دروازو کڙڪيو، ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ سارنگ :ڪير آهي؟ جواب آيو؛سنڌ دروازو کُليو، ۽ سنڌ پنهنجا سمورا درد ڏک سور صدما تڪليفون اچي سارنگ کي ٻڌائڻ لڳي، آخر ۾ سنڌ چيو؛ افسوس آهي مونکي ، اوهان جي زندگي تي ، اوهان اڃان سُتا پيا آهيو. ۽ سنڌ واپس پنهنجا سڀ سور پنهنجي من اندر سانڍي هلي وئي. سارنگ دروازو بند ڪري وري وڃي سمهڻ لاء پلنگ تي ليٽيو. فقير عابد ديشي