هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان رهندو هو، کيس سڪا گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو، ان وٽ هڪ ٿيلهو هوندو هو، هو سڀ سِڪا ان ٿيلهي ۾ رکندو هو. هڪ ڏينهن ان جي ٿيلهو ڀرجي ويو، تنهن ڪري هو ٿيلهي جي وڌيڪ حفاظت ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن هو هڪ ڀڳل پُل تان گذري رهيو هو، پل هيٺان درياهه وهندڙ هو. اوچتو ڇوڪري جو پير ترڪي پيو ۽ هو درياهه ۾ وڃي ڪريو، جنهن بعد وڏي ڪوشش بعد اتان نڪتو پر افسوس جو سندس سِڪن وارو ٿيلهو پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو. ڇوڪري ٿيلهو گھڻو ڳوليو پر کيس نه مليو. هن اعلان ڪرايو جيڪو به کيس سڪن وارو ٿيلهو ڳولي ڏيندو ته هو ان مان کيس 10 سڪا انعام ۾ ڏيندو. هڪ ڏينهن ڇوڪري وٽ هڪ هاري آيو، ان وقت سندس سڪن وارو ٿيلهو هو، هاريءَ اشرفين وارو ٿيلهو ڇوڪري کي ڏنو، ڇوڪرو ٿيلهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، جڏهن هاريءَ کانئس انعام گھريو ته نوجوان جي دل ۾ لالچ اچي وئي، تنهن ڪري ڇوڪري هاريءَ کي چيو ته تون انعام جا 10 سڪا پهريان ئي کڻي چُڪو آهين. هن ٿيلهي ۾ هڪ آني جي شڪل جو هڪ موتي به هو جيڪو هن وقت ان ۾ ڪونهي. مان توکي عدالت ۾ وٺي ويندس ۽ توکان حساب وٺندس. هاريءَ پنهنجي صفائيءَ ۾ گھڻو ڪجھه چيو ته پر ڇوڪري سندس هڪ ٻه نه ٻڌي. آخر ڇوڪرو هاريءَ کي عدالت ۾ وٺي ويو، جج اڳيان ٻنهي پنهنجو مسئلو بيان ڪيو، جج ٻنهي جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ پوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. جج اتي موجود ڳوٺاڻن کان پڇيو ته اوهان جو ڇا خيال آهي، جهڙيءَ طرح هي ٿيلهو ڀريل آهي، ڇا ان ۾ ايتري جڳهه آهي جو هڪ بيدي جيترو موتي ان ۾ اچي سگھي؟ ڳوٺاڻن جج کي جواب ڏنو ته ”نه“ پوءِ جج فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ”ڇو ته هن ٿيلهي ۾ ڪنهن ٻي شيءَ جي گنجائش ناهي، ان لاءِ هي ٿيلهو نوجوان جو ناهي، ڇاڪاڻ ته نوجوان جي بيان موجب سندس ٿيلهي ۾ سڪا ۽ هڪ بيدي جهڙو هڪ موتي به هو. ان لاءِ هي ٿيلهو نوجوان وارو ٿيلهو ناهي ۽ قانون موجب هي ٿيلهو ان هاريءَ جو آهي جنهن کي هٿ آيو هو.“ اُن لالچي ڇوڪري قيمتي اشرفيون هٿن مان ويندي ڏسي، گھڻي ئي صفائي پيش ڪئي پر جج صاحب سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ هو سمجھي ويو ته نوجوان لالچ ۾ اچي اهڙو قدم کنيو آهي. ان ڪري کيس سزا به ملڻ گھرجي ۽ کيس ان جي سزا ملي وئي