مان ڪانگ اڏاريان آ پرين

مان ڪانگ اڏاريان آءُ پري
_______________________

مان ڪانگ اڏاريان آءُ پرين
مان ساه ۾ ساريان آءُ پرين

تون ئي منهنجي من جو محرم
ٿو توڏي نهاريان آءُ پرين

تنهنجي تات طلب هن من ۾ آهي
اڄ آس اٿاريان آءُ پرين

دلگير رهي ٿي تو بن دلڙي
پيار پچاريان آءُ پري

تنهنجي ديد لئه دل ماندي آ
هت هنجون هاريان آءُ پرين

تو بن هتڙي جيءُ جهري ٿو
ٿو عشق اجاريان آءُ پرين
.
.
.
.

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top