ڏيهي ٻولين کي به نئين قانون جي ضرورت آهي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڏيهي ٻولين کي به نئين قانون جي ضرورت​
    آهي​



    [​IMG]


    زبير احمد




    ڇا اسانجي ڏيهي ٻولين جي لاءِ نئون قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جهڙي طرح دستور ۾ تبديلي ڪري ان کي هاڻوڪي دور جي ضرورتن موجب بڻايو ويو آهي ائين اسانجي ڏيهه جي سڀنيءَ ٻولين کي به انهن جو جمهوري، انساني، تعليمي ۽ وجود جو حق ڏيارڻ جي ضرورت آهي. اُردو ٻولي گذريل 62 سالن ۾ اسانجي قومي، تعليمي، علم ۽ ٽيڪنالاجي جي ٻولي ڪونه بڻجي سگهي انڪري 1973ع جي دستور ۾ هير ڦير ڪرڻ سان وفاق جي سڀنيءَ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ انهن کي تعليم، آفيس ۽ عدالت جي ٻولي ٺاهيو وڃي. 12 ڪلاس تائين تعليم جو وسيلو ماءُ ٻولي کي قرار ڏنو وڃي ته جيئن جلدي سؤ سيڪڙو تعليم جو ٽارگيٽ حاصل ڪيو وڃي. هلندڙ سال کان ٻارن جي تعليم جو وسيلو انگلش ڪيو پيو وڃي انڪري هلندڙ سال کان انگلش سان گڏوگڏ ماءُ ٻولي کي به پهرين ڪلاس کان لازم ڪيو وڃي.

    هونئن ته اسين اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهيون جيئن ته هو سموريون ڳالهيون قبول ٿي وينديون آهن. پر مان مذاق ڪري رهيو آهيان حقيقت ڇا آهي اچو ته ڏسون.

    ڪجهه عرصو اڳ سنڌ کان قومي اسيمبلي جي ميمبر يوسف ٽالپر دستوري ڪاميٽي کي اِهو مشورو ڏيڻ چاهيو ته پاڪستان جي سڀنيءَ ٻولين کي قومي ٻوليون لاڳو ڪرڻ جي قرارداد پاس ڪئي وڃي. ان صلاح تي چاليهه ميمبرن صحيحون پڻ ڪيون پر ان جو ڇا حشر ٿيو ان جي متعلق اسانجي هڪ ڪالمسٽ دوست جي ذريعي پڙهڻ جي ڪوشش ڪريون.

    رؤف ڪلاسرا هڪ نوجوان ليکڪ آهي شايد انڪري سچ لکڻ جي جرئت به ڪندو آهي ڇو ته هاڻي اِهو حال آهي جو ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪالم ۾ انهن جي ڳالهه کي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي ڳالهه کي واضح ڪرڻ تمام مشڪل آهي. اُردو جا ڪيترا ئي ليکڪ ساڄي ڌر جا آهن ۽ انهن لاءِ ماءُ ٻولي جي ڳالهه موت جي برابر آهي ڇو ته سندن شهرت ۽ رزق اُردو ٻولي سان لاڳاپيل آهي. انگلش اخبار ٻولي جي متعلق گهٽ پريشان ٿيندا آهن ڇو ته انهن جو خيال آهي ته انگلش جو خاتمو ڪونه ٿي سگهندو ڇو ته انگلش ٻولي جهان کي ڏسڻ ۽ شئين کي سمجهڻ جي اجازت ڏيندي آهي. رؤف سائين اردو ۽ انگلش ٻنهيءَ ٻولين ۾ ڪالم لکندو آهي پر حقيقت اِها آهي ته هو انگلش اخبار جو ڪالمسٽ آهي. سندس هفتيوار ڪالم ۾ جيڪو ڊيلي جنگ ۾ شايع ٿيندو آهي.

    ”جڏهن کان اِها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ آئي آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر اردو، پنجابي، سرائيڪي، سنڌي، بلوچي، پشتو، هندڪو، پوٽوهاري، بلتي ۽ مختلف ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ واري بل کي ايم اين اي يوسف ٽالپور جي منهن تي هنيو آهي ان کانپوءِ مونکي انهن سياستدانن کان ڪا اُميد ناهي. 40 ايم اين ايز ان قرارداد تي صحيحون ڪيون هيون. جيڪا پنهنجي ماءُ ٻولي کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن انهن کان توهان ڇا اُميد ڪري سگهو ٿا. جن جي لاءِ سندن ماءُ ٻولي بل ۾ شامل ڪرڻ هڪ اجايو ڪم آهي هو اسانکي هڪ نئين انقلاب جي خوشخبري ٻڌائي رهيا آهن. بنگالي ٻولي کي به اهڙي مخالفت جي اک سان ڏٺو ويو هو جيئن اڄ اسانجي ٻولين کي ڏٺو پيو وڃي. هو سڀئي ته سياستدان هجڻ جي نقل به نٿا ڪري سگهن.

    رؤف ڪلاسرا جون ڳالهيون بلڪل حقيقت آهن جيڪا دلين مان نڪري ڪونه سگهنديون ڇا اسانکي پنهنجي ماءُ ٻولي جي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ هڪ ٻي بنگلاديش جو انتظار ڪرڻو پوندو يا اسانجا جمهوري اڳواڻن لاءِ جمهوريت جي معني صرف پنهنجي تبديلي آهي، ڇا انهن جي نظر ۾ ماڻهن جي تبديلي جي ڪا حيثيت ناهي.




    بشڪريه ويچار
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڏيهي ٻولين کي به نئين قانون جي ضرورت آهي

    سائين اهو مطالبو وڌندو پيو وڃي
    پر ان تي اسان جي گورمنٽ ڪيتري توجه ڏي پئي اهو سڀ جي سامهون آهي
    اسان کي سنڌو ديش کپي
    ان کان بغير پوئتي ئي رهندا سين
    ديوار سان لڳايو ويندو
    اسان کي پنهنجو وطن واپس کپي
    پاڪستان وڃي پڳو مالڪن کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو