محمد خان سيال
سينيئر رڪن
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اصل قاتل ريٽائرڊ جسٽس نسيم حسن شاهه اڄ 3 فيبروري 2015 تي فوت ٿي ويو.
هن جيو ٽي وي جي جوابده پروگرام ۾ اينڪر افتخار کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن مان چاهيان ها ته شهيد ڀٽي جي حياتي بچي پوي ها پر ڀٽي صاحب جي وڪيل يحى بختيار اسان ججن کي غصو ڏياريو تنهن ڪري اسان کيس موت جي سزا ٻڌائي ـ هن اهو به چيوهو ته مان چاهيان ها ته ڀٽي صاحب جي حياتي بچي پوي ها (ڇاڪاڻ ته اهو فيصلو ٽن جي ڀيٽ ۾ چئن ججن ڏنو هو) ـ ڀٽي صاحب کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائيندڙ چار ئي جج پنجابي ها جڏهن ته ان جي مخالفت ڪندڙ ٽي جج غير پنجابي هئا ـ اهڙي ريت ڪل ست جج هئا ـ
بهرحال، جسٽس نسيم حسن شاهه پاڻ ٽي وي تي کليو کلايو مڃيو هو ته هن اهو فيصلو ميرٽ تي نه پر ذاتي بغض جي بنياد تي ڪيو هو ـ
اهو انٽرويو مون پاڻ ٻڌو هو۽ شهيد بينظير ڀٽي کي ترت اي ميل ڪري ان بابت آگاهي ڏني هئم جيڪا ان وقت دبئي يا لنڊن ۾ هئي ـ