1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

لالچ خراب عادت

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    389
    ورتل پسنديدگيون:
    1,110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان رهندو هو، کيس سڪا گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو، ان وٽ هڪ ٿيلهو هوندو هو، هو سڀ سِڪا ان ٿيلهي ۾ رکندو هو. هڪ ڏينهن ان جي ٿيلهو ڀرجي ويو، تنهن ڪري هو ٿيلهي جي وڌيڪ حفاظت ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن هو هڪ ڀڳل پُل تان گذري رهيو هو، پل هيٺان درياهه وهندڙ هو. اوچتو ڇوڪري جو پير ترڪي پيو ۽ هو درياهه ۾ وڃي ڪريو، جنهن بعد وڏي ڪوشش بعد اتان نڪتو پر افسوس جو سندس سِڪن وارو ٿيلهو پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو. ڇوڪري ٿيلهو گھڻو ڳوليو پر کيس نه مليو. هن اعلان ڪرايو جيڪو به کيس سڪن وارو ٿيلهو ڳولي ڏيندو ته هو ان مان کيس 10 سڪا انعام ۾ ڏيندو. هڪ ڏينهن ڇوڪري وٽ هڪ هاري آيو، ان وقت سندس سڪن وارو ٿيلهو هو، هاريءَ اشرفين وارو ٿيلهو ڇوڪري کي ڏنو، ڇوڪرو ٿيلهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، جڏهن هاريءَ کانئس انعام گھريو ته نوجوان جي دل ۾ لالچ اچي وئي، تنهن ڪري ڇوڪري هاريءَ کي چيو ته تون انعام جا 10 سڪا پهريان ئي کڻي چُڪو آهين. هن ٿيلهي ۾ هڪ آني جي شڪل جو هڪ موتي به هو جيڪو هن وقت ان ۾ ڪونهي. مان توکي عدالت ۾ وٺي ويندس ۽ توکان حساب وٺندس. هاريءَ پنهنجي صفائيءَ ۾ گھڻو ڪجھه چيو ته پر ڇوڪري سندس هڪ ٻه نه ٻڌي. آخر ڇوڪرو هاريءَ کي عدالت ۾ وٺي ويو، جج اڳيان ٻنهي پنهنجو مسئلو بيان ڪيو، جج ٻنهي جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ پوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. جج اتي موجود ڳوٺاڻن کان پڇيو ته اوهان جو ڇا خيال آهي، جهڙيءَ طرح هي ٿيلهو ڀريل آهي، ڇا ان ۾ ايتري جڳهه آهي جو هڪ بيدي جيترو موتي ان ۾ اچي سگھي؟ ڳوٺاڻن جج کي جواب ڏنو ته ”نه“ پوءِ جج فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ”ڇو ته هن ٿيلهي ۾ ڪنهن ٻي شيءَ جي گنجائش ناهي، ان لاءِ هي ٿيلهو نوجوان جو ناهي، ڇاڪاڻ ته نوجوان جي بيان موجب سندس ٿيلهي ۾ سڪا ۽ هڪ بيدي جهڙو هڪ موتي به هو. ان لاءِ هي ٿيلهو نوجوان وارو ٿيلهو ناهي ۽ قانون موجب هي ٿيلهو ان هاريءَ جو آهي جنهن کي هٿ آيو هو.“ اُن لالچي ڇوڪري قيمتي اشرفيون هٿن مان ويندي ڏسي، گھڻي ئي صفائي پيش ڪئي پر جج صاحب سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ هو سمجھي ويو ته نوجوان لالچ ۾ اچي اهڙو قدم کنيو آهي. ان ڪري کيس سزا به ملڻ گھرجي ۽ کيس ان جي سزا ملي وئي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,064
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام سٺو ليک آهي
     
  3. اسد الله لغاري

    اسد الله لغاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2015
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف بدين
    لالچ بري بلا آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو