جو ھوم ورونھن وارو، جيجان گڏيم سو تا جوڳِيَڙو! اَڳينءَ پوئِينءَ ڳالھ جو، خيالُ سَليائين سارو. سُورن جي سوغات سان، آيو اوڏانھُن وڻجارو. پَسڻ سان پيدا ٿيو، سيني مَنجھ ستارو. صورتَ تنھن جِي سڦرِي، مَشعل مُنھن موچارو. جُڙِي ويٺو جان ۾، بِرھ اُنھيءَ جو بارو. آھي �سچوءَ� جو سرتيون، اِھو اکين جو اُجارو. (سر سنڌي پورب)