سنڌ جا سور

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
دروازو کڙڪيو،
ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ
سارنگ :ڪير آهي؟
جواب آيو؛سنڌ
دروازو کُليو،
۽ سنڌ پنهنجا سمورا درد
ڏک سور صدما تڪليفون
اچي سارنگ کي ٻڌائڻ لڳي،
آخر ۾ سنڌ چيو؛
افسوس آهي مونکي ،
اوهان جي زندگي تي ،
اوهان اڃان سُتا پيا آهيو.
۽ سنڌ واپس پنهنجا سڀ سور پنهنجي من اندر سانڍي
هلي وئي.
سارنگ دروازو بند ڪري
وري وڃي سمهڻ لاء پلنگ تي ليٽيو.
فقير عابد ديشي
 
Back
Top