ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سوات کان خط: ماءُ ٻولي ۾ 1 ڪلاس جا شاگرد 5 ڪلاس کان هوشيار

ڊيلي ٽائمز ۾ منهنجو انگريزي ڪالم ”ماءُ ٻولي ۾ تعليم“ پڙهڻ کانپوءِ سوات کان زبير طورولي صاحب مونکي هڪ خط لکيو. خط پڙهڻ کانپوءِ آئون وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ کيس فون ڪيو. مون سندس ڳالهين کان جيڪو ڪجهه سمجهي سگهيس اُهو توهانکي به ٻڌايان ٿو.
سندس چوڻ آهي ته مون ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ هڪ تجربو ڪيو. سندس اسڪول ۾ سڀ کان پهرين ٻن سالن تائين ٻارن کي مقامي ماءُ ٻولي پڙهائي ويندي آهي جنهن کانپوءِ انهن کي اردو اسڪول سان جوڙيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ انگلش سان. انهن جو هڪ سال چار ڀاڱن ۾ ورهايل هوندو آهي جنهن ۾ هر ڀاڱو اٺن هفتن جو هوندو آهي.
سندس چوڻ آهي ته تجرباتي پروگرام ۾ جن ٻارن ڇهن مهينن ۾ تعليم حاصل ڪئي انهن کي پنجين ڪلاس جي ٻارن سان ٽيسٽ ڪيو ويو. ان تجربي ۾ ماءُ ٻولي ”پروالي پروگرام“ ۾ ڇهن مهينن تائين تعليم حاصل ڪندڙ ٻار 5 ڪلاس جي شاگردن کان وڌيڪ هوشيار هئا.
اِهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جنهن ٻار کي سندس ماءُ ٻولي ايندي آهي هن کي مختلف ٻوليون سکڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. ان جي برعڪس اِها ڳالهه به صحيح آهي ته جنهن ٻار کي پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ لکڻ پڙهڻ (صرف ڳالهائڻ نه) نه ايندو آهي هن کي ٻيون ٻوليون سکڻ يا ڳالهائڻ ۾ بيحد ڏکيائي ٿيندي آهي. انڪري پنجابي ٻار ايم اي ڪرڻ ۽ اٽڪل 12 سالن تائين انگلش پڙهڻ باوجود انگلش نه ڳالهائي سگهندا آهن. انهن جي اردو ٻولي به ڪنهن حد تائين صحيح هوندي آهي.
بشڪريه ويچار