امر پيرزادي جي شعري مجموعي ”عشق“ جا نظم: هڪ اڀياس : رحمت پيرزادو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ننڍي ٽهيءَ جو وڏو شاعر: امر پيرزادو

    (امر پيرزادي جي شعري مجموعي ”عشق“ جا نظم: هڪ اڀياس)

    رحمت پيرزادو

    امر پيرزادي جو تازو آيل ڪتاب ” عشق“ امر جي شاعريءَ جو مضبوط ۽ خوبصورت حوالو بڻجي سامهون آيو آهي، امر پنهنجي تصورن ۽ نظرين ۾ ايڪسپلور ٿي رهيو آهي، امر سان منهنجو ذاتي لڳاءُ تمام جذباتي نوعيت جو آهي، ڇو ته هو اسان سڀني ۾ ننڍي عمر جو شاعر آهي ۽ ٻيو ته سندس والد انور پيرزادو اسان لاءِ پنهنجي بي لوث قرب وسيلي جيڪا انسپائريشن ڇڏي ويو آهي، ان کي اسان هن جنم ته فراموش نه ٿا ڪري سگهون.
    امر جي غزل تي ته تمام گهڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، پر مون کي سندس نظمن ۾ موجود سماجي شعور ۽ سياسي ائپروچ تي حيرت ٿي اچي، ته هن ايڏي وڏن موضوعن کي هيڏي ننڍي عمر ۾ ڇو ايترو محسوس ڪيو آهي!؟ بدقسمتيءَ سان امر پيرزادي جو شعور جنهن دور ۾ ڊيولپ ٿيو آهي يا سندس شاعري جنهن دور ۾ ڦوهه جوڀن تي رسي آهي، اهو دور سنڌ جي سماجي حوالي سان هڪ پسماندهه دور آهي، جنهن دور ۾ ٿاڻا وڪامجن ٿا، جنهن دور ۾ عدالتون نيلام ٿين ٿيون، جنهن دور ۾ صحافت جي مقدس چهري تي مختلف نقاب چڙهيل آهن، جنهن دور ۾ نعرا پئسن تي لکيا ٿا وڃن، جنهن دور ۾ منسٽر مٿي تي قرآن کڻي دانهين رهيا هجن، جنهن دور ۾ ٽي سئو بي گناهه ماڻهن جي قاتلن کي آزاد ڇڏي ڏنو وڃي، جنهن دور ۾ ليڊر رهبري نه ڪري سگهن، جنهن دور ۾ سياست عوام سان بيهوده مذاق بڻيل هجي، جنهن دور ۾ لاتعلقي، جهالت ۽ خوف ڄڻ ته سرڪاري پيڪيج وانگر دستياب هجن، اتي امر پيرزادو ڪري ته آخر ڪري ڇا!؟ هو پنهنجي معاشري ۾ هڪ ذميوار فرد جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ هو اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي ڪچڙيءَ عمر ۾ معاشري جي چٽي تصوير پيش ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ٿو.
    ان اظهار لاءِ خاص ڪري امر نظم جي صنف چونڊي آهي، جنهن ۾ پابند، آزاد ۽ نثري نظم، اچي وڃن ٿا. امر جي ڪتاب ۾ سندس پهريون نظم آهي ” ڪراچي “ جيڪو شهر ڪراچيءَ جي خوفناڪ حالتن جي حوالي سان لکيو ويو آهي، ڪراچيءَ جون حالتون جيڪي آسيبي انداز سان ماڻهن جي ذهنن تي اثر انداز ٿيون آهن، ڀيانڪ صورتحال جنهن سان هر ذهن پريشان آهي ۽ خوف هر ماڻهوءَ سان شولڊر بيگ وانگر ساڻ آهي، امر چئي ٿو ته :
    جوان پٽن تان ڪفن هٽائي
    مائرن کي لاش ڏيکارڻ وارا منظر
    هتي هر روز جو معمول آهن،
    عوام غصي ۾ آ،
    ۽ امن جو لاش
    بند ٻوريءَ ۾
    روڊ جي هڪ ڪنڊ ۾ پيو آهي ... ! ( امر)
    هي هڪ نظم آهي، جنهن ۾ هڪ درد آهي، جنهن ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ جي ڪڙاڻ ڀريل آهي، جيڪا اڄ جي سنڌ جي تلخ سچائي آهي.
    ڪراچيءَ کي هٿ سان سرڪاري سرپرستيءَ ۾ تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، لياريءَ جي ماڻهن کي اغوا ڪري سندس وارثن کي پنهنجي ٻچن جي قتل جو ٽائيم اڳ واٽ ٻڌايو پيو وڃي ۽ کين تشدد ڪري قتل ڪرڻ جون وڊيو سيڊيز وارثن ڏي اماڻيون ٿيون وڃن، اها اڄ جي ڪراچي آهي.
    ڪاڪي انور جي لکيل نظم ” ڪراچي“ ۽ امر جي لکيل نظم ” ڪراچيءَ “ جو مطالعو ڪبو ته اصل حقيقتون واضح نظر اينديون. امر جي نظم ۽ آزاد نظم تي انور پيرزادي جي نظم جو اثر آهي ۽ ڇو نه هجي، انور پيرزادو هر دور جو شاعر آهي، اڄ جڏهن سامونڊي ٻيٽ وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ شاهه لطيف جو سُر سامونڊي سنڌ جي وارثن کي پڪاري رهيو آهي، سٽ، سٽ، بيت بيت ۽ وائي وائي سراپا دانهن بڻجي وئي آهي ته انور پيرزادي جون اهي سٽون اڄ جي دور جو سچ بڻجي ويون آهن :
    اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان
    هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي
    ڌرتيءَ کان ڌار ڇني ٿا ڪن،
    ٿيون وايون تنهنجون وار پٽن،
    ۽ سُرڙا تنهنجا اوسارن،
    هي ارهي سرهي دانهن ڏجان
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان
    جنهن رات ۾ تو تي بيت چيا
    سا رات اڃا ڀي جاري آ ! ( انور پيرزادو )
    ڪير ٿو چئي ته شاعر مري به سگهي ٿو، جيڪو ڌرتيءَ سان جڙيل، ڳنڍيل ۽ ڀيوند شاعر آهي، اهو ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي ۽ سنڌ جي تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به ڪنهن وقت جي مانگر مچ سنڌ سان وير وڌو آهي ته سنڌي وڙهيا آهن، منظم ٿيا آهن ۽ فتح حاصل ڪئي اٿن، مون کي امر جي قلم ۾ ويساهه آهي ته اهو سامونڊي ٻيٽن تي ضرور نظم لکندو، بلوچستان تي انور پيرزادي جا نظم ڏسو، اڄ سنڌ سراپا بنگال جي جديد تصوير بڻيل آهي. انور پيرزادي جيڪي بنگال تي نظم لکيا هئا، اهڙا امر اڄ سنڌ تي لکي رهيو آهي. امر پيرزادي جي ننڍي عمر ۾ سياسي ۽ سماجي ائپروچ ايندڙ وقت ۾ وڏي شاعر جي اڳ ڪٿي آهي، امر جي نظم ” اُهي جي بنا ڏوهه ماريا ويا “ جون ڪجهه سٽون آهن ته :
    اهي جيڪي اغوا ٿي گم ٿي ويا،
    پتو ناهي آهن يا ناهن اڃا،
    اهي جن جون زالون ۽ ٻچڙا سدا،
    ٻُڌي در جو کڙڪو ٿا ڀڄندا وڃن،
    ۽ مايوسين ۾ ٿا گهرندا وڃن،
    اهي گهر قبر جيان ٿا ٿيندا وڃن. (امر)
    هي نظم سميع الله ڪلهوڙي، مظفر ڀٽي ۽ روپلي چولياڻيءَ جي چيريل سينن جو نظم آهي، ڇا اسان ظلم جي ان شدت کي محسوس ڪري ٿا سگهون، جو پٽ جو مسخ ٿيل لاش ماءُ نه ٿي سڃاڻي سگهي، هي نظم ايڏا سولا ناهن جو تاريخ انهن کي آسانيءَ سان هضم ڪري ويندي! هي جيئرا ايويڊنس آهن، هي سنڌ جي هن موجودهه دور جا اکين ڏٺا وٽنيسز آهن.
    هي اغوا ٿيل هي مسنگ پرسنس، جيڪي آصف بالادي، جي ايم ڀڳت ۽ آمريڪا ۾ ڊاڪٽري ڪندڙ صفدر سرڪيءَ جهڙا ذهين ماڻهو آهن، هي نظم انهن جي وڪالت ڪن ٿا، امر چئي ٿو :
    اهي جيڪي وحشي جنوني نه هئا،
    جنوني مليو موت تن کي هيو،
    اهي جن کي ٽي وي سڃاڻي نه ٿي،
    نه اخبار تن جي ڪا سُرخي هئين،
    سڃاڻپ رڳي جن جو تعداد آ،
    اهي جي شهيدن ۾ شامل نه ها ( امر)
    يا امر جي ٻئي نظم جون اهي ٻه سٽون ڏسو ته :
    جتي روشن خيالي،
    واجب القتل هجي !
    هي سٽون پڙهي مون کي حيرت لڳي، امر وٽ مٿين ليول جو سماجي شعور آهي، هن سنڌ جي سماج جو پوسٽ مارٽم ٿيندي ڏيکاريو آهي. هو سماج حقيقت نگاريءَ کان تخليقي گهرائيءَ تائين، هڪ مڪمل شاعر ٿو نظر اچي. سندس سٽون سماج جي (Deep Analysis) آهن، مٿان سندس احساساتي انداز بيان سندس تخليق کي وڌيڪ تلخ ٿو بڻائي ڇڏي.
    امر جي نظمن جو موضوع اڪثر ڪنهن نه ڪنهن عمل جو رد عمل آهي، خاص ڪري پنهنجي پيءُ انور پيرزادي، پنهنجي ماءُ ۽ وڏي ڀاءُ زبير لاءِ هن تعزيتي نظم لکيا آهن، يا حسن درس ۽ جگجيت سنگهه تي جيڪي احساساتي نظم لکيا آهن، اهي موضوع (يا حادثا) جنهن رد عمل جي صورت ۾ امر وٽ ظاهر ٿين ٿا، اهي هن شاعريءَ وسيلي اسان سان شيئر ڪيا آهن. سندس سماجي رويا ڏاڍا حساس آهن، هو رشتن ۽ واسطن کي شاعر جي اک سان ڏسي ٿو، امر جي اها معصوميت سندس تخليق جي نرواڻ آهي، هو پنهنجي چئوگرد سڀني شين کي پنهنجي شاعريءَ جي ننڍڙي دنيا جو خوبصورت حصو ٿو سمجهي ۽ اها ڊووشن سندس شاعريءَ کي زندگيءَ جي وڌيڪ ويجهو ٿي وٺي وڃي.
    امر وٽ نظم ۾ عورت لاءِ سافٽ ڪارنر آهي، ڇو ته هو ڪچي جي زندگيءَ سان گهري واقفيت رکي ٿو. ڪچو مون کي ڏک جي اها ڪک لڳندو آهي، جنهن ۾ ٻار درد جيان پلجندا آهن، ڪچو جنهن ۾ ڪيٽيون آهن، جتي عورتون پکين جيان واڙيون ۽ ماريون وينديون آهن. امر جي شاعراڻي اک جي ائپروچ، ان ڪچي جي عورت جي درد تائين پهتل آهي، هو چئي ٿو ته :
    جڏهن نه چاهيندي به توکي،
    اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو پئي،
    جنهن ۾ تنهنجي دل ۽ روح
    شامل نه هجن،
    ته پاڻ کي عورت تصور ڪجان ! (امر)
    امر ڄاڻي ٿو ته عورت ڪچي جي زندگيءَ کان يورپ جي ماڊرن سوسائٽيءَ تائين مظلوم آهي. امر پيرزادو پنهنجي ارڏي پيءُ وانگر فيمينزم کي سپورٽ ٿو ڪري، اهو سندس طبيعت جو انقلابي پڻو آهي، امر جي نظمن مان هن جي نظرين جي کول ٿيڻ کپي ۽ ها مان سندس نظم ” ڏاڏي ۽ پوٽي جي جوڙي“ اوهان لاءِ ان اميد تي ڇڏي ٿو ڏيان ته ان تي الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو