• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌيءَ کي رومن ۾ لکڻ وارو مطالبو قطعي نامنظور آهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي ٻوليءَ کي رومن اسڪرپٽ ۾ لکڻ وارو مطالبو قطعي نامنظور آهي ـ سڀ کان اڳ اها ڳالهه روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ مرحوم ستر جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڪئي هئي ۽ ان وقت مان به روزاني هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر هوس پر سڀني انهيءَ رٿ جي مخالفت ڪئي هئي ـ
حليم بروهي گھڻو پوءِ اها ڳالهه ڪئي هئي ـ جيڪڏهن سنڌيءَ کي رومن اسڪرپٽ ۾ لکبو ته سنڌيءَ جو سارو پراڻو ادب ڪٽجي ويندو ـ اسين سنڌي انهيءَ پوزيشن ۾ هرگز ناهيون ته ساري پراڻي ادب کي تُرت رومن ۾ بدلايون ـ
هن وقت سنڌين جي اها حالت آهي ته ڪو معياري هفتيوار سوشل مخزن باقاعدگيءَ سان ڪڍي ڪونه سگھيا آهن ۽ اهي پيسا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن ـ
ٻي اهم ڳالهه ته ٻوليءَ کي بچائڻ جو اهو ڪو اڪيلو طريقو ڪونهي ـ ڇا چيني. جپاني، عربي، فرينچ، جرمن، اسپني، ٿائي، تگالوگ وغيره ترقي ڪانه ڪئي آهي ـ ٻوليءَ کي بچائڻ جو رڳو هڪ طريقو آهي ته سنڌين کي چئجي ته گھرن ۾ ۽ دوستن سان سنڌي ڳالهائين، سنڌي پڙهن ۽ سنڌي لکن ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
بلڪل اسان سڀني تي فرض آهي ته اسان هر جڳهه تي سنڌي ڳلهايون ۽ سنڌي لکڻ جي ڪوشش ڪريون خاص طور ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي نسلن کي سنڌي ڳلهائڻ تي ضرور متوجه ڪن
 
اوهان جي ڳالهه سان سهمت آهيون پر ساڳي وقت اهي خدشا به غلط ناهن ته ٽيڪنالاجي هن دور ۾ سنڌي ٻولي کي ڪيئن انهن تيز ترين ۽ جديد ڊوائسز سان سينگارجي.

اسان وٽ ته ڪو اداروئي ناهي جيڪو سڀ ڪجهه ڪري سگهي؟ اوهان موبائل، انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر، مختلف اپليڪيشنز، آء پيڊ تي سنڌي ڪيئن لکي سگهندا؟ اهي ۽ ان جهڙا ڪيئي سوال اڀرن ٿا. ڪيترائي دوست فيسبوڪ تي رومن اردو ۽ رومن انگريزي ۾ سنڌي لکن ٿا ..... جڏهن ته اڳ ئي اسان وٽ ايم بي سنڌي جو سافٽويئر آهي. اسان وٽ اينڊرائڊ تي به سنڌي ڪيبورڊ موجود آهن پر آء فون لاء ڇا ڪجي؟ ڪجهه نون اينڊرائڊ سافٽويئرس ۾ سنڌي جو مسئلو آيو آهي، سامسنگ جي جديد نوٽس ۾ به سنڌي فونٽس جا مسئلا آهن. نوڪيا وارن سان ڪير لهه وچڙ ڪري ...... ڳالهه ڪري ڇڏڻ سولي آهي پر دنيا سان هلڻ لاء اوهان کي ڪي فيصلا ڪرڻا پوندا.
 
سنڌي کي عربي اسڪرپٽ مان رومن تي آڻڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي، اهو ڪم هڪ فرد نه پر ادارن جو آهي. باقي جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ادا سليمان جي ڳالهه مان متفق آهيان. ان جو ڪو حل ڳولڻ ضروري آهي.
 
Back
Top