سوات کان خط: ماءُ ٻولي ۾ 1 ڪلاس جا شاگرد 5 ڪلاس کان هوشيار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سوات کان خط: ماءُ ٻولي ۾ 1 ڪلاس جا شاگرد 5 ڪلاس کان هوشيار​


    [​IMG]


    ڊيلي ٽائمز ۾ منهنجو انگريزي ڪالم ”ماءُ ٻولي ۾ تعليم“ پڙهڻ کانپوءِ سوات کان زبير طورولي صاحب مونکي هڪ خط لکيو. خط پڙهڻ کانپوءِ آئون وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ کيس فون ڪيو. مون سندس ڳالهين کان جيڪو ڪجهه سمجهي سگهيس اُهو توهانکي به ٻڌايان ٿو.

    سندس چوڻ آهي ته مون ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ هڪ تجربو ڪيو. سندس اسڪول ۾ سڀ کان پهرين ٻن سالن تائين ٻارن کي مقامي ماءُ ٻولي پڙهائي ويندي آهي جنهن کانپوءِ انهن کي اردو اسڪول سان جوڙيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ انگلش سان. انهن جو هڪ سال چار ڀاڱن ۾ ورهايل هوندو آهي جنهن ۾ هر ڀاڱو اٺن هفتن جو هوندو آهي.

    سندس چوڻ آهي ته تجرباتي پروگرام ۾ جن ٻارن ڇهن مهينن ۾ تعليم حاصل ڪئي انهن کي پنجين ڪلاس جي ٻارن سان ٽيسٽ ڪيو ويو. ان تجربي ۾ ماءُ ٻولي ”پروالي پروگرام“ ۾ ڇهن مهينن تائين تعليم حاصل ڪندڙ ٻار 5 ڪلاس جي شاگردن کان وڌيڪ هوشيار هئا.

    اِهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جنهن ٻار کي سندس ماءُ ٻولي ايندي آهي هن کي مختلف ٻوليون سکڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. ان جي برعڪس اِها ڳالهه به صحيح آهي ته جنهن ٻار کي پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ لکڻ پڙهڻ (صرف ڳالهائڻ نه) نه ايندو آهي هن کي ٻيون ٻوليون سکڻ يا ڳالهائڻ ۾ بيحد ڏکيائي ٿيندي آهي. انڪري پنجابي ٻار ايم اي ڪرڻ ۽ اٽڪل 12 سالن تائين انگلش پڙهڻ باوجود انگلش نه ڳالهائي سگهندا آهن. انهن جي اردو ٻولي به ڪنهن حد تائين صحيح هوندي آهي.


    بشڪريه ويچار
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سوات کان خط: ماءُ ٻولي ۾ 1 ڪلاس جا شاگرد 5 ڪلاس کان هوشيار

    بلڪل صحيح تجربو آهي ادا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سوات کان خط: ماءُ ٻولي ۾ 1 ڪلاس جا شاگرد 5 ڪلاس کان هوشيار

    بيشڪ مادري ٻولي ۾ ملندڙ تعليم وڌيڪ اثرائتي ۽ ڪارائتي هوندي آهي ۔۔۔ اهو اڄ کان نه بلڪه صدين جي تحقيق سان ثابت ڪيو ويو آهي ته جيڪي ٻار مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪندا آهن سي وڌيڪ ذهين ۽ وڌيڪ تخليقي ذهن جا مالڪ هوندا آهن ۔۔۔

    سنڌي ٻارڙن سان ناانصافي جيڪا مون محسوس ڪئي آهي۔
    1۔ سنڌي ٻارن کي شروعات کان ئي 4 زبانون گهٽ ۾ گهٽ سکڻيون آهن ۔۔۔
    عربي
    سنڌي
    اردو
    انگريزي
    2۔ سنڌي ٻارن کي دينيات(قرآن ۽ حديث) جي تعليم اسڪول ۾ پڙهڻي آهي۔
    3۔ پاڪستان جي تعليم پڻ اضافي آهي۔
    4۔ ڊرائينگ جو سبجڪيٽ به لازمي هوندو آهي۔

    هاڻ اهي سڀ مضمون پڙهڻ کانپو ٻار جي ذهن تي ايترو بار پئجي وڃي ٿو جو هو سائنس ۽ تحقيق ۽ تخليقي علم سکڻ ته پري جي ڳالهه آهي سوچي به نه ٿو سگهي ۔۔۔ انڪري ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي واري حالت هوندي اٿن ۔۔۔ ايترن مضمونن جي پڙهڻ ۽ انهن جا ڪتاب کڻي هلڻ کانپو ٻار بيمار، ڪمزور ۽ ذهني چڙ چڙا رهنٿا۔
    اسانجي ٻارن تان اهو ظلم ختم ڪري تعليمي نظام بدلائڻو پوندو ته جيئن وڌندڙ دنيا جي وڌندڙ علمن سان مهاڏو اٽڪائي سگهجي۔

    دعائن ۾ گڏ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سوات کان خط: ماءُ ٻولي ۾ 1 ڪلاس جا شاگرد 5 ڪلاس کان هوشيار

    سائين منهنجا اوهان ڪنهن حد تائين صحيح آهيو۔۔۔ پر تخليقي صلاحيتون انهيءَ‌عمل سان متاثر نه ٿيون ٿين۔۔۔ تخليقي صلاحيتون انهيءَ‌وقت اڀرنديون جڏهن انهن کي پروان چڙهائڻ لاءِ ڪائي بهترين هستي يعني بهترين استاد موجود هجي۔۔ ۽ اسان جي معاشري ۾ بهترين استاد بچيا ڪاٿي آهن۔۔۔ جيڪي ٻه ٽي بهترين استاد آهن سي به فاقه ڪشيءَ تي مجبور آهن۔۔۔
    توهان هڪ مثال وٺو ته ماءِ جي جهولي پهرين درسگاهه ٿئي ٿي جتي ٻار گهڻو ڪجهه سکي ٿو۔۔۔ اها ته سنئين سڌي ڳالهه آهي ته جنهن ٻار جي ماءُ پڙهيل لکيل هوندي اهو بنسبت اڻ پڙهيل ماءُ جي ٻار جي وڌيڪ هوشيار هوندو۔۔۔۔ اهو انهيءَ‌ڪري ته ٻنهيءَ‌جي سيکارڻ وارن ۾ فرق آهي۔۔
    جيڪڏهن مان غلط آهيان ته تصحيح ضرور ڪجو۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سوات کان خط: ماءُ ٻولي ۾ 1 ڪلاس جا شاگرد 5 ڪلاس کان هوشيار

    سائين ابڙو صاحب ڪنهن حد تائين اوهان جي ڳاله به درست آهي
    ان جي باوجود اوهان جن مضمونن جو ذڪر ڪيو آهي ته انهن جو پڙهائڻ پڻ لازمي آهي
    ها ائين چئي سگهجي ٿو انهن کي مرحلي وار ترتيب سان پڙهائجي
    هڪدم ئي سڄو بار ٻار تي نه وجهجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو