع آهن ته پوليس چئن جوابدرن کي گرفتار ڪري رمانڊ ڪورٽ حوالي ڪيو آهي.ان کان سواءِ هن معاملي جونوٽيس پاڻ واري بادشاھ ماڻهو وزير اعليٰ سنڌ سيد سڳوري ورتو آهي.ان کان سواءِ سنڌ جي هڪ ڀلوڙ پوليس آفيسر ڊي_آءِ_جي ثناءُالله عباسي پڻ هڪ پوليس آفيسر کي هن واقعي جي اصل حقيقت معلوم ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي.جيڪو ڌرين سان ملندو ۽انهن جا بيان وٺندو.پوءِ اها به حقيقت آهي ته هڪ طرف تذليل ٿيل ٻه حوا ڄايون هونديون ۽ ٻئي پاسي باقي سڀ ڌريون ۽فرد هوندا يعني بيحيائي بي شرمي، بيغيرتي،ڏاڍ ۽انڌ جي گهوڙي تي سوار انهن چئن چنڊن جي چوڪڙي انهن جا مٽ مائٽ هٿ ٺوڪيا رئيس،معززين،پوليس وارا،صحت کاتي روينيو کاتي وارا ڪرپٽ ڪامورا ۽ پنهنجي فرض کان اڻڄاڻ آفيسر جن جي نڪن ۾وري نااهل منسٽرن،ايم_پي _ايز ۽ ايم_اين_ايز جون ناڪيليون لڳل آهن،جيڪي سڀئي گڏجي سڏجي هڪ انداز ۾ متاثرنياڻين جي مائٽن ۽انهن جي والدين کي ڊيڄاري لالچائي چوندا ته وڌيڪ خواري کان بچڻ لاءِ مٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ واري پراڻي ڏند ڪٿا تي عمل ڪرائي خاموش ٿي وڃي نه ته…………………………………….. هاڻي ظاهر آهي ته هڪ پاسي هيسيل،پيڙيل۽شرم و حياءَ جون پيڪر نياڻيون هونديون۽ انهن جا مٽ مائٽ ته ٻئي پاسي پڇ ڊگهي قبيلي سان تعلق رکندڙ پڇ ڇڻڙيل جوابدار۽ انهن جا ساٿاري.هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هنن نياڻين سان ٿيل ڪلور جو ازالو رئيس،تمندار،ڀوتار،پوليس آفيسر،وزير مشير۽ حڪومت جا ڪارندا ڪهڙيءَ ريت ٿا ڪن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين ازالو پاڪستان ۾ ته ممڪن ناهي ڇو جو هتي سڀ رشوت جا پٽ آهن چاهي اهو پوليس وارو هجي يا وري تمندار ،مشير هجي يا وزير ،
    خدا ئي انهن جو فيصلو ڪندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو