ريحان ڪيريو
سينيئر رڪن
عمرڪوٽ + ڪنري (ڊ ر + ن ع آ) سنڌ جي تعليم واري سينئر وزير نثار احمد کهڙو سينيٽر عاجز ڌامراهه ۽ ٻين سان گڏجي ڪنري پهچي آسو ٻائي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارن کي تعليم ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي هر تعاون جو يقين ڏياريو. ان دوران هڪ تقريب ۾ نثار احمد کهڙي آسو ٻائي کي نوڪرين تان پابندي ختم ٿيڻ بعد نوڪري ڏيڻ ۽ ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ 80 هزار رپين جو چيڪ ڏنو. نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته آسو ٻائي جو اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت هلايو ويندو ۽ سندس اسڪول ۾ 250 ٻار هجڻ سبب کيس في ٻار 350 رپين جي حساب سان 80 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا جنهن مان هو جيڪڏهن ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ وڌيڪ استاد رکي سگهي ٿي. هن چيو ته آسو ٻائي سنڌ جي ملالا آهي جنهن همت ڪري پٺتي پيل علائقي ۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سندس ان جذبي تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا. کيس اسڪول جي عمارت پڻ ٺهرائي ڏني ويندي ۽ سومر تائين سندس اسڪول ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ 40 بئنچون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن ٻار پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ کان بچي سگهن. نثار کهڙو چيو ته سنڌ گوسڙو ماسترن کي نه پر آسو ٻائي کي ياد ڪندي اچو ته گڏجي ٻارن کي اسڪولن ڏانهن موڪليون ته جيئن سڀ گڏجي تعليم جي بهتريءَ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون. هن چيو ته عمران خان اسڪول بند ڪرائڻ وارن وڏيرن جي اوطاق تي پهچي جلسو ڪري رهيو آهي پر منهنجي لاءِ ان کان وڌيڪ هي جلسو آهي جتي اڄ مان ٻارن جي تعليم لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ آسو ٻائي وٽ موجود آهيان.. هن چيو ته تعليم ئي غربت ۽ اميريءَ جو فرق ختم ڪري سگهي ٿي. ان موقعي تي هن آسو ٻائي جي اسڪول جي ٻارن لاءِ 250 ڪتابن جا سيٽ ۽ 200 ڪتابن جا بيگ ۽ آڪسفورڊ جون ڊڪشنريون پڻ سندس حوالي ڪيون. ان دوران ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر پاران اسڪول لاءِ آر او پلانٽ ڏيڻ ۽ ڳوٺ جي حاجي بقا پلي پاران اسڪول لاءِ 7 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي آسو ٻائي چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ جو مستقبل تڏهن روشن ٿيندو جڏهن ٻار تعليم جي زيور سان آراسته ٿيندا. هن چيو ته مون اڄ جيڪو تعليم جو ٻوٽو پوکيو آهي ۽ تڏهن ئي سک جو ساهه کڻنديس جڏهن هن ٻوٽي جو ميوو اچڻ شروع ٿيندو.