ڪرڪيٽ ورلڊ جي تاريخ جا يادگار لمحا... زمبابوي جو شاندار آغاز

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انٽرنيشنل ونڊي جو جيترو شاندار آغاز زمبابوي ڪيو هو.. اوترو شايد ئي ڪنهن جو نصيب هجي.. 1983 جي ورلڊ ڪپ ۾ پهريون دفعو شامل ٿي ته زمبابوي کي آسٽريليا، انڊيا ۽ ويسٽ انڊيز جي گروپ ۾ رکيو ويو.. ائي پئي لڳو جهڙوڪ “رضيه غنڊون ۾ ڦنس گئي”
    پر هن “رضيه” پنهنجي پهرين ئي مقبالي ۾ “غنڊن” کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا.. 9 جون 1983 ۾ ٽرينٽ برج ناٽنگهم ۾ زمبابوي پنهنجي تاريخ جو پهريون ون ڊي کيڏي رهي هئي.. ٽئين ورلڊ ڪپ ۾ اهو مقابلو مضبوط آسٽريليا سان هو.. جنهن وٽ ڊينس للي، جيف لاسن ۽ جيف ٿامسن جهڙا خطرناڪ بالر هئا.. پر زمبابوي جي شروعات خراب نه هئي 55 جي مجموعي اسڪور تي سندس پهريون رانديگر آئوٽ ٿيو پر 94 جي اسڪور تي پهچندي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي چڪي هئي.. انهن وڪيٽن ۾ وڪيٽ ڪيپر ڊپو هائوٽس جو ڦڏي وارو آئوٽ ٿيڻ به شامل هو.. وڪيٽ ڪيپر روڊ مارش سندس ڪيچ پڪڙي خوشي ڪندي هوا ۾ اڏاريو ۽ بال کي واپسي تي ڪيچ نه ڪري سگهيو.. جنهن تي امپائر هائوٽس کي ناٽ آئوٽ ڏنو پر آسٽريليا جا رانديگر هميشه وانگر روئندا ليگ امپائر وٽ آيا جنهن آڱر ڏيکاريندي هائوٽس کي واپس وڃڻ جو اشارو ڪيو..
    جنهن کان پوءِ ذميداري ڪپتان ڊنڪن فليچر تي اڇي پئي.. هي اهو ئي مشهور فليچر آهي جيڪو هن وقت انڊيا جي ڪوچنگ ڪري رهيو آهي.. ان ڪيون ڪرن سان ملي 70 رنسون ٺاهيون.. پر ڪيون ڪرن کي به ڦڏي سان آئوٽ ڏنو ويو.. ڪرن جو خيال هيو ته بال گلي پوزيشن تي بيٺل ڊيوڊ بڪس جي هٿن ۾ اچڻ کان اڳ زمين تي لڳو هو.. جنهن کان پوءِ فليچر اين بوچارٽ سان ملي اسڪور کي 239 تائين پهچايو .. سندس اننگ 84 بالن تي 69 رنسون ناٽ آئوٽ هئي..
    آسٽريليا ٽارگيٽ جو پيڇو سست رفتاري سان ڪيو جنهن جو سبب زمبابوي جي بهترين فيلڊنگ پڻ هيو.. اسڪور وڌائڻ جي چڪر ۾ آسٽريليا جون وڪيٽون ڪرڻ لڳيون ۽ 138 تي ئي اڌ ٽيم واپسي جو رستو وٺي چڪي هئي جنهن ۾ رڳو ويسلز ئي هو جنهن 130 بالن ۾ 76 اسڪور ڪيو..
    جڏهن 176 تائين پهچندي آسٽريليا جون 7 وڪيٽون ڪريون ته سندس اميدن جو مرڪز روڊ مارش هيو.. جنهن پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ته باقي بيٽسمينت جي خرا ڪارڪردگي جو ازالو ڪري پر آخري اوور ۾ هڪ ڇڪو لڳائڻ باوجود هو آسٽريليا کي مقابلو کٽرائي نه سگهيو... ۽ آسٽريليا 7 وڪيٽن تي رڳو 226 رنسون ئي ٺاهي سگهي.. مارش 42 بالن ۾ 50 رنسون ناٽ آئوٽ ٺاهيون.. زمبابوي جي ڪپتان ڊنڪن فليچر 69 رنسن سان گڏ 4 وڪيٽون وٺڻ ڪري ميچ جو بهترين رانديگر اعزاز حاصل ڪيو..

    [​IMG]

    اهڙي طرح زمبابوي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي پهرين ئي قدم سان شهزور ٽيم کي شڪست ڏئي نئين تاريخ جوڙي.. جنهن کان پوءِ زمبابوي ٻن ڏهاڪن تائين شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ايسيتائين جو آخرڪار ملڪي ڪرڪيٽ سياست جي نذر ٿي وئي.. ۽ هن وقت ڪا اميد نظر نه ٿي اچي...
    هوئن ورلڊ ڪپ 1983 ۾ ئي زمبابوي هڪ ٻيو سيٽ اپ ڪرڻ واري هئي جڏهن ان انڊيا جي خلاف مقابلي ۾ رڳو 17 رنسن تي 5 رانديگر آئوٽ ڪري ڇڏيا هيا پر ڪپيل ديو اڪيلي سر فتح زمبابوي کان کسي ويو هو.. ان جي 175 رنز جي اننگ اڄ به ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي بهترين اننگز ۾ شامل آهي.. جنهن جي ڪري زمبابوي کي 31 رنز جي شڪست ملي هئي...
    باوجود ان جي جو آسٽريليا خلاف زمبابوي جي فتح بهترين ۽ يادگار ميچز ۾ شامل آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان ئي ڏينهن انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ مقابلي جي ڪري زمبابوي ۽ آسٽريليا واري مقابلي کي نشر نه ڪيو ويو هو.. ان ڪري اسان ان يادگار لمحن کي ڏسي مزا نه ٿا وٺي سگهون...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    زمباوي جي ونڊي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ اها هڪ شاندار شروعات هئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    شروعات ته بهترين ٿي پر هاڻي ڪوبه حال نه اٿن،
    پاڪستانين جي باري ۾ ڇا ٿا چئو ته ورلڊ ڪپ ۾ اسان کا ڪا ڪاميابي ملندي يا ايئن ئي واپس ايندا ؟؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)

هن صفحي کي مشهور ڪريو