محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جو هڪ بي مثال ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    محمد عثمان ڏيپلائي [ ولادت 1326هه = 1908ع ]

    ميمڻ عبدالغفور سنڌي

    ٿر جي ٿڌي ٿانئري مٽيءَ ۾ پيدا ٿيل سنڌي علم ادب جو خدمتگار ۽ گهڻن ڪتابن جو مصنف، محمد عثمان ”شائق“ ولد حبيب الله ميمڻ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي (1) ۾ 1326هه مطابق 1908ع ۾ ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ذهانت سندس ساٿ ڏنو؛ جنهن ڪري ٻاراڻي درجي ۾ ئي پنجين درجي جا ڪتاب نس پڙهي ويندو هو. وقت جا استاد به کانئس متاثر هئا. سندس والد ننڍڙو واپاري هو. کيس ستن نياڻين تي هي پٽڙو پيدا ٿيو هو؛ جنهن کي پيار وچان پاڻ کان پل به پري ڪري نه سگهندو هو. اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه پڙهي ويندي هئي؛ جنهن ڪري چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”مٺيءَ“ پڙهڻ جي سگهه نه ساري، مجبوراً ڳوٺ ۾ ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڻج واپار ۾ پيءُ جو ٻانهن ٻيلي بڻيو. (2)
    لکڻ جو ڏانؤ هٿ ڪري، ننڍا ننڍا مضمون مختلف رسالن ۽ اَخبارن ڏانهن موڪلڻ لڳو. سندس پهريون مضمون دهليءَ مان نڪرندڙ اردو اخبار ”مادي“ ۾ شايع ٿيو هو. هن مضمون جي ڄڻڪ کيس لکڻ جي دعوت ڏني. پوءِ ته ”ترقي“ ۽ ”علمي دنيا“ جهڙن ماهوار رسالن ۾ ڪثرت سان مضمون ۽ افسانا به ڇپجندا رهيس. ”چنڊ سهڻو يا انسان“ سندس پهريون ڇپيل افسانو آهي. اهڙيءَ طرح ”غيرت“ عرف ”نور جهان“، سندس پهريون عام ناٽڪ آهي. هينئر ڏيپلائي صاحب ننڍن مضمونن ۽ مختصر افسانن لکڻ مان ڪتابن جو مصنف بڻجي پيو؛ جنهن ڪري ”مسلم ادبي سوسائٽي“ جي سهاري هيٺ 1934ع ۾ ”قرآني دعائون“ نالي پهريون مذهبي ڪتاب منظر عام تي آندائين – 1938ع ۾ خير محمد نظاماڻيءَ سان ميرپورخاص ۾ واقفيت ٿيس؛ جنهن جي صلاح سان ”مجاهدانه اِسپرٽ“ وارا ”اسلامي ناول“ لکڻ شروع ڪيائين. (3) ستت ئي ”اسلاميه دار الاشاعت“ نالي ننڍو علمي ادارو قائم ڪري، هن سلسلي کي تقويت ڏنائين؛ ۽ گهڻن ئي ڪتابن جو ليکڪ بڻجي ويو.
    سڀ کان وڏي خصوصيت، جيڪا ڏيپلائيءَ کي سنڌ جي مڙني شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت ٿي بخشي، اُها آهي ”پيري – مرشديءَ جي کلم کلا بغاوت ۽ مسلسل قلمي جهاد“. انهيءَ مهم کي تيز ڪندي پاڻ مرشد جي ڪڍ هٿ ڌوئي لڳو؛ ۽ مرشد جي ڏاڙهي، ٽنگ، ٻانهن، ڪنڌ، ڪياڙي، چلم، ٽوپلي ۽ ڪهاڙي وغيره تي به قلم کڻن کان نه گٿو. ايتري قدر جو مرشد جي درگاه ۽ ڪرامت ته ٺهيو، پر سندس گهوڙي، ٻڪر ۽ گڏه به کانئس وانجهي نه وئي. مطلب ته مرشد جي ننڊ، اک، چپ، ڪن، پاٻڙي، درگاه ۽ چاليهي وغيره بابت به ننڍڙا ناول لکي، سنڌ جي ويساه ۾ وسوڙيل عوام کي تهه در تهه فريبن ۽ مڪارن کان پڌري پٽ واقف ڪرڻ ۾ جيڪا جاکوڙ ڪيائين، اها سنڌين جي خوشحاليءَ جي حق ۾ ثابت ٿي.
    ڏيپلائي صاحب هن وقت پيرسنيءَ جي زندگيءَ ۾ داخل آهي. سندس جملي تصنيفات جو تعداد لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ جي چئي سگهجي ٿو؛ اُنهن مان: سوڊان جي سونهن، گمراه مسافر، فتح ايران، چين جو چنڊ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، قرآني خزانو، هندستان جي سچي تاريخ، اورنگزيب جو انصاف، سيرت محمدي، روم جي راڻي، شاه جي رسالي جو رهبر، ککر ۾ کڙو، انسان جي تاريخ، سانگهڙ، فتح اسپين، شهيد ڪربلا، سنڌي استاد، ڪراچيءَ جو ڪوس، سجائي موڙي، سومناٿ جي سندري ۽ شاه جو رسالو (پاڪيٽ سائيز) وغيره لاجواب آهن. هن وقت مستقل طرح حيدرآباد ۾ سڪونت پذير آهي – 1852ع ۾ انسانيت جي معيار ۽ قدرن کي عام ڪرڻ لاءِ ”اداره انسانيت“ قائم ڪيائين؛ جنهن تحت هڪ هفتيوار مخذن ”انسان“ به ڪڍيائين. ڪن ڳالهين ۾ پاڻ ڊاڪٽرن جي مشورن جي ابتڙ به رهيو آهي. مثلاً: ڊاڪٽر چوندا آهن، ته ”هلندي گاڏيءَ ۾ پڙهڻ اکين لاءِ هاڃيڪار آهي“– مگر سندس خيال انهيءَ جي برعڪس آهي، ته ”ويتر نظر تيز ٿئي ٿي!“
    ڪتابن لکڻ ۾ به وڏي مهارت ۽ ڦڙتائي هيس. ريل ۾ سفر دوران به هڪ اسٽيشن کان ٻيءَ اسٽيشن تائين ناول مڪمل ڪري ويندو هو. حالانڪ گاڏيءَ ۾ ڪيترو به شور و غل ڇو نه هجي، مگر سندس خيالي قوت کي سولائيءَ سان ڦيرائي نه ٿو سگهي. انهن غير معمولي وصفن جي بناءَ تي ”علامه راشد الخيري“ يا ”قليچ - دوران“ به کيس ڪوٺجي، ته وڏاءُ نه ٿيندو. پاڻ حالات - حاضره کان بالڪل باخبر رهندو آهي. هر ملاقات ۾ ڪانه ڪا نئين ڳالهه ضرورت ٻڌائيندو آهي؛ جنهن جي اڳ ڄاڻ نه هوندي آهي.
    سنڌ جو هي مايه - ناز ميمڻ مرد مجاهد، طبيعت جو کل مک، ٽهڪن ۽ ٽوٽڪن سان پر گفتار، بهترين دوست، دلي تونگر، بذات - خود هڪ نظريو، هڪ مڪمل ادارو، هڪ جامع لئبرري، هڪ ذهني انڪشاف هجڻ سان گڏوگڏ اديب، شاعر ۽ ”عظيم انسان“ پڻ آهي. شال وڏي ڄمار ماڻي.

    ______

    (1) – جنهن نسبت سان کيس ”ڏيپلائي“ سڏجي ٿو. غالباً 1934ع ڌاري ”سڌ مسلم سوسائٽيءَ“ جي سهڪار سان ”قرآني دعائون“ جي عنوان تحت جيڪو ڪتابچو ڇپيو هو؛ تنهن جي سرورق تي نالي سان گڏ ”ڏيپلائي“ لفظ جو اضافو آيل آهي، جيڪو اڳتي هلي ”ٽريڊ مارڪ“ طور سندس شخصيت جو مڪمل تعارف بڻجي ويو.
    (2) – پاڻ ”فرحت آثار“ نالي هٿ سان اَخبار جيان پرچو لکي، پنهنجن پيارن ساٿين کي پاڙهيندو هو. هن اَخبار ۾ ”نيلوفر بري“ نالي وڏڙن کان ٻڌل ڪهاڻي پڻ قسط وار قلمبند ڪري، دوستن کي خوب وندرائيندو هو.
    (3) – ڏيپلائي صاحب انهيءَ ڪم جو آغاز ”سنگدل شهزادي“ نالي سان ڪيو؛ جنهن جو مرڪز ڪردار، منشي صادق صديقيءَ جي ڪتاب ”آرمينا کا چاند“ تان ورتائين، جيڪو دراصل عربي ڪتاب ”فتوح العجم“ جو ترجمو آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جو هڪ بي مثال ڪردار

    زاهد ڪاڪا

    ٿر جيڪو پنهنجي حسناڪي ۽ ڪاري سون سان مالا مال هئڻ جي باوجود هن جديد دور ۾ به زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل ۽ پٺتي پيل آهي جتي غذائي کوٽ وگهي جيجلن جون جهوليون هر روز اجڙي رهيون آهن ان خطي جو هڪ صدي اڳ ڇا حال هوندو اهو اندازو ڪرڻ ايڏو مشڪل نه آهي. هن جي وارياسي مٽيءَ مان هڪ اهڙي عظيم شخصيت جنم ورتو جنهن پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاري جهالت، پيرن، ميرن، ڪامورن ۽ ملن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل سنڌ جي عوام جي ذهنن کي جنجهوڙي انهن جي رڳن ۾ خون مثل تحرڪ آڻي کين روشني، انقلاب ۽ روشن خيالي جي واٽ ڏسڻ سان گڏ سندن خوشحال ۽ حسناڪ آئيندي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اهو آدرشي انسان محمد عثمان جنهن کي دنيا ڏيپلائي جي نالي سان سڃاڻي تنهن 13 جون 1908ع تي ڏيپلي ۾ حبيب الله ميمڻ جي گهر جنم ورتو. سندس شمار هن صديءَ جي ڪثيرالفضائل ڪثيرالعلوم علماء، بيباڪ صحافين ۽ ڪامل مورخن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڳاڻيٽو انهن گهڻ رخي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي صدين ۾ ڪڏهن ڪڏهن صدورين ساعتن ۾ پيدا ٿينديون آهن. جيتوڻيڪ سندس تعليم ڪنهن ڪاليج يا يونورسٽي ۾ نه ٿي هئي ۽ زندگيءَ جون ڪئين بهارون پيٽ گذر لاءِ مختلف جاگيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاريائين پر اڄ جو کٿابي سندس ئي ڪتابن جو محتاج نظر اچي ٿو. ڏيپلائي صاحب سرزمين سنڌ جو اهو روشن آفتاب آهي جنهن جي تخليقي ادب ۾ مطلب جا اڻ ڳڻيا گوهر سمايل آهن سندس ناول، افساني، ناٽڪ، مضمون، ايڊيٽوريل جنهن کي به کڻو ان ۾ هر قسم جي غلامي کان سخت نفرت، انقلاب ڏانهن اڳڀرائي، اخلاقي قدرن ۽ نصيحتن جو خزانو ۽ سنڌ ڪيس ڇوليون هڻندي اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائڻ جي صلاحيت سان ٽمٽار نظر اچي ٿو. هن مجاهد جو پهريون ڪتاب ”قرآني دعائون“، قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، ”تاريخ بهادران اسلام“، ”سيرت محمدي“ کان علاوه ”خلفاءِ راشدين“ ۽ ”شهيد ڪربلا“ جي سيرت جي ڌار ڌار ڪتابن سميت ”نور توحيد“ ”سنگدل شهزادي“، ”غازي صلاح دين“، ”دختر اسلام“، ”فتح ايران“ ۽ ”آخري اميد“ سميت 45 اسلامي تاريخي ناول سندس اسلامي شاهڪار شهپارا آهن. هن مغل رنگ محل“ ناول ان جي جواب ۾”ڏاهري رنگ محل“ ناول لکي راجائن ۽ مهاراجن جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا نتيجي ۾ ڏاهري رنگ محل تي پابندي لڳي. هو فقهي ملن جو مخالف هو جيڪي اسلام ۾ پنهنجون هٿرادو شيون داخل ڪري مسلمان لاءِ ڏکيائي پيدا ڪن ٿا. ڏيپلائي موجب ملن خلاف بغاوت جو ڪارڻ اهو ٻڌائي ٿو ته ”خاص ڪري هن حالت ۾ جو ملان به برهمڻن وانگر کيس اهو ئي حڪم ٿو ڪري ته ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين هر ڪم مون کان پڇي پوءِ ڪر ائين هر لحظو مونکان پڇي پوءِ گذار، سندس ترجمو ڪيل ناولن ۾ آمريڪي نوبل انعام يافتا پرل ايس بڪ جي ”ڊريگن سيڊ“ جو ”جاپاني گڏي“، جڳ مشهور روسي ناول نگار ميڪسم گورڪي کي شهرت جي بلندين تي پهچائيندر ناول Mother جو ” ماء ُ“، روسي اديب دوستو وسڪي جي (How The Steel was tempered) جي اردو ۾ ٿيل ترجمي ” دارو رسن ڪي آزمائش“ جو ”سسي نيزي پاند“ ۽ اردو جي عالم اديب مولانا عبدالحليم شرر جي ”فردوس برين“ جو ”گلستان حسن“ شامل آهن. ايڇ ٽي ليمبرڪ آزادي پسند حرن کي دهشتگرد قرار ڏئي.(The Terrorist) لکيو. ڏيپلائي صاحب ”سانگهڙ “ جهڙو شاهڪار ناول لکي سنڌ جي سورهيائي جي تاريخ جو بينظير دستاويز رقم ڪرڻ جو شاندار ڪارنامو سرانجام ڏنو نه ته اسان جو نئون نسل شايد ان تاريخي تحريڪ کان نا آشنا رهجي وڃي ها. ”سانگهڙ “ بابت ڊاڪٽر قاضي خادم جو چوڻ آهي ته ”هن ڪتاب جو پيغام ڏسبو ته اهو اهو آهي ته سنڌي قوم هڪ غيرت مند قوم آهي. هو بهادر ۽ وطن سان پيار ڪندڙ آهي، جنهن لاءِ اهو پنهنجي جان يا مال جي قربانيءِ جي پرواهه نٿي ڪري. سانگهڙ جو هر ڪردار پنهنجي جڳهه ته بهادري ۽ ايثار جو مجموعو آهي. هن ۾ نه صرف اهو ڏيکاريو ويو آهي جيڪي حقيقت ۾ ٿي گذريو، بلڪ اهو ڪجهه به ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ليکڪ جي سوچ موجب ٿيڻ گهرجي. اها سوچ، اهو فڪر، ۽ اهو اڳتي ڏسڻ جو احساس ئي هڪ اديب کي ٻين تي ممتاز ٿو ڪري.“سانگهڙ سندس مقبول ترين ناولن مان آهي جنهن جو اردو ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي. ڏيپلائي صاحب صحافت جي ميدان جو به شهسوار هو. ”اسلاميه دارلاشاعت ميرپور خاص“ ، ”قرآن پريس“ ، ”هفتيوار عبرت“ جيڪا اڳتي هلي روزاني عبرت ڪيائين (۽ بعد ۾ قاضين کي وڪرو ڪيائين)، ”اداره انسانيت“، ”ماهوار انسان“ ، ”ماهوار ساڻيهه“ ۽ ”روزاني سنڌ ٽائيمس“ ادارن جو بنياد وجهي انهن جي ذريعي قومي حقن جي جنگ وڙهڻ سان گڏ قوم کي مايوسي مان ٻاهر ڪڍي بيدار ڪرڻ جي جاکوڙ لاءِ رت ولوڙي ڀت ڪندو رهيو جنهن جي پاداش ۾ کيس مالي نقصانن سان گڏ ٽي ڀيرا جيل جون صعوبتون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون. پر هن ڪڏهن به همت نه هاري. ون يونٽ واري ڪاري دور ۾ ڏيپلائي صاحب وڏي دليري سان پهرين صف جي سنڌ پرست سپوت وارو ڪردار ادا ڪيو. ناٽڪ نويس جي حيثيت ۾ به سندس خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“ ”ڪانگريسي ڄار“ ، ”شاهدي“ ”ڪورٽ ناٽڪ“ ، ”نجومي“ ۽ ”ڏڪار“ سميت پاڻ 14 ناٽڪ لکيائين. جن مان ڏڪار ۾ ٿر ۾ ڏڪار ۽ ون يونٽ واري زماني ۾ لاهور ۾ ويٺل واڳ ڌڻين جي سنڌي ٻولي ۽ عوام جي حالتن اڻ ڄاڻائي ۽ نااهليءَ جي طنزيه انداز ۾ عڪاسي ڪيل آهي. اڄ جيڪڏهن ڏيپلائي صاحب زنده هجي ها ته ٿر جي حالتن ۽ واڳ ڌڻين جي لاپرواهي تي ضرور ڏڪار جهڙو ڪو ٻيو شاهڪار ناٽڪ لکي ها. افساني نگار طور ڏيپلائي جو قلم معاشري جي ناسورن تي وڄ جيان ڪڙڪيو هن نقلي مرشدن، وڏيرن، ڪامورن، وياج خورن، ۽ ملن خلاف ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا خاص طور ته اٻوجهه ماڻهن کي گمراه ڪندڙ، بلند ڪردار ڪوهين ميل ڏور،هٿ ٺوڪين ڪاني ڪرامتن جي دعويدار مرشدن ۽ پيرن جا ڪرتوت وائکا ڪري سندن ڇوڏا لاٿا آهن. پر ائين به نه آهي ته ڏيپلائي صاحب هر مرشد ۽ وڏيري جو ڪو مخالف آهي. سندس سانگهڙ ناول جو هيرو سورهيه بادشاهه آهي، خان صاحب عطا محمد پلي ۽ هڪ درويش محمود شاهه جو ذڪر سٺن لفظن ۾ ڪيو اٿس. ان جي باوجود ڪنهن شاعر جي هنن سٽن ۾ بيان ڪيل حقيقت کان منهن موڙي نٿو سهگجي.

    نامياري صحافي ۽ اديب پير علي محمد شاهه راشدي ڏيپلائي بابت لکيو آهي ته ”سنڌ جي هن گمنام سپاهي کي خدا ڪارڻ نه وسارڻ گهرجي جنهن ساري زندگي قوم جي خدمت ڪئي مگر قوم کام معاوضو نه ورتو. ساري عمر محنت ڪئي ۽ محنت ڪندي مري به ويو مگر نه مزدوري طلب ڪيائين نه احسان ڌريائين. بکون ڪڍيان ته فاقه مست رهيو جيل ۾ ويو ته مشقت کي مسرت سمجهايائين، غيرن کيس ستايو ته به ڪجهه نه ڪڇيائين، پنهنجن لاپرواهي ڪئي ته اف نه ڪيائين. صحافت ڪيائين ته صحافت کي امانت سمجهيائين ايترو لکيائين جو سندس جسماني قوتون جواب ڏئي ويون مگر همت نه هاريائين. سورهن ورهين جي عمر ۾ باهه دکي ۽ ساٺيڪو سالن تائين نه اجهاڻي، دل جي باهه هئي لڳي ته نه اجهاڻي انهيءَ باهه جي ڪرشمن جو اهل بصيرت کي خوب اندازو رهيو آهي جتي اها باهه ڀڙڪي لوهه کي سون بنائي ڇڏيائين. ان جي جلايل عاشقن جي پيرن جا نشان اڄ به نجد جي صحرا کان وٺي جامع مسجد دهلي جي ڏاڪڻين جي سامهون تائين جتي سرمد ستل آهي، اهل دل جا سجده گاهه بڻيل آهن“.

    سنڌ جي هن بسيار نويس ليکڪ 140 کان وڌيڪ ڪتاب لکي ادب جي گلستان کي سينگاريو آهي جنهن ۾ شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ پڻ شامل آهي سندس 34 هين ورسي جي موقعي تي شيخ اياز جي هنن سٽن سان کيس ياد ڪيون ٿا.

    سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيئن انسان
    وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمائيا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جو ماڻڪ موتي لال : سائين محمد عثمان ڏيپلائي

    سنڌ جي ڌرتي ٿرپارڪر جي زمين منجهان هڪ اهڙو هيرو پيدا ڪيو، جنهن جي پيدا ڪيل باوصف روشنيءَ جي ڪري هن جي ڄمار ڪڏهن به کُٽڻي ناهي. هن جنهن تي لکيو اها ڳالهه امر بڻجي ويئي ۽ جنهن جي سرپرستي ڪئي اهو پاڻ وري املهه ماڻڪ بڻجي پيو. ان هيري نما انسان، جاڳرتا جي جوت، روشن خيالي جي درويش صفت سورمي جو نالو محمد عثمان ڏيپلائي آهي. اهڙن ئي عظيم انسانن جي وصف بيان ڪندي فرانسيسي ليکڪ والٽيئر چيو هيو ته ” اهي ئي ماڻهو عظيم هوندا آهن جيڪي سچائي وسيلي انساني دماغن تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندا آهن ۽ اهي ماڻهو ڪڏهن به وڏا نه ٿا سڏي سگهجن جيڪي جبر سان انسانن کي غلام بڻائين“

    اڄ سندن ورسيءَ جو ڏينهن آهي. ڏيپلائي صاحب 150 ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. هڪ جري ۽ بهادر سورمي وانگر هن کي نه جيل جُهڪائي سگهيا نه وري اڻهوند هن جو رستو روڪي سگهي. ٿرپارڪر جي سرزمين جيڪا صدين کان سيدن، پيرن ۽ پنڊتن جي رحم ڪرم تي هئي، ان زمين تي رهندي هن هر قسم جي جبر جي خلاف به لکيو ۽ ان خلاف پنهنجو موقف پڻ پيش ڪيو. هن جي نگاهه انڊيا جي ڪرشن چندر جي روشن خيال ادبي هلچل تي به پوندي هئي ته آفريقي ملڪ ڪانگو جي پهرين چونڊيل جمهوري وزيراعظم ”پيٽرس لوممبا“ به هن جي نگاهن جو مرڪز هوندو هيو، جنهن کي 35 ورهين جي ڄمار ۾ فائرنگ اسڪواڊ تي بيهاري 17 جنوري 1961ع تي قتل ڪيو ويو هيو.

    جناب محمد عثمان ڏيپلائي جي ”انسانيت پريس“ پاران شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار ”انسان“ پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ جيڪا جوت جلائي، جنهن وسيلي جبر خلاف جيڪا مهم هلائي وئي اهو سنڌي ادب، صحافت ۽ سياست جو هڪ بي مثل ڪارنامو آهي. جيتوڻيڪ 1940ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ هلندڙ ” حُر هلچل“ هڪ وڏي هلچل هئي پر عام جائزو ڪندڙن جو خيال آهي ته جي محمد عثمان ڏيپلائي جيل ۾ ان هلچل تي پنهنجو عاليشان ناول ”سانگهڙ“ نه لکي ها ته شايد ان هلچل جي ڪٿا وڏڙن کان نئين نسل تائين پهچي ته ضرور ها پر اها سڄي سنڌ ۽ پوري ملڪ ۾ ايئن بيان نه ٿي سگهي ها، جيئن ”سانگهڙ“ ناول جي ڪري اڄ سوڌو مشهور آهي.

    جناب محمد عثمان ڏيپلائي جي درويشي، روشن خيالي، مسلسل محنت ڪرڻ ۽ ڪڏهن به نه جهُڪڻ واري عظيم جذبي کي سئو سلام !
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ڀيٽ ڪيل ”مهراڻ“

    ري- ميم

    اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جتي علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن جو چڱو ئي تعداد ٿوري وقت ۾ شايع ڪيو آهي، جيڪي سالن کان ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ هئا. اتي بورڊ پنهنجي ڪن محسنن ۽ عالمن اديبن تي ”مهراڻ، جا خاص نمبر ڪڍي انهن کي جيڪا ڀيٽا ڏني آهي، اها پڻ گهڻي تعريف جي لائق آهي. تازوي، قبله مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شمشير الحيدريءَ تي مهراڻ جا خاص نمبر ڌيان لهڻن ٿا. جن کي ادبي برادريءَ پاران گهڻو ساراهيو ويو آهي. يقينن انهن جي تعريف اداري ۽ ان کي هلائيندڙن جي تعريف آهي ۽ اهڙو تعريف لائق هڪ پرچو ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي ادب جي، سنڌي صحافت جي هڪ اڻ وسرندڙ نالي سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي علم، ادب ۽ شخصيت بابت پڻ شايع ڪيو ويو آهي.

    سنڌي سماج ۽ سنڌ جي علمي ادبي ادارن کان جيترو ڏيپلائي صاحب لهڻي اوترو اُهي کيس نه سگهيا آهن. ٿر جي رڃ مان جنم وٺندڙ ڏيپلائي صاحب سنڌ جي علم، ادب ۽ صحافت مٿان اهڙي ڇانوڪئي، جنهن ۾ اهو وڌيو ويجھيو، هن هڪ جهاد ڪيو، جنهن سنڌ تي پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن، ڏيپلائي صاحب بابت مهراڻ جو هي خاص نمبر ڏيپلائي صاحب کي سنڌي ادب جي محسن کي مانواري ڀيٽا آهي، ٻيءَ طرح ڏيپلائي صاحب سنڌ جو اهو عالم ۽ اديب آهي، جنهن بابت ڪيترن ئي هزارن صفحن جا پرچا شايع ڪجن تڏهن به اهي سندس پورهئي جو حق ادا ڪري نه سگهندا. ڏيپلائي صاحب هڪ شخص هئو ۽ هُن هڪ اداري جيترو ڪم ڪيو.

    تازو مهراڻ جو محمد عثمان ڏيپلائي نمبر اهو ٻڌائي ٿو ته هو ڪيڏي وڏي علم وارو عالم هو، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ٻڌائڻ ۽ لکڻ وارا پاڻ خود وڏي علم وارا ماڻهو آهن، مثال طور ڪجهه نالا هت ڏيڻ چاهيندس جيڪي آهن، سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، جمال ابڙو، ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، حميد سنڌي، شمشير الحيدري وغيره.. جڏهن ته نالن جي فهرست ۾ علم جو آسمان چمڪندڙ ستارن جيان آهي، علم جي هڪ روشن چهري محمد عثمان ڏيپلائي جي الڳ الڳ ڏسائن ۾ لکيل ليکن جو هڪ دستاويز آهي، مهراڻ جو هيءُ پرچو.

    ڏيپلائي صاحب جي علم جي ۽ ادب جي ڪٿ ته ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي پر هيءُ پرچو سندس حوالي ۾ هڪ يادگار دستاويز ٿي رهندو. اهڙي پڪ آهي. سندس ڪنهن حوالي لاءِ هي پرچو اهم ڄاڻ ڏيندڙ رڪارڊ طور ياد ڪيو ويندو. ساڳئي وقت سندس زندگيءَ جون ڪي يادگار لکڻيون پڻ هن پرچي جي آخر ۾ شامل ڪيون ويون آهن، هونئن هن پرچي کي الڳ الڳ حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ ڏيپلائي صاحب جي سوانج عمري ڏني وئي آهي، جيڪا سندس لائق فرزند محمد علي ڏيپلائي صاحب لکي آهي، جڏهن سندس ادبي زندگي جو خاڪو، کاهوڙي اديب تاج جوئي صاحب ترتيب ڏنو آهي.

    ٻئي حصي ۾ مقالا، مضمون، تاثر ۽ ليک ڏنل آهن، جيڪي ڏيپلائي صاحب بابت مختلف عالمن، اديبن جا لکيل آهن، گڏگڏ ٽئين حصي ۾ ڏيپلائي صاحب کي شعري ڀيٽا آهن، جنهن ۾ به الڳ شاعر حضرات شامل آهن، جنهن بعد ڏيپلائي صاحب جو هڪ يادگار انٽرو شامل ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ ڏيپلائي صاحب جي هڪ آتم ڪهاڻي ۽ سندس ڪجهه يادگار لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن کانپوءِ ڏيپلائي صاحب جي پڙهندڙن ۽ عالمن اديبن سان خط و ڪتابن جا ڪجهه حصا ڏنل آهن ۽ پوءِ سندس ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ کي لکيل خط ڏنا ويا آهن ۽ آخر ۾ سندس وفات تي آيل ڪي تعزيتي بيان ۽ خط ڏنل آهن، ايئن هيءُ پرچو هڪ يادگار پرچو بڻجي پيو آهي، جيڪو حوالي طور سدائين ياد رکيو ويندو ۽ وري وري پڙهيو ويندو. هيڏي وڏي ڪم ۾ ظاهر آهي هڪ شخص کان وڌيڪ شخص شامل هوندا آهن ۽ پڪ سان هن پرچي ۾ به بورڊ جي سڀني ڪم ڪندڙن جو عمل دخل آهي، پر خاص طور مان گهڻي تعريف ڀيڻ ثمينه ميمڻ جو ئي ڪرڻ چاهيندس. جنهن جي ذميواري ۽ محنت سان هيءُ پرچو گهڻو سٺو ٿيو آهي. ٻه هزار پنج عيسويءَ ۾ منظور ٿيل هيءُ پرڇو انهن شخصن کان ڳالهائڻ جو حق به ڦري ٿو جيڪي اختيارين جي مالڪيءَ هوندي به اهو آڻي نه سگهيا، ان ڪري ان سڀن رهجي ويل ڪتابن کي ڇپائڻ جوءِ هن پرچي کي نون سالن کانپوءِ آڻڻ جي نيڪي اسان جي دوست الهڏني وگهئي، موجوده سيڪريٽري ڏانهن وڃي ٿي سڀن جي سربراهيءَ لاءِ جميل سائين چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن به! ساڍن چئن سون صفحن تي پکڙيل هن پڪي جلد واري پرچي جو ملهه به چار سئو پنجاهه رپيا آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو