• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي ڪوهه مري گورک هل تي برف باري، روڊ ۽ رستا اڇي چادر سان ڍڪجي ويا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
Gorakh.jpg

جوهي (ن ع آ) سنڌ جي ڪوه مري گورک هل تي سياري جي پهرين برسات برفباري، گورک جا جبل ريسٽ هائوس، روڊ رستا، برف سان ڍڪجي ويا، سياحن خوب تفريح ڪئي، نوجوانن سان گڏ وڏي عمر وارا پنهنجن خاندانن سان گورک تي ترسيل، ڪاڇي ۽ جوهي ۾ ڳڙي سان برسات، راڄو ڳنڍو وٽ پل نه هجڻ ڪري ڊرگهه بالا سميت 2 سو کان وڌيڪ ڳوٺن جو جوهي ۽ دادو سان زميني رابطو ڪٽيل، خبر موجب سياري جي پهرين برسات سنڌ جي ڪوه مري گورک تي زبردست برفباري گورک جا جبل ريسٽ هائوس، روڊ رستا، برف سان ڍڪجي ويا، گورک تي رهيل سياحن خوب تفريح ڪئي جتي نوجوانن سان گڏ وڏي عمر وارا پنهنهجي خاندانن سان گورک تي ترسيل، جڏهن ته گورک تي برف پوڻ جي خبر پوندي وڏي تعداد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ ماڻهو جيپن تي گورک تي روانا ٿي رهيا آهن، جبلن تي برساتون پوڻ ڪري جابلو نئين گاج، نئين سول، نئين سڪ، نئين نلي، کٽي واهه، راڄو لکي واهه، حاجي خان واهه، طالباڻي واهه سميت، ننڍيون وڏيون نيون ۽ واهه وهڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪاڇي جي 2 سو کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رستو راڄو ڳنڍو وٽ پل نه هجڻ ڪري تعلقي هيڊ ڪوارٽر جوهي ضلعي هيڊ ڪوارٽر دادو سان ڪٽجي ويو آهي، متاثر ڳوٺن شهرن، ڊرگهه بالا، ٽٻائي لنڊ، راڄو ڳنڍو، ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين چونڊيل نمائندن حڪومت سنڌ کان گھر ڪئي آهي ته جوهي ڊرگهه بالا روڊ تي ڳوٺ راڄو ڳنڍو وٽ نئين تي پل ٺهرائي ماڻهن جي اچ وڃ بحال ڪئي وڃي.


 
Back
Top